|
| 1 |
|
| يقيناً چاندي جي هڪڙي کاڻ هوندي آهي، ۽ سون جي لاءِ بہ هڪڙي جاءِ آهي جتي اُنهيءَ کي صاف ڪندا آهن. |
|
| 2 |
|
| لوهہ زمين مان ڪڍندا آهن، ۽ پتل پٿرن مان پگهاري ڪڍن ٿا. |
|
| 3 |
|
| ماڻهو اونداهيءَ جي حد ٻڌي ٿو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ جا نشان ۽ موت جي پاڇي جي سرحد ڳولي ڪڍي ٿو. |
|
| 4 |
|
| ۽ هو آباديءَ کان پري سرنگ ڀڃي کولي ٿو، اُهي راهہ لنگهندڙن جا وساريل آهن؛ هو ماڻهن کان پري رهن ٿا، ۽ هيڏي هوڏي لڏن ٿا. |
|
| 5 |
|
| زمين مان ماني نڪري ٿي: ۽ انهي جو هيٺيون پاسو ائين اُٿلجي ٿو جيئن تہ باهہ سان. |
|
| 6 |
|
| انهيءَ جي پٿرن ۾ نيلم آهي، ۽ انهيءَ ۾ سون جي ڀور آهي. |
|
| 7 |
|
| اهو رستو ڪو بہ شڪاري پکي نٿو ڄاڻي، ۽ نہ باز جي اک انهيءَ کي ڏسي سگهي ٿي. |
|
| 8 |
|
| ۽ مغرور جانور انهيءَ تي نٿا هلن، نہ شوخ شينهن انهيءَ پاسي کان لنگهيو آهي. |
|
| 9 |
|
| هو چقمق جي پٿر تي پنهنجو هٿ رکي ٿو؛ ۽ جبلن کي پاڙن کان اونڌو ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 10 |
|
| هو ٽڪرن جي وچ مان نهرون وڍي ڪڍي ٿو؛ ۽ هن جي اک سڀ ڪا قيمتي شيءِ ڏسي ٿي. |
|
| 11 |
|
| هو نهرن کي قابو ڪري ٿو ۽ اُهي اُٿلي نہ ٿيون پون؛ ۽ لڪل شيءِ کي بہ هو روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو. |
|
| 12 |
|
| پر حڪمت ڪٿي ملندي؟ ۽ دانائيءَ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ |
|
| 13 |
|
| نہ ماڻهو انهيءَ جي قيمت ڄاڻي ٿو؛ نہ اها جيئرن جي زمين ۾ ملي ٿي. |
|
| 14 |
|
| اونهائي چئي ٿي تہ اُها مون ۾ نہ آهي ۽ سمنڊ چئي ٿو تہ اها مون وٽ ڪانهي. |
|
| 15 |
|
| اها سون جي بدلي نٿي ملي سگهي، نڪا چاندي توري ان جي قيمت ۾ ڏيئي سگهجي ٿي. |
|
| 16 |
|
| اوفير جي سون سان بہ ان جو ملهہ نٿو ڪٿي سگهجي، ۽ نہ قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان. |
|
| 17 |
|
| نہ سون نہ شيشو ان جي برابري ڪري سگهن ٿا: نڪي اُچي سون جا زيور انهيءَ جي بدلي ۾ ٿيندا. |
|
| 18 |
|
| مرجان ۽ بلور جو نالو بہ نہ ورتو ويندو: هائو، حڪمت لعلن جي قيمت کان بہ وڌيڪ آهي. |
|
| 19 |
|
| نہ حبش جا پکراج انهيءَ جي برابري ڪندا، نڪي سچي سون سان ان جي قيمت ڪٿي ويندي. |
|
| 20 |
|
| تڏهن حڪمت ڪٿان ٿي اچي؟ ۽ دانائيءَ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ |
|
| 21 |
|
| جيئن تہ اها سڀني ساهہ وارن جي اکين کان لڪل آهي، ۽ اُڏامندڙ پکين کان ڳجهي آهي. |
|
| 22 |
|
| تباهي ۽ موت چون ٿا، اسان پنهنجي ڪنن سان هن جو افواهہ ٻڌو آهي. |
|
| 23 |
|
| خدا انهيءَ جي راهہ کي سمجهي ٿو، ۽ انهيءَ جي جاءِ ڄاڻي ٿو. |
|
| 24 |
|
| ڇالاءِ جو هو زمين جي پڇاڙيءَ تائين نظر ڊوڙائي ٿو، ۽ سڄي آسمان جي هيٺان ڏسي ٿو؛ |
|
| 25 |
|
| تہ هو هوا جي تور مقرر ڪري ٿو هائو، هو پاڻيءَ جو پيمانو ماپي ڏئي ٿو. |
|
| 26 |
|
| جڏهن هن مينهن لاءِ قانون ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ڪيو. |
|
| 27 |
|
| تڏهن هن ڏٺو ۽ ٻڌايو؛ هن مقرر ڪيو، يعني ڳولي ڪڍيائين. |
|
| 28 |
|
| ۽ هن انسان کي چيو، ڏس خدا جو خوف، اها ئي حڪمت آهي؛ ۽ برائيءَ کان پري رهڻ دانائي آهي. |
|
|
|
|