×

Sindhi Bible 1962

ايوب ١٧

1
منهنجو روح فنا ٿي ويو آهي، منهنجا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، منهنجي لاءِ قبر تيار آهي.
2
مون کي يقين آهي تہ ٺٺولي ڪندڙ مون سان آهن، ۽ منهنجي اک هنن جي چيڙائڻ ۾ رهي ٿي.
3
هاڻي ڪو پڪو انجام ڏي، منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ضامن پؤ؛ ڪير آهي جو مون کي تاڙي ڏيندو؟
4
ڇالاءِ جو تو هنن جي دل سمجهہ کان لڪائي آهي: تنهن ڪري تون هنن کي مٿي نہ چاڙهيندين.
5
جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون.
6
هن مون کي ماڻهن جو هڪڙو پهاڪو ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ آءٌ اهڙو تہ ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿُڪون ٿا هڻن.
7
منهنجي اک ڏک جي ڪري ڌنڌ واري ٿي پيئي آهي، ۽ منهنجا سڀ عضوا پاڇي جهڙا ٿي پيا آهن.
8
سچار ماڻهو انهيءَ ڳالهہ تي حيران ٿيندا، ۽ بي ڏوهي پنهنجو پاڻ کي بيدينن جي برخلاف کڙو ڪندا.
9
تنهن هوندي بہ سچار پنهنجي راهہ تي قائم رهندو، ۽ راستباز وڌيڪ مضبوط ٿيندو ويندو.
10
پر هاڻي اوهين سڀ موٽي اچو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان ۾ هڪڙو بہ ڏاهو ماڻهو نٿو ڏسان.
11
منهنجا ڏينهن گذري ويا آهن ۽ منهنجا ارادا ڀڄي پيا آهن، بلڪ منهنجي دل جا خيال بہ.
12
اهي رات کي ڦيرائي ڏينهن ڪن ٿا: چوندا آهن تہ روشني اونداهيءَ کي ويجهي آهي.
13
جيڪڏهن آءٌ قبر کي پنهنجو گهر ڄاڻي منتظر ٿو رهان؛ جي مون پنهنجو هنڌ اونداهيءَ ۾ وڇايو آهي؛
14
جي مون موت کي چيو آهي تہ تون منهنجو پيءُ آهين، ۽ ڪينئين کي چيو اٿم تہ تون منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ آهين؛
15
تہ تڏهن منهنجي اُميد ڪٿي آهي؟ ۽ منهنجي اُميد کي ڪير ڏسندو؟
16
اها قبر جي گزن تائين هيٺ لهي ويندي، ۽ پوءِ اتي آخر مٽيءَ ۾ آرام هوندو.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو