|
| 1 |
|
| منهنجا ڏينهن گھٽايا ويا آهن، هاڻ منهنجو ساهہ لُڪيءَ ۾ اچي پهتو آهي، ۽ قبر منهنجي انتظار ۾ آهي. |
|
| 2 |
|
| منهنجي هيءَ حالت ڏسي هر ڪو مون تي ٺٺوليون ٿو ڪري، ۽ منهنجيون اکيون سندن ڇيڙڇاڙ کي رڳو ڏسنديون ٿيون رهن.“ |
|
| 3 |
|
| ”اي خدا! منهنجي بيڏوهي هجڻ لاءِ منهنجي دعويٰ قبول فرماءِ، ڇو تہ منهنجي بيڏوهي هجڻ جو ڪو ضامن ڪونهي، |
|
| 4 |
|
| ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي ساٿين جي دلين کي سچ سمجھڻ کان روڪي رکيو آهي. پر هاڻ مون تي الزام مڙهڻ ۾ تون هنن کي ڪاميابي نہ بخش، |
|
| 5 |
|
| ڇوجو چوڻي آهي تہ ’جيڪو ڪنهن کان پئسا وٺي پنهنجي دوست سان دغا ٿو ڪري، تنهن جي اولاد جي اکين آڏو مصيبتون ئي مصيبتون هونديون.‘ |
|
| 6 |
|
| خدا مون کي ماڻهن لاءِ هڪڙو پهاڪو بڻائي ڇڏيو آهي، آءٌ اهڙو ٿي پيو آهيان جو ماڻهو منهنجي منهن تي ٿڪون ٿا هڻن. |
|
| 7 |
|
| سو غم جي ڪري منهنجي نظر بہ ڌنڌلائجي ويئي آهي، ۽ منهنجي سڀني عضون جو ماس ڳري ويو آهي. |
|
| 8 |
|
| سچار ماڻهو بہ منهنجي حالت ڏسي دهلجي ويا آهن، هو اهو سمجھي منهنجي خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن تہ آءٌ خدا کي رد ڪندڙ آهيان. |
|
| 9 |
|
| سو سچار ماڻهو منهنجي حالت کان ڊڄي پنهنجي راهہ تي پختا رهن ٿا، هائو، جن جا هٿ صاف آهن سي وڌيڪ مضبوط ٿيندا وڃن ٿا. |
|
| 10 |
|
| پر جي اوهين سڀ جو سڀ، جيڪي پاڻ کي سچار ٿا سمجھو سي اچي مون آڏو بيهو، تہ اوهان ۾ هڪڙو بہ ڏاهو ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ نہ ايندو، جيڪو حقيقت کي سمجھي سگھي.“ |
|
| 11 |
|
| ”منهنجا ڏينهن گذري ويا آهن، منهنجا ارادا ٽٽي پيا آهن، هائو، منهنجي دل جون اميدون مٽجي ويون آهن. |
|
| 12 |
|
| پر منهنجا دوست رات کي ڏينهن ٿا چون، اهي چون ٿا تہ روشني ويجھي آهي، جڏهن تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ اونداهيءَ ۾ ئي آهيان. |
|
| 13 |
|
| مون کي ڪهڙي اميد آهي؟ جڏهن تہ قبر منهنجو گھر آهي، هائو، قبر جي اونداهيءَ ۾ مون پنهنجو هنڌ وڇايو آهي. |
|
| 14 |
|
| مون قبر کي چيو آهي تہ ’تون منهنجي ماءُ آهين.‘ ۽ ڪينئن کي چيو اٿم تہ ’توهين منهنجا پيءُ ۽ ڀائر آهيو.‘ |
|
| 15 |
|
| سو منهنجي اميد آهي ڪٿي؟ هائو، ڪير ڏسندو منهنجي اميد کي؟ |
|
| 16 |
|
| مون سان گڏ منهنجي اميد بہ قبر ۾ لهي هلندي، اسين ٻيئي مٽيءَ ۾ ملي وڃي آرامي ٿينداسين.“ |
|
|
|
|