|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ۽ انهيءَ مان ڀلي تہ اوهان کي تسلي ٿئي. |
|
| 3 |
|
| مون کي ڇڏيو تہ آئون بہ ڳالهايان؛ ۽ جڏهن ڳالهائي بس ڪريان تڏهن پيا ٺٺوليون ڪجو. |
|
| 4 |
|
| پر منهنجي دانهن ڪا ماڻهوءَ وٽ آهي ڇا؟ ۽ ڇو آءٌ بي صبر نہ ٿيان. |
|
| 5 |
|
| مون تي نظر ڪريو ۽ عجب ۾ پئو، ۽ پنهنجا هٿ پنهنجي وات تي رکو. |
|
| 6 |
|
| بلڪ جڏهن مون کي يادگيري پوي ٿي تڏهن آءٌ بي آرام ٿو ٿيان، ۽ خوف کان منهنجو بت ڏڪيو وڃي. |
|
| 7 |
|
| شرير ماڻهو ڇو ٿا جيئن ۽ ٻڍا ٿين، هائو، ۽ طاقت ۾ وڌيڪ زور وارا ٿيندا وڃن؟ |
|
| 8 |
|
| هنن جو نسل سندن ڏسندي ساڻن گڏ قائم ٿو ٿئي، ۽ هنن جو اولاد سندن اکين اڳيان. |
|
| 9 |
|
| هنن جا گهر ڊپ کان بچيا پيا آهن، نڪا خدا جي لٺ هنن تي آهي. |
|
| 10 |
|
| هنن جو ڏاند چڙهي ٿو ۽ بس نٿو ڪري، هنن جي ڳئون ڦر ڏئي ٿي ۽ ٻچو ڪيرائي نٿي. |
|
| 11 |
|
| هو پنهنجا ٻار ٻچا مال جي ڌڻ وانگر ٻاهر موڪلي ڏين ٿا، ۽ هنن جا نينگر نچن ٿا. |
|
| 12 |
|
| هو دف ۽ بربط تي ڳائين ٿا، ۽ شرنائي جي آواز تي خوشيون ڪن ٿا. |
|
| 13 |
|
| هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذارين ٿا، ۽ هڪڙي لحظي ۾ هو هيٺ قبر ۾ لهيو وڃن. |
|
| 14 |
|
| انهيءَ هوندي بہ هنن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ، ڇالاءِ جو اسين تنهنجا رستا ڄاڻڻ نہ ٿا گهرون. |
|
| 15 |
|
| قادر مطلق ڪير آهي جو اسين انهي جي عبادت ڪريون، ۽ جي اسين انهيءَ کان دعا گهرون تہ اسان کي ڪهڙو فائدو پهچندو. |
|
| 16 |
|
| ڏسو هنن جو سک سندن هٿن ۾ نہ آهي، شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي. |
|
| 17 |
|
| ڪيترا نہ ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ شريرن جو ڏيئو وسايو ٿو وڃي؟ ۽ هنن جي آفت هنن جي مٿان اچي ڪڙڪي ٿي؟ خدا پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن تي ڏک موڪلي ٿو. |
|
| 18 |
|
| ۽ اهي واءُ جي سامهون سڪل ٻٿ وانگر آهن، ۽ انهيءَ بهہ وانگر، جنهن کي طوفان اُڏائي ڇڏي ٿو. |
|
| 19 |
|
| اوهين چئو ٿا تہ خدا هن جو گناهہ هن جي اولاد لاءِ گڏ ڪيو رکيو ڇڏي؛ ڀلي تہ هو انهيءَ کي بدلو ڏئي تہ خبر پويس. |
|
| 20 |
|
| ڀلي تہ خود سندس اکيون سندس تباهي ڏسن، ۽ ڀلي تہ هو قادر مطلق جي ڪاوڙ پيئي. |
|
| 21 |
|
| ڇالاءِ جو هن کي پاڻ کان پوءِ پنهنجي گهر ۾ ڪهڙي خوشي آهي، جڏهن سندس مهينن جو شمار وچ ۾ ئي وڍيو ويو آهي؟ |
|
| 22 |
|
| ڪو خدا کي علم سيکاريندو ڇا؟ جيڪي وڏا آهن تن تي هو فتويٰ جاري ٿو ڪري. |
|
| 23 |
|
| هڪڙو تمام گهڻي زور ۾ مري ٿو، ۽ نهايت آرام ۽ فرحت ۾: |
|
| 24 |
|
| هن جون ڇاتيون کير سان ڀريل آهن ۽ هن جي هڏن جي مِک آلي آهي. |
|
| 25 |
|
| ۽ ٻيو ساهہ جي ساڙ ۾ مري ٿو، ۽ چڱائيءَ جو ذرو بہ نٿو چکي. |
|
| 26 |
|
| اهي ٻئي هڪ جهڙا مٽيءَ ۾ سمهن ٿا، ۽ ڪينئان هنن کي ڍڪيو ڇڏين. |
|
| 27 |
|
| ڏسو، آءٌ اوهان جا خيال معلوم ڪريان ٿو، ۽ جيڪي رٿون مون سان ظلم ڪرڻ لاءِ اوهين منهنجي برخلاف رٿيو ٿا. |
|
| 28 |
|
| ڇالاءِ جو اوهين چئو ٿا تہ امير جو گهر ڪٿي آهي: ۽ تنبوءَ ۾ جيڪي شرير رهندا هئا سي ڪٿي آهن؟ |
|
| 29 |
|
| جيڪي رستو وٺيو وڃن انهن کان اوهان پڇيو آهي ڇا؟ ۽ اوهين انهن جا نشان نٿا ڄاڻو؟ |
|
| 30 |
|
| تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟ |
|
| 31 |
|
| ڪير سندس رستو سندس منهن تي ظاهر ڪري ٻڌائيندو؟ ۽ جيڪي ڪيو اٿس تنهن جو ڪير هن کي بدلو ڏيندو؟ |
|
| 32 |
|
| انهيءَ هوندي بہ هن کي قبر ڏي کڻي ويندا، ۽ هن جي قبر تي پهرو ڏيندا. |
|
| 33 |
|
| واديءَ جا ڀتر هن کي مٺا لڳندا، ۽ سڀ ماڻهو هن جي پٺيان لڳندا، جيئن ڪ بيشمار ماڻهو سندس اڳيان هئا. |
|
| 34 |
|
| تڏهن ڪيئن اوهين مون کي اجايو تسلي ڏيو ٿا، جڏهن اوهان جن جوابن ۾ رڳو ڪوڙ آهي. |
|
|
|
|