Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: |
| 2 |
| تو ڪيئن نہ اُنهيءَ جي مدد ڪئي آهي، جنهن کي طاقت ڪانهي! تو ڪيئن نہ اُنهيءَ کي بچايو آهي، جنهن ۾ ڪوبہ زور ڪونهي! |
| 3 |
| تو ڪيئن نہ اُنهيءَ کي صلاح ڏني آهي، جنهن کي عقل ڪونهي، ۽ سچي علميت هن کي ٻڌائي آهي. |
| 4 |
| تو اهي ڳالهيون ڪنهن کي ٻڌايون آهن؟ ۽ ڪنهن جو روح تو وٽان نڪتو آهي؟ |
| 5 |
| جيڪي مري ويا آهن سي ڏڪن ٿا، ۽ جيڪي پاڻيءَ جي هيٺان رهن ٿا سي بہ. |
| 6 |
| هن جي اڳيان قبر جو منهن اُگهاڙو آهي، ۽ جهنم بہ کليل آهي. |
| 7 |
| هو خالي جاءِ تي اُتر کي پکيڙي ٿو، ۽ زمين کي خال تي ٽنگي ڇڏي ٿو. |
| 8 |
| هو پاڻيءَ کي پنهنجن گهاٽن ڪڪرن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ ڪڪر انهيءَ هيٺان ڦاٽي نٿو پوي. |
| 9 |
| هو پنهنجي تخت جو منهن بند ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پنهنجو ڪڪر انهيءَ تي پکيڙي ڇڏي ٿو. |
| 10 |
| هن پاڻيءَ جي سطح تي حد ٻڌي ڇڏي آهي، انهيءَ هنڌ تائين جتي سوجهري ۽ اونداهيءَ پڄاڻي ڪئي آهي. |
| 11 |
| آسمان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا، ۽ هن جي تاب تان حيران ٿيا آهن. |
| 12 |
| هو سمنڊ کي پنهنجي طاقت سان اُٿلائي ٿو، ۽ پنهنجي حڪمت سان مغروريءَ تي ڌڪ هڻي ٿو. |
| 13 |
| هنن جي روح سان آسمان زينت وٺن ٿا؛ هن جي هٿ تکي ڀڄندڙ نانگ کي ونڌي ڇڏيو آهي. |
| 14 |
| ڏسو، اهي تہ فقط هن جي رستن جا پاسا ۽ ڪنڊون آهن، اسين هن جو آواز ڪهڙو نہ ماٺيڻو ٻڌون ٿا! پر هن جي زبردست ڪمن جي گجگوڙ ڪير سمجهي ٿو سگهي؟ |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/job/026.mp3
42
26