|
| 1 |
|
| پوءِ اليفز تيمانيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| ڪو انسان خدا کي ڪمائتو ٿي سگهندو ڇا؟ يقين آهي تہ اهو جو ڏاهو آهي سو پنهنجي لاءِ ئي ڪمائتو آهي. |
|
| 3 |
|
| تنهنجي سچار هئڻ مان قادر مطلق کي ڪا خوشي حاصل ٿئي ٿي ڇا؟ يا جي تون پنهنجا رستا ڪامل ڪندين تہ هن کي ڪو فائدو پهچندو ڇا؟ |
|
| 4 |
|
| ڇالاءِ جو توکي ڊپ رهي ٿو تنهن ڪري هو توکي ڇينڀي ٿو ڇا؟ ۽ توکي عدالت ۾ آڻي ٿو ڇا؟ |
|
| 5 |
|
| تنهنجي شرارت وڏي نہ آهي ڇا؟ نڪا تنهنجن گناهن جي ڪا پڄاڻي آهي. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو تو ناحق پنهنجي ڀاءُ کان گروي شيون ورتيون آهن، ۽ اُگهاڙن جا ڪپڙا لاهي ورتا اٿيئي. |
|
| 7 |
|
| تو ٿڪلن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نہ ڏنو آهي، ۽ تو بکايلن جي ماني روڪي ڇڏي آهي. |
|
| 8 |
|
| پر زور واري ماڻهوءَ کي زمين ملي، ۽ آبروءَ وارو ماڻهو انهيءَ ۾ رهڻ لڳو. |
|
| 9 |
|
| تو بيوہ زالن کي خالي هٿين ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ يتيمن جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون اٿيئي. |
|
| 10 |
|
| تنهن ڪري تنهنجي چوڌاري ڦندا آهن، ۽ اوچتو ڊپ توکي هلاڪ ڪري ٿو. |
|
| 11 |
|
| يا اهڙي اونداهي، جا تون ڏسي نٿو سگهين، ۽ بي انداز پاڻي توکي ڍڪيو ڇڏي. |
|
| 12 |
|
| آسمان جي بلنديءَ تي خدا ناهي ڇا؟ ۽ تارن جي اوچائي تہ ڏس، اُهي ڪيترو نہ مٿي آهن! |
|
| 13 |
|
| ۽ تون چوين ٿو تہ خدا ڇا ٿو ڄاڻي؟ هو گهاٽي اونداهيءَ ۾ ڪو انصاف ڪري سگهندو ڇا؟ |
|
| 14 |
|
| گهاٽا ڪڪر هن جو پردو آهن، جنهن ڪري هو ڏسي نٿو سگهي؛ ۽ هو آسمان جي چوڌاري گهمي ٿو. |
|
| 15 |
|
| تون قديم رستي تان هلندين ڇا جنهن تان شرير ماڻهو هليا آهن؟ |
|
| 16 |
|
| جي پنهنجي وقت کان اڳي گهلجي نڪري ويا آهن، ۽ جن جو بنياد نديءَ وانگر وهي ويو. |
|
| 17 |
|
| ڪنهن خدا کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ۽ قادر مطلق اسان جي لاءِ ڇا ڪري سگهندو؟ |
|
| 18 |
|
| تنهن هوندي بہ هن انهن جا گهر چڱين شين سان ڀري ڇڏيا: پر شريرن جي صلاح مصلحت مون کان پري آهي. |
|
| 19 |
|
| سچا اُنهيءَ کي ڏسن ٿا؛ ۽ بي گناهہ انهن تي ٺٺوليون ڪن ٿا: |
|
| 20 |
|
| ۽ چون ٿا تہ بيشڪ جيڪي اسان جي برخلاف اُٿيا سي وڍيا ويا آهن، ۽ جيڪي منجهائن باقي بچيا آهن تن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي. |
|
| 21 |
|
| هاڻي پاڻ کي هن سان واقف ڪر ۽ سلامت رهہ، انهيءَ ڪري توکي چڱائي پهچندي. |
|
| 22 |
|
| آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ هن جي واتان شريعت قبول ڪر، ۽ هن جون ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍ. |
|
| 23 |
|
| جيڪڏهن تون بدڪاريءَ کي پنهنجن تنبن کان پري رکندين، ۽ قادر مطلق وٽ موٽندين تہ پوءِ تون اڏجي پوندين. |
|
| 24 |
|
| ۽ پنهنجو خزانو مٽيءَ ۾ رک، ۽ اوفير جو سون نديءَ جي پٿرن منجهہ اُڇلائي ڇڏ؛ |
|
| 25 |
|
| ۽ قادر مطلق تنهنجو خزانو ٿيندو، ۽ تنهنجي لاءِ قيمتي چاندي ٿيندو. |
|
| 26 |
|
| ڇالاءِ جو تڏهن تون قادر مطلق ۾ خوش رهندين، ۽ پنهنجو منهن خدا جي اڳيان کڻندين. |
|
| 27 |
|
| تون هن کان دعا گهرندين تہ هو تنهنجي ٻڌندو؛ ۽ تون پنهنجا نذرانا ادا ڪندين. |
|
| 28 |
|
| تون ڪنهن ڳالهہ جو ذڪر ڪندين تہ اُها تنهنجي لاءِ قائم ٿي ويندي؛ ۽ تنهنجن رستن تي روشني چمڪندي. |
|
| 29 |
|
| جڏهن هو توکي هيٺ اُڇلائي وجهندو تڏهن تون چوندين تہ مٿي کڻڻ اِهو آهي؛ ۽ هو نماڻي شخص کي بچائيندو. |
|
| 30 |
|
| هو انهيءَ کي بہ ڇڏائيندو جو بي گناهہ نہ آهي: هائو، هو تنهنجن هٿن جي پاڪيزگيءَ ڪري ڇڏايو ويندو. |
|
|
|
|