Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| پوءِ بلدد سوخي ورندي ڏيئي چيو تہ: |
| 2 |
| حڪومت ۽ هيبت هن سان آهي؛ هو پنهنجن مٿانهن مڪانن ۾ امن رکي ٿو. |
| 3 |
| هن جي لشڪرن جو ڪو شمار آهي ڇا؟ ۽ ڪنهن تي هن جي روشنائي نہ ٿي اُڀري؟ |
| 4 |
| تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟ |
| 5 |
| ڏسو، چنڊ ۾ بہ روشنائي ڪانهي، ۽ تارا بہ هن جي نظر ۾ پاڪ نہ آهن: |
| 6 |
| تڏهن انسان، جو ڪينئون آهي، ۽ آدمزاد، جو فقط ڪينئون آهي سو ڪيترو نہ گهٽ! |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/job/025.mp3
42
25