×

Sindhi Bible 1962

ايوب ٢٧

1
۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيو تہ:
2
جيئري خدا جو قسم آهي جنهن منهنجو حق کسي ورتو آهي؛ ۽ قادر مطلق منهنجي روح کي ستايو آهي؛
3
(اڃا تائين منهنجي حياتي مون ۾ ثابت آهي؛)
4
يقين آهي تہ منهنجا چپ سچ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ نہ ڳالهائيندا، نڪي منهنجي زبان ٺڳيءَ جي ڪا ڳالهہ ڪندي.
5
خدا نہ ڪري تہ آئون اوهان کي سچو چوان؛ جيستائين آءٌ مرندس تيستائين پنهنجي سچائي ڇڏي نہ ڏيندس.
6
آئون پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس: جيستائين آءٌ جيئندس تيستائين منهنجي دل مون کي مهڻو نہ ڏيندي.
7
ڀلي تہ منهنجو دشمن شرير ماڻهوءَ جهڙو ٿئي، ۽ جيڪو منهنجي برخلاف اٿي ٿو سو بدڪار ماڻهوءَ جهڙو ٿئي!
8
بيدين ماڻهو پنهنجي لاءِ ڪيتري بہ دولت حاصل ڪري تہ بہ انهيءَ جي اُميد ڪهڙي آهي، جڏهن خدا هن جو روح ٿو ڪڍي؟
9
خدا ڪو هن جي دانهن ٻڌندو ڇا، جڏهن هن تي مصيبت ايندي؟
10
هو قادر مطلق مان ڪا خوشي حاصل ڪندو ڇا، ۽ هر وقت خدا کي سڏيندو ڇا؟
11
آءٌ خدا جي هٿ جي ڪمن ۾ اوهان کي تعليم ڏيندس؛ ۽ قادر مطلق جي ڳالهہ نہ لڪائيندس.
12
ڏسو، سڀ اوهان پاڻ ڏٺو آهي؛ تڏهن ڇو اوهين بلڪل بيهودا ٿي پيا آهيو؟
13
شرير ماڻهوءَ جو خدا وٽ اهو حصو آهي، ۽ قادر مطلق وٽان ظالمن کي اهو ئي ورثو ٿو ملي.
14
جي هن جو اولاد گهڻو ٿي پئي تہ اهو ترار جي لاءِ آهي؛ ۽ هن جي نسل جو مانيءَ سان ڍءُ نہ ٿيندو.
15
هن مان جيڪي باقي بچندا سي مري دفن ٿي ويندا، ۽ انهن جون بيوہ زالون ماتم نہ ڪنديون.
16
جيتوڻيڪ هو چاندي ڌوڙ وانگر کڻي ڍير ڪندو، ۽ ڪپڙا مٽيءَ وانگر تيار ڪندو؛
17
هو رڳو اهي تيار ڪندو پر سچا اهي ڍڪيندا، ۽ اها چاندي بيگناهہ ورهائي کڻندا.
18
هو پتنگ وانگر پنهنجو گهر جوڙي ٿو، ۽ انهيءَ ڀُونگيءَ جهڙو، جا نگهباني ڪندڙ جوڙي ٿو.
19
هو تونگر ٿي سمهي ٿو، پر هو قبر ۾ پوريو نہ ويندو؛ هو پنهنجون اکيون پٽي ٿو، مگر جيئرو ڪين آهي.
20
هن کي خوف پاڻيءَ وانگر وڪوڙي وڃن ٿا، ۽ طوفان هن کي رات جو لڪائي کڻي وڃي ٿو.
21
اُڀرندي جو واءُ هن کي کڻي ٿو ۽ هو هليو وڃي؛ ۽ اهو هن کي پنهنجي جاءِ تان ٻهاري ڇڏي ٿو.
22
ڇا لاءِ جو خدا هن کي ڌڪ هڻندو ۽ ڇڏي نہ ڏيندس: هو پنهنجي خدا جي هٿ مان نڪري ڀڄڻ ٿو گهري.
23
ماڻهو هن تي تاڙيون وڄائيندا، ۽ هش هش ڪري هن کي پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندا.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو