Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: |
| 2 |
| اڄ بہ منهنجي فرياد ڏک سان ڀريل آهي: منهنجي مار منهنجي چيچلائڻ کان ڳري آهي. |
| 3 |
| اڙي جي مون کي خبر پوي تہ هو ڪٿي لڀندو، تہ جيڪر ان جي مسند تائين بہ وڃي نڪران! |
| 4 |
| ۽ آءٌ پنهنجو معاملو هن جي اڳيان ترتيب وار پيش ڪريان، ۽ پنهنجو وات حجتن ۽ دليلن سان ڀريان. |
| 5 |
| ۽ آءٌ جيڪر معلوم ڪريان تہ ڪهڙن لفظن ۾ هو مونکي جواب ڏيندو، ۽ جيڪي هو مونکي چوندو سو جيڪر سمجهان. |
| 6 |
| هو پنهنجي وڏي طاقت هوندي مون سان جهيڙو ڪندو ڇا؟ نہ، بلڪ هو مون ڏانهن ڌيان ڪندو. |
| 7 |
| اتي سچو انهيءَ سان بحث ڪري سگهندو؛ انهيءَ طرح آءٌ پنهنجي منصف کان هميشہ لاءِ ڇٽي ويندس. |
| 8 |
| ڏس، آءٌ اڳتي وڃان ٿو پر هو اتي ناهي؛ ۽ پٺتي ٿو وڃان، پر هن کي ڏسي نٿو سگهان: |
| 9 |
| جڏهن هو ڪم ڪري ٿو تڏهن آءٌ کٻي پاسي ٿو وڃان پر هو منهنجي نظر ۾ نٿو اچي؛ هو پاڻ کي سڄي پاسي لڪائي ٿو جنهن ڪري آءٌ هن کي ڏسي نٿو سگهان. |
| 10 |
| پر جيڪو رستو آءٌ وٺان ٿو سو هو ڄاڻي ٿو؛ جڏهن هو مون کي پرکيندو تڏهن آءٌ سون وانگر ظاهر ٿيندس. |
| 11 |
| منهنجو پير هن جي قدمن ۾ قابو رهيو آهي؛ هن جو رستو آءٌ سنڀاليو ويٺو اچان ۽ ڪنهن پاسي مڙي نہ ويو آهيان. |
| 12 |
| آءٌ هن جي چپن جي حڪمن کان ڦري نہ ويو آهيان: مون هن جي ڪلام کي پنهنجي ضروري کاڌي کان بہ وڌيڪ سانڍي رکيو آهي. |
| 13 |
| پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو. |
| 14 |
| ڇالاءِ جو هو اُهو ٿو ڪري جو هن منهنجي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي: ۽ اهڙيون گهڻيون شيون هن وٽ آهن. |
| 15 |
| تنهن ڪري آءٌ سندس حضوريءَ ۾ بي آرام ٿو ٿيان؛ جڏهن ويچار ٿو ڪريان، تڏهن هن کان ڊڄان ٿو. |
| 16 |
| ڇالاءِ جو خدا منهنجي دل کي سست ڪري ڇڏيو آهي، ۽ قادر مطلق مون کي بي آرام ڪيو آهي: |
| 17 |
| ڇالاءِ جو آءٌ اونداهيءَ سان ڍڪجي نہ ويو آهيان، ۽ هن گهاٽي اونداهي سان منهنجو منهن ڍڪي نہ ڇڏيو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/job/023.mp3
42
23