|
| 1 |
|
| ايوب پنهنجو گفتگو جاري رکندي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”جيئري خدا جو قسم آهي، جيڪو مون سان انصاف نہ ٿو ڪري، هائو، انهيءَ قادرِمطلق جو قسم آهي، جنهن منهنجي حياتي زهر بڻائي ڇڏي آهي، |
|
| 3 |
|
| تہ جيستائين منهنجي سسيءَ ۾ ساهہ آهي، ۽ جيستائين خدا مون کي ساهہ کڻڻ جي توفيق ڏئي ٿو، |
|
| 4 |
|
| تيستائين منهنجي وات مان هرگز ڪوڙ نہ نڪرندو، نہ وري منهنجيءَ زبان مان ٺڳيءَ جي ڪا ڳالهہ نڪرندي. |
|
| 5 |
|
| انهيءَ ڪري اي دوستؤ! آءٌ هرگز اوهان کي سچو نہ مڃيندس، آءٌ مرڻ گھڙيءَ تائين پنهنجي بيگناهيءَ واري ڳالهہ تان ڪين هٽندس. |
|
| 6 |
|
| آءٌ پنهنجي سچائيءَ تي قائم آهيان، ۽ انهيءَ کي ڇڏي نہ ڏيندس، جيستائين آءٌ جيئندس، تيستائين منهنجو ضمير مون کي ملامت نہ ڪندو. |
|
| 7 |
|
| سو جيئن اوهان شريرن بابت چيو، تيئن شل منهنجا دشمن بہ انهن جيان سزا کائين، هائو، جيڪي منهنجي خلاف اٿن ٿا، شل سي بدڪار ماڻهن جيان ڀوڳين. |
|
| 8 |
|
| خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن کان جڏهن هو حياتي کسي ٿو، انهيءَ وقت اهي دعا گھرندي خدا کان ڪهڙي اميد رکي ٿا سگھن؟ |
|
| 9 |
|
| جڏهن مٿن ڪا مصيبت ايندي، تہ خدا ڪو سندن دانهن ٻڌندو ڇا؟ |
|
| 10 |
|
| پر ڇا هو قادرِمطلق جي حضور ۾ اچي ڪا خوشي حاصل ڪري سگھن ٿا؟ پوءِ ڇا هو هر وقت خدا کان دعا گھرندا رهندا؟ |
|
| 11 |
|
| اچو تہ آءٌ اوهان کي خدا جي قدرت جي سمجھاڻي ڏيان، آءٌ قادرِمطلق جا ارادا اوهان کان ڪين لڪائيندس. |
|
| 12 |
|
| پر ڪهڙو فائدو؟ اهو سڀ ڪجھہ تہ اوهان سڀني خود ڏٺو آهي، تہ پوءِ اوهين اجايو اهڙيون بيعقليءَ واريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“ |
|
| 13 |
|
| ”اي ايوب! تو کي آءٌ ٿو ٻڌايان تہ شرير ماڻهن کي خدا ڪيئن ٿو سزا ڏئي، هائو، انهن ظالمن تي قادرِمطلق وٽان ڪهڙو عذاب ٿو نازل ٿئي. |
|
| 14 |
|
| جيڪڏهن هنن کي گھڻو اولاد هوندو آهي تہ اهي سڀ جنگ ۾ مارجي ويندا آهن. انهن جي نسل جي بک ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي آهي. |
|
| 15 |
|
| انهن مان جيڪي باقي بچندا آهن، سي وبا ۾ مري کپي ويندا آهن، ۽ انهن جون رنونزالون بہ مٿن ڪين روئنديون آهن. |
|
| 16 |
|
| بدڪار ماڻهو جيتوڻيڪ مٽيءَ وانگر چانديءَ جا ڍير ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ پوشاڪن جا ڍڳ تيار ڪري رکندا آهن، |
|
| 17 |
|
| تہ بہ اهي رڳو ميڙيندا ۽ تيار ڪندا آهن، باقي اهي پوشاڪون پهريندا سچا ماڻهو ئي آهن، ۽ سندن اها چاندي بيگناهہ ماڻهو ئي ورهائي کڻندا آهن. |
|
| 18 |
|
| بدڪار ماڻهو پنهنجو گھر تہ جوڙين ٿا، پر ڪوريئڙي جي ڄاري جيان، هائو، فصل جي سنڀال لاءِ جوڙيل ان ڪچي پيهي جيان، جيڪو فصل لڻڻ بعد هاري ڦٽايو ڇڏي ٿو. |
|
| 19 |
|
| دولتمند جڏهن رات جو سمهن ٿا، تہ پاڻ سان گڏ سڀ ڪجھہ کڻي نہ ٿا سمهن، ۽ جڏهن هو پنهنجيون اکيون کولين ٿا، تہ وٽن ڪجھہ بہ ڪين ٿو رهي. |
|
| 20 |
|
| دهشتون هنن کي ٻوڏ وانگر وڪوڙي ٿيون وڃن، ۽ واچوڙو رات جو کين اڏائي کنيون ٿو وڃي. |
|
| 21 |
|
| جھولو کين اڏائي گم ڪيو ڇڏي، هائو، اهو کين پنهنجيءَ جاءِ تان ٻهاريو ڇڏي. |
|
| 22 |
|
| جھولو کين سدائين گھليندو رهندو ۽ ڪا ڍر نہ ڏيندو، جڏهن تہ اهي کانئس ڀڄي نڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪندا. |
|
| 23 |
|
| پر اهو وڌيڪ غضبناڪ ٿي سندن پٺيان پوندو، ۽ زوڪاٽ ڪندي کين پنهنجي جاءِ تان ڀڄائي ڪڍندو.“ |
|
|
|
|