|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| ڪيستائين اوهين منهنجي روح کي هلاڪ ڪندا ۽ ڳالهين سان مون کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندا؟ |
|
| 3 |
|
| هي ڏهہ ڀيرا اوهان مون کي طعنا هنيا آهن: اوهان کي شرم نٿو اچي جو مون سان سختيءَ جي هلت ٿا ڪريو. |
|
| 4 |
|
| جي سچ پچ مون خطا ڪئي آهي، تہ ڀلي منهنجي خطا مون وٽ ئي رهي. |
|
| 5 |
|
| جيڪڏهن اوهين منهنجي سامهون پنهنجي وڏائي پيا ڪندا، ۽ منهنجي خواريءَ جي منهنجي سامهون حجت ڪندا: |
|
| 6 |
|
| تہ ڄاڻو، تہ خدا منهنجي معاملي ۾ مون کي اُڇلائي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي چوڌاري ڄار وڌي اٿس. |
|
| 7 |
|
| ڏسو، آءٌ ظلم جي خلاف پڪاريان ٿو پر منهنجي ٻڌي نٿي وڃي: آءٌ مدد لاءِ پڪاريان ٿو پر ڪو انصاف ڪونهي. |
|
| 8 |
|
| هن منهنجي راهہ اهڙي روڪي آهي جو آءٌ لنگهي نٿو سگهان، ۽ منهنجن رستن ۾ اونداهي ڪئي اٿس. |
|
| 9 |
|
| هن منهنجو جلال مون تان لاهي ورتو آهي، ۽ منهنجي مٿي تان ڇٽ کڻي ورتو اٿس. |
|
| 10 |
|
| هن مون کي هر طرف کان ڀڃي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ ناس ٿي ويو آهيان: ۽ منهنجي اُميد هن وڻ وانگر پٽي ڪڍي آهي. |
|
| 11 |
|
| هن مون تي پنهنجي ڪاوڙ بہ تيز ڪئي آهي، ۽ هو مون کي پنهنجن مخالفن مان هڪڙو شمار ٿو ڪري. |
|
| 12 |
|
| هن جا لشڪر گڏ هليا اچن، ۽ اُهي مون ڏي پنهنجو رستو ڪڍن ٿا، ۽ منهنجي تنبوءَ جي چوڌاري منزل ٿا ڪن. |
|
| 13 |
|
| هن منهنجن ڀائرن کي مون کان پري ڪيو آهي، ۽ منهنجا واقف مون کان اصل ڌار ڪيا اٿس. |
|
| 14 |
|
| منهنجا مٽ مائٽ مون کي ڇڏي ويا آهن، ۽ منهنجن گهاٽن دوستن مون کي وساري ڇڏيو آهي. |
|
| 15 |
|
| جيڪي منهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي، ۽ منهنجون ٻانهيون، مون کي ڌاريو ٿيون شمار ڪن: هنن جي نظر ۾ آءٌ هڪڙو پرديسي آهيان. |
|
| 16 |
|
| آءٌ پنهنجي ٻانهي کي سڏ ٿو ڪريان پر هو مون کي جواب نٿو ڏي، جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي وات سان هن جي منٿ ٿو ڪريان. |
|
| 17 |
|
| منهنجي زال کي مون مان بانس ٿي اچي، ۽ منهنجي ماءُ جو اولاد مون کي ڌڪاري ٿو. |
|
| 18 |
|
| ويندي ننڍا ٻار بہ مون کي ڌڪارين ٿا؛ جڏهن آءٌ اُٿان ٿو تہ هو منهنجي برخلاف ڳالهائين ٿا. |
|
| 19 |
|
| سڀ منهنجا دلي دوست مون سان نفرت ٿا ڪن: ۽ جن سان منهنجي محبت هئي سي مون کان ڦري ويا آهن. |
|
| 20 |
|
| منهنجو هڏو منهنجي کل ۽ ماس کي چنبڙيو ٿو پوي، ۽ آءٌ ذري گهٽ بچي ويو آهيان. |
|
| 21 |
|
| اي منهنجا عزيزو، مون تي رحم ڪريو، مون تي رحم ڪريو؛ ڇالاءِ جو خدا جو هٿ مون تي ڳورو آهي. |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ اوهين مون کي خدا وانگر ستايو ٿا، ۽ منهنجي بت تي رحم نٿا ڪريو. |
|
| 23 |
|
| اڙي، جي هاڻي منهنجون ڳالهيون لکيون وڃن تہ چڱو! اڙي جي اُهي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيون وڃن تہ چڱو! |
|
| 24 |
|
| جي اُهي لوهہ جي قلم ۽ شيشي سان هميشہ لاءِ ٽڪر تي اُڪريون وڃن تہ چڱو! |
|
| 25 |
|
| پر مون کي خبر آهي تہ منهنجو نجات بخشيندڙ جيئرو آهي، ۽ اهو پڇاڙيءَ جي ڏينهن زمين تي اٿي بيهندو. |
|
| 26 |
|
| ۽ منهنجي کل جي انهيءَ طرح ناس ٿيڻ کان پوءِ بہ پنهنجي جسم ۾ آءٌ خدا کي ڏسندس: |
|
| 27 |
|
| جنهن کي آءٌ پاڻ ڏسندس ۽ منهنجون ئي اکيون ڏسنديون نہ ٻيون. منهنجا آنڊا منهنجي اندر ۾ سڙي ڳري ويا آهن. |
|
| 28 |
|
| جيڪڏهن اوهين چوندا تہ اسين هن کي ڪيئن نہ ستائينداسين، ڇالاءِ جو ڳالهہ جو بنياد مون ۾ موجود آهي؛ |
|
| 29 |
|
| تہ اوهين ترار جو خوف ڪريو: ڇالاءِ جو غضب ترار جي مار آڻي ٿو، تہ ڀلي اوهين ڄاڻو تہ هڪڙي عدالت ٿيندي. |
|
|
|
|