|
| 1 |
|
| انسان جو زال جي پيٽ مان ڄمي ٿو ٿورن ڏينهن لاءِ آهي ۽ تڪليف سان ڀريو پيو آهي. |
|
| 2 |
|
| هو گل وانگر پيدا ٿئي ٿو ۽ وڍيو وڃي ٿو، ۽ پاڇي وانگر لنگهي وڃي ٿو ۽ بيهي نٿو. |
|
| 3 |
|
| اهڙي شخص تي تون پنهنجون اکيون پٽين ٿو، ۽ مون کي پاڻ سان گڏ عدالت ۾ وٺي اچين ٿو ڇا؟ |
|
| 4 |
|
| ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ. |
|
| 5 |
|
| جڏهن هن جا ڏينهن ٿورا آهن، تڏهن بہ هن جي مهينن جو شمار تو وٽ آهي، ۽ تو هن جون حدون اهڙيون ٻڌي ڇڏيون آهن جو هو اُهي لنگهي نٿو سگهي؛ |
|
| 6 |
|
| تون هن کان ٻئي پاسي نهار تہ هن کي آرام اچي، جيستائين هو مزور وانگر پنهنجا ڏينهن پورا نہ ڪري. |
|
| 7 |
|
| ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو وڻ وڍجي ٿو تہ اها اُميد رهي ٿي تہ هو وري ڦٽندو، ۽ انجي نرم ٽاري نڪرڻ کان بند ٿي نہ ويندي. |
|
| 8 |
|
| جيتوڻيڪ ان جي پاڙ زمين ۾ پراڻي ٿي ويندي، ۽ ان جو ٿُڙ ڌرتيءَ ۾ سڪي ويندو، |
|
| 9 |
|
| تہ بہ پاڻيءَ جي بانس تي هو وري ڦٽندو، ۽ ٻوٽي وانگر ٽاريون ڪڍندو. |
|
| 10 |
|
| پر ماڻهو مري ٿو ۽ ڳريو وڃي: هائو، ماڻهو ساهہ ڏئي ٿو، پوءِ ڪٿي آهي؟ |
|
| 11 |
|
| جيئن سمنڊ مان پاڻي گهٽجي وڃي ٿو ۽ ندي لهي سڪي وڃي ٿي، |
|
| 12 |
|
| تيئن ماڻهو بہ سمهي ٿو ۽ وري اُٿي نٿو، جيستائين آسمان نابود ٿي نہ ويندو تيستائين هو نہ جاڳندا ۽ ننڊ مان اُٿاريا ويندا. |
|
| 13 |
|
| ڪهڙو نہ چڱو جي تون مون کي قبر ۾ لڪائين ۽ جيسين تنهنجي ڪاوڙ لهي وڃي تيسين مون کي لڪائي رکين، ۽ منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪري ڇڏين ۽ مونکي ياد ڪرين! |
|
| 14 |
|
| جي ڪو ماڻهو مري وڃي تہ اهو ڪو وري جيئندو ڇا؟ پنهنجي جنگ جهيڙي جا سڀ ڏينهن آءٌ منتظر رهندس، جيستائين منهنجو ڇوٽڪارو اچي. |
|
| 15 |
|
| تون سڏ ڪندين تہ آءٌ تو کي جواب ڏيندس: تو کي پنهنجن هٿن جي جڙيل شيءِ جي لاءِ خواهش هوندي. |
|
| 16 |
|
| پر هاڻي تون منهنجون وکون ڳڻين پيو، تون منهنجي گناهہ جي سنڀال نٿو ڪرين ڇا؟ |
|
| 17 |
|
| منهنجو گناهہ ڳوٿريءَ ۾ بند ٿيل ۽ مهر ڪيل آهي، ۽ تون منهنجو گناهہ قابو ڪري رکين ٿو. |
|
| 18 |
|
| تحقيق جيڪو جبل ڪري ٿو سو نابود ٿيو وڃي، ۽ ٽڪر پنهنجي جاءِ تان پاسي ڪيو وڃي ٿو، |
|
| 19 |
|
| پاڻي پٿر کي گسائي ٿو؛ ان جي اُٿل زمين جي مٽي وهائي ڇڏي ٿي؛ ۽ تون ماڻهوءَ جي اُميد ناس ڪرين ٿو. |
|
| 20 |
|
| تون هميشہ هن تي غالب پوين ٿو ۽ هو لنگهيو وڃي؛ تون هن جي شڪل ڦيرائي ڇڏين ٿو ۽ هن کي روانو ڪيو ڇڏين. |
|
| 21 |
|
| هن جا پٽ عزت حاصل ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي هن کي خبر نٿي پوي؛ ۽ هنن جو درجو گهٽايو وڃي ٿو پر هنن جو حال کيس معلوم نٿو ٿئي. |
|
| 22 |
|
| پر مٿس جيڪو ماس آهي تنهن ۾ درد رهي ٿو، ۽ هن جو روح هن منجهہ غمگين آهي. |
|
|
|
|