|
| 1 |
|
| پوءِ ضوفر نعماتيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| انهيءَ ڪري منهنجا خيال مون کي جواب سيکارين ٿا، انهيءَ جلديءَ جي ڪري جا مون ۾ آهي. |
|
| 3 |
|
| مون اهو طعنو ٻڌو آهي جو مون کي شرمندو ٿو ڪري، پر منهنجي عقل جو روح مون کي جواب ٿو ڏئي. |
|
| 4 |
|
| تون قديم وقت کان وٺي نٿو ڄاڻين ڇا، جنهن وقت ماڻهوءَ کي زمين تي پيدا ڪيو ويو هو، |
|
| 5 |
|
| تہ شريرن جي فتحيابي ٿوري، ۽ بيدينن جي خوشي هڪڙي لحظي جي آهي؟ |
|
| 6 |
|
| جيتوڻيڪ هن جي وڏائي چڙهي آسمانن تائين وڃي پهچي، ۽ هن جو مٿو ڪڪرن تائين وڃي رسي؛ |
|
| 7 |
|
| تہ بہ هو پنهنجي گونهن وانگر هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندو: جن هن کي ڏٺو آهي سي چوندا تہ هو ڪٿي آهي؟ |
|
| 8 |
|
| هو خواب وانگر اُڏامي ويندو، ۽ لڀندو ئي ڪين: هائو، هو رات جي رويائن وانگر ڀڄايو ويندو. |
|
| 9 |
|
| جنهن اک هن کي ڏٺو آهي سا وري نہ ڏسنديس؛ نڪا سندس جاءِ کيس وري ڏسندي. |
|
| 10 |
|
| هن جا ٻار غريبن جي مهرباني ڳوليندا وتندا، ۽ هن جا هٿ سندس دولت موٽائي ڏيندا. |
|
| 11 |
|
| هن جا هڏا جوانيءَ سان ڀريل آهن، پر اها ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ ليٽندي. |
|
| 12 |
|
| جيتوڻيڪ شرارت هن جي وات ۾ مٺي هوندي، جيتوڻيڪ هو اها پنهنجي ڄڀ هيٺيان لڪائيندو. |
|
| 13 |
|
| جيتوڻيڪ هو انهيءَ کي بچائيندو ۽ وڃڻ نہ ڏيندو، پر پنهنجي وات منجهہ سنڀاليو رکيو ايندو: |
|
| 14 |
|
| تڏهن بہ هن جو کاڌو سندس آنڊن ۾ بدلجي ويندو، ۽ منجهس ڦري سپن جو زهر ٿي پوندو. |
|
| 15 |
|
| هو دولت ڳهي ويو آهي ۽ اها هو وري اُلٽي ڪري ڪڍندو: اها خدا هن جي پيٽ مان ڪڍي ڇڏيندو. |
|
| 16 |
|
| هو سپن جو زهر چوسيندو: نانگ جي زبان هن کي ماري وجهندي. |
|
| 17 |
|
| هو ندين کي نہ ڏسندو، يعني اهي جن ۾ ماکي ۽ مکڻ وهن ٿا. |
|
| 18 |
|
| جنهن جي لاءِ هن پورهيو ٿي ڪيو سو هو موٽائي ڏيندو ۽ ڳهي نہ ويندو؛ جيڪو مال ملڪيت وٽس آهي تنهن موجب هو خوشيون نہ ڪندو. |
|
| 19 |
|
| ڇالاءِ جو هن غريبن تي ظلم ڪيو آهي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنو اٿس؛ هن زور زبردستيءَ سان جيڪو گهر ورتو آهي سو هو نہ اڏيندو. |
|
| 20 |
|
| ڇالاءِ جو هن پنهنجي اندر ۾ ڪوبہ آرام نہ ڏٺو، ۽ جنهن شيءِ مان هن کي خوشي حاصل ٿي ٿئي تنهن مان ڪجهہ نہ بچائيندو. |
|
| 21 |
|
| اهڙي ڪا بہ شيءِ نہ بچي جا هن ڳڙڪائي نہ ڇڏي؛ تنهن ڪري هن جو سک جٽاءُ نہ ڪندو. |
|
| 22 |
|
| هو پنهنجي جهجهي ملڪيت هوندي بہ تنگيءَ سان گذاريندو: سڀ ڪنهن مصيبت ماريءَ جو هٿ هن جي مٿان رهندو. |
|
| 23 |
|
| جڏهن هو پنهنجي پيٽ ڀرڻ تي هوندو، تڏهن خدا پنهنجو خوفناڪ غضب هن تي اُڇلائي وجهندو، ۽ اڃا ويٺو کائيندو تہ مٿانئس اهو مينهن وانگر وسائيندو. |
|
| 24 |
|
| هو لوهہ جي هٿيار کان ڀڄندو، ۽ پتل جي ڪمان جو تير هن کي چُڀي ماري ڇڏيندو. |
|
| 25 |
|
| هو انهيءَ کي ڇڪي ڪڍي ٿو ۽ اهو سندس بدن مان نڪري اچي ٿو: هائو چمڪندڙ چهنب هن جي پتي مان نڪري اچي ٿي؛ خوف هن تي غالب آهن. |
|
| 26 |
|
| ساري اونداهي هن جي لاءِ خزانو ٿي رکيل آهي، جا باهہ ماڻهوءَ نہ ٻاري آهي سا هن کي ساڙي کائي ڇڏيندي؛ جيڪي هن جي تنبوءَ ۾ باقي بچيو آهي سو اُها ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. |
|
| 27 |
|
| آسمان هن جو گناهہ ظاهر ڪندا، ۽ زمين هن جي برخلاف اُٿندي. |
|
| 28 |
|
| سندس گهر جي برڪت هلي ويندي، ۽ هنجو مال متاع سندس ڪاوڙ جي ڏينهن، وهي هليو ويندو. |
|
| 29 |
|
| اهو آهي هڪڙي شرير ماڻهوءَ جو خدا وٽان آيل حصو، ۽ اهو ورثو جو خدا سندس لاءِ مقرر ڪيو آهي. |
|
|
|
|