|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”ڪيستائين اوهين منهنجي جان جھوريندا رهندا؟ ڪيستائين پنهنجي ڳالهين سان اوهين مون کي وڍ ڏيندا رهندا؟ |
|
| 3 |
|
| بار بار اوهان مون کي ملامت ڪندا رهيا آهيو، اوهان کي شرم نہ ٿو اچي جو مون کي ستايو ٿا؟ |
|
| 4 |
|
| ڀلا، جيڪڏهن مون کان سچ پچ ڪا خطا ٿي آهي، تہ پوءِ ان مان اوهان کي ڪهڙو نقصان رسيو آهي؟ |
|
| 5 |
|
| اوهين پاڻ کي هر ڳالهہ ۾ مون کان مٿاهون پيا سمجھو، ۽ سمجھو ٿا تہ منهنجي مصيبت منهنجي گناهہ جي ثابتي آهي، |
|
| 6 |
|
| پر ائين نہ آهي بلڪ خدا پنهنجي ڪنهن منصوبي تحت مون کي پستيءَ ۾ اڇلايو آهي، هائو، هن مون کي ڦاسائڻ لاءِ منهنجي چوڌاري پنهنجو ڄار وڌو آهي. |
|
| 7 |
|
| ڏسو، آءٌ انهيءَ ظلم جي خلاف پڪاريان پيو، پر منهنجي ٻڌي نہ ٿي وڃي، هائو، آءٌ مدد لاءِ روئان رڙان پيو، پر مون سان انصاف نہ ٿو ٿئي. |
|
| 8 |
|
| خدا منهنجي راهہ ۾ اهڙو لوڙهو هڻي ڇڏيو آهي، جو آءٌ لنگھي نہ ٿو سگھان. هن منهنجي رستن کي اونداهو ڪري ڇڏيو آهي. |
|
| 9 |
|
| هن منهنجي عزت مون کان کسي ورتي آهي، هائو، منهنجي مٿي تان ڄڻ تاج لاهي ورتو اٿس. |
|
| 10 |
|
| هن مون کي هر طرف کان برباد ڪري ڇڏيو آهي، هائو، آءٌ تہ ناس ٿي ويو آهيان. هن منهنجي اميد کي وڻ وانگر پاڙان پٽي اڇلايو آهي. |
|
| 11 |
|
| هن مون تي پنهنجو اهڙو غضب نازل ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ آءٌ سندس دشمنن ۾ شامل آهيان. |
|
| 12 |
|
| هن مون تي حملي ڪرڻ لاءِ ڄڻ مصيبتن جون فوجون موڪليون آهن، جيڪي منهنجي گھر جي چوڌاري مورچا ٺاهي گھيرو ڪيو ويٺيون آهن. |
|
| 13 |
|
| هن منهنجي مائٽن هٿان مون کي ڌڪاري ڪڍيو آهي، بلڪ منهنجا ڄاڻ سڃاڻ وارا بہ مون کان بيگانا ڪري ڇڏيا اٿائين. |
|
| 14 |
|
| منهنجا مٽ مائٽ مون کان بيزار ٿي ويا آهن، ۽ گھاٽن دوستن مون کي وساري ڇڏيو آهي. |
|
| 15 |
|
| منهنجي گھر ۾ رهڻ وارن مون کي وساري ڇڏيو آهي، منهنجيون ٻانهيون بہ مون کي ڌاريو ٿيون سمجھن، ۽ سندن نظرن ۾ آءٌ بيگانو ٿي پيو آهيان. |
|
| 16 |
|
| آءٌ پنهنجي ٻانهي کي سڏ ٿو ڪريان، بلڪ کيس منٿ ٿو ڪريان، تہ بہ هو مون کي ورندي ڪين ٿو ڏئي. |
|
| 17 |
|
| منهنجي زال کي مون مان بدبوءِ ٿي اچي، ۽ منهنجا سڳا ڀائر بہ مون کي ڌڪارين ٿا. |
|
| 18 |
|
| ايتري قدر جو ننڍا ٻار بہ مون کان نفرت ٿا ڪن، جڏهن هو مون کي ڏسن ٿا تہ مون تي ٺٺوليون ڪري کلن ٿا. |
|
| 19 |
|
| منهنجا سڀيئي همراز دوست مون کان ڪراهت ٿا ڪن، جن سان منهنجي محبت آهي، سي بہ منهنجي خلاف ٿي ويا آهن. |
|
| 20 |
|
| مون وٽ باقي رهيو ئي ڇا آهي؟ رڳو موت جو مزو نہ چکيو اٿم، هائو، مون وٽ بنا ماس جي هي هڏائون پڃرو ئي باقي وڃي رهيو آهي. |
|
| 21 |
|
| اي منهنجا دوستؤ! گھٽ ۾ گھٽ اوهين تہ مون تي رحم ڪريو، ڇو تہ خدا جو ڳرو هٿ مون تي اچي پيو آهي. |
|
| 22 |
|
| اوهين ڇو خدا وانگر مون کي ستايو ٿا، ۽ منهنجي حال تي رحم نہ ٿا ڪريو؟ |
|
| 23 |
|
| ڪاش! منهنجيون هي ڳالهيون لکيون وڃن ها. ڪاش! اهي ڪنهن ڪتاب ۾ درج ڪيون وڃن ها. |
|
| 24 |
|
| ڪاش! اهي ڇيڻيءَ سان پٿر تي اُڪريون وڃن ها، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هميشہ لکيل رهن ها. |
|
| 25 |
|
| تنهن هوندي بہ مون کي يقين آهي تہ هڪڙو آهي جيڪو مون کي سچو قرار ڏيندو، هائو، آخرڪار اهو هن ڌرتيءَ تي منهنجي لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. |
|
| 26 |
|
| بيشڪ آءٌ پنهنجي هن ئي بدن ۾ رهي خدا آڏو ضرور بيهندس، توڙي جو منهنجي کل کي ماس کان ڳاري لاٿو وڃي، |
|
| 27 |
|
| هائو، آءٌ پاڻ انهيءَ کي ڏسندس، منهنجيون پنهنجيون اکيون کيس ڏسنديون، نہ ڪنهن ٻئي جون. انهيءَ گھڙيءَ جي انتظار ۾ منهنجي دل ڪيڏي نہ سڪي ٿي! |
|
| 28 |
|
| سو جيڪڏهن اوهين اڃا بہ چئو ٿا تہ ’اسين ڪهڙن طريقن سان هن کي ستايون، تہ جيئن اهو ثابت ڪريون تہ سندس مصيبتن جو بنياد هو پاڻ آهي.‘ |
|
| 29 |
|
| تہ پوءِ اوهين حق جي تلوار کان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خدا جو قهر تلوار جون سزائون آڻي ٿو، پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندءُ تہ عدالت ضرور لڳندي.“ |
|
|
|
|