|
| 1 |
|
| تڏهن اليفز تيمانيءَ ورندي ڏئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| ڏاهي ماڻهوءَ کي ڪو مناسب آهي ڇا تہ اجائي علميت سان جواب ڏئي، ۽ پنهنجو پيٽ اُڀرندي جي واءُ سان ڀري؟ |
|
| 3 |
|
| بي فائدي گفتگو سان حجت دليل ڏئي، ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري جن مان ڪا بہ چڱائي نہ نڪري. |
|
| 4 |
|
| هائو، تون ڊپ کي هڪلي ٿو ڪڍين، ۽ خدا جي اڳيان دينداريءَ کي روڪين ٿو. |
|
| 5 |
|
| ڇالاءِ جو تنهنجو گناهہ تنهنجي وات کي تعليم ڏئي ٿو، ۽ تون ٺڳن جي زبان پسند ڪرين ٿو. |
|
| 6 |
|
| خود تنهنجو وات تو کي گنهگار ڪري ٿو، نہ آءٌ؛ هائو خود تنهنجا چپ توتي شاهدي ڏين ٿا. |
|
| 7 |
|
| تون پهريون ئي ڄاول ٻار آهين ڇا؟ يا تون ٽڪرين کان اڳي پيدا ٿيو هئين ڇا؟ |
|
| 8 |
|
| تو خدا جو راز معلوم ڪيو آهي ڇا؟ ۽ تو ڏاهپ کي پاڻ وٽ روڪي رکيو آهي ڇا؟ |
|
| 9 |
|
| تون ڇا ٿو ڄاڻين، جو اسين نٿا ڄاڻون؟ تو ۾ ڪهڙي سمجهہ آهي جا اسان ۾ نہ آهي؟ |
|
| 10 |
|
| اسان سان اڇي مٿي وارا ۽ تمام ڪراڙا ماڻهو آهن، جي تنهنجي پيءُ کان بہ عمر ۾ وڏا آهن. |
|
| 11 |
|
| خدا جا دلاسا تنهنجي لاءِ تمام خسيس آهن ڇا؟ ڪي مروت جون ڳالهيون تو سان ڪيون ويون آهن ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ تنهنجي دل تو کي کنيو ٿي وڃي؟ ۽ ڇو تون پنهنجون اکيون ڇنڀين ٿو؟ |
|
| 13 |
|
| جو تون پنهنجو روح ڦيرائي خدا جي برخلاف ڪرين ٿو، ۽ اهڙيون ڳالهيون پنهنجي واتان ٿو ڪڍين. |
|
| 14 |
|
| ماڻهو ڇا آهي جو پاڪ رهي سگهي؟ ۽ جيڪو زال جي پيٽ مان ڄاول آهي سو ڪو سچو ٿي سگهندو ڇا؟ |
|
| 15 |
|
| ڏس، هو پنهنجن پاڪ شخصن ۾ ڀروسو نٿو رکي؛ هائو؛ هن جي نظر ۾ آسمان بہ پاڪ نہ آهن. |
|
| 16 |
|
| سو اُهو ڪيترو نہ گهٽ پاڪ هوندو جيڪو ڪراهت جهڙو ۽ خراب آهي، اهڙو ماڻهو جو گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃي ٿو. |
|
| 17 |
|
| آءٌ توکي ڏيکاريندس، تون منهنجي ڳالهہ ٻڌ؛ ۽ جيڪي مون ڏٺو آهي سو آءٌ بيان ڪندس: |
|
| 18 |
|
| (جيڪي ڏاهن ماڻهن پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻڌي ٻين کي ٻڌايو آهي، ۽ لڪايو نہ اٿن؛ |
|
| 19 |
|
| ۽ رڳو انهن کي زمين ڏني ويئي هئي، ۽ ڪو بہ ڌاريو ماڻهو هنن ۾ لنگهي نہ ويو:) |
|
| 20 |
|
| شرير ماڻهو پنهنجا سڀ ڏينهن سور سان دانهون ڪري ٿو، بلڪ ظالم جي لاءِ جيڪي ورهيہ مقرر ڪيا ويا آهن تن ۾ بہ. |
|
| 21 |
|
| خوف جو آواز هنن جي ڪنن ۾ آهي، سک ۾ ڦرلٽ ڪرڻ وارو هن تي ڪاهي ايندو. |
|
| 22 |
|
| هن کي ويساهہ نٿو اچي تہ هو اونداهيءَ مان موٽي نڪري ايندو، بلڪ ترار هن جي لاءِ منتظر آهي: |
|
| 23 |
|
| هو مانيءَ جي لاءِ ٻاهر گهمي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ ڪٿي آهي؟ هو ڄاڻي ٿو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن تمام ويجهو آهي. |
|
| 24 |
|
| مصيبت ۽ ڏک هن کي ڊيڄارين ٿا، اهي هن تي غالب پون ٿا جيئن ڪو بادشاهہ جنگ لاءِ تيار هجي: |
|
| 25 |
|
| ڇالاءِ جو هن خدا جي برخلاف پنهنجو هٿ ڊگهيريو آهي، ۽ قادر مطلق جي برخلاف هو مغروريءَ سان هليو آهي؛ |
|
| 26 |
|
| هو مغروريءَ سان هن تي ڊوڙي ٿو ۽ سپرن جي ٿلهن بونبن سان: |
|
| 27 |
|
| ڇالاءِ جو هن پنهنجو منهن پنهنجي ٿولهہ سان ڍڪيو آهي، ۽ پنهنجن پاسن تي چرٻي ڀري اٿس. |
|
| 28 |
|
| ۽ هو ويران شهرن ۾ رهيو آهي، انهن ۾ جن ۾ ڪو بہ ماڻهو نٿو رهي، جي ڊهي ڍير ٿيڻ لاءِ هئا. |
|
| 29 |
|
| هو دولتمند نہ ٿيندو، نڪي هن جو مال ملڪيت جٽاءُ ڪندو، نڪي انهن جي ملڪيت زمين تي وڌندي. |
|
| 30 |
|
| هو اونداهيءَ مان نڪري ٻاهر نہ ويندو؛ شعلو هن جون ٽاريون سڪائي ڇڏيندو، ۽ پنهنجي وات جي پساهہ سان هو هليو ويندو. |
|
| 31 |
|
| هو پاڻ کي گمراہ ڪري بيهودگيءَ تي ڀروسو نہ ڪري، ڇالاءِ جو بيهودگي هن جو عيوضو ٿيندي. |
|
| 32 |
|
| اهو سڀ هن جي وقت کان اڳي پورو ٿيندو، ۽ هن جي ٽاري سائي نہ ٿيندي. |
|
| 33 |
|
| هو ڊاک وانگر پنهنجو ڪچو انگور ڇاڻي ڇڏيندو، ۽ زيتون وانگر پنهنجو ٻور اُڇلائي ڇڏيندو. |
|
| 34 |
|
| ڇالاءِ جو بيدينن جي جماعت سڃي سکڻي ٿيندي، ۽ رشوت جي تنبن کي باهہ ساڙي ناس ڪري ڇڏيندي. |
|
| 35 |
|
| شرارت هنن جي پيٽ ۾ آهي ۽ هو بدڪاري ڄڻين ٿا، ۽ هنن جي پيٽ ۾ ٺڳي پيئي نسري. |
|
|
|
|