|
| 1 |
|
| يقيناً چاندي کاڻ مان کوٽي ڪڍي وڃي ٿي، ۽ سون لاءِ بہ ڪا جاءِ آهي جتي ان کي صاف ڪيو وڃي ٿو. |
|
| 2 |
|
| لوهہ زمين مان کوٽي ڪڍيو وڃي ٿو، ۽ پتل پٿرن مان پگھاري ڪڍيو وڃي ٿو. |
|
| 3 |
|
| کاڻيون کوٽيندڙ اونداهيءَ جي اونهي تهہ تائين وڃي پهچن ٿا، هائو، هو ڌرتيءَ جي اونهاين مان پنهنجي آخري وس تائين انهن ڌاتن کي ڳولي ڪڍن ٿا. |
|
| 4 |
|
| آباديءَ کان پري هو سرنگھون هڻن ٿا، جن کان واٽهڙن جا پير بہ بيخبر آهن، هائو، ماڻهن کان پري اهي سرنگھن ۾ رسين تي لهن چڙهن ٿا. |
|
| 5 |
|
| جنهن زمين مان خوراڪ پيدا ٿئي ٿي، تنهن کي اندران ڄڻڪ باهہ سان اٿلايو پٿلايو وڃي ٿو. |
|
| 6 |
|
| انهيءَ جي پٿرن ۾ نيلم آهي، ۽ انهيءَ جي مٽيءَ ۾ سون آهي. |
|
| 7 |
|
| سرنگھہ واري انهيءَ رستي کي ڪوبہ شڪاري پکي ڪين ٿو ڄاڻي، نڪي باز جي اک ئي انهيءَ کي ڏسي سگھي ٿي. |
|
| 8 |
|
| ڪنهن جھنگلي جانور بہ انهيءَ رستي تي قدم نہ رکيو آهي، نڪي مغرور شينهن ئي انهيءَ مٿان گذريو آهي. |
|
| 9 |
|
| انساني هٿ سخت پٿر کي بہ ڀڃيو ڇڏين، ايتري قدر جو اهي جبلن کي پاڙن کان اونڌو ڪريو ڇڏين. |
|
| 10 |
|
| هو ٽڪرن مان آرپار سرنگھون ٺاهين ٿا، سندن اکيون هر قيمتي شيءِ کي ڏسي وٺن ٿيون. |
|
| 11 |
|
| هو سرنگھون کوٽيندي ندين جي سرچشمن تائين وڃيو پهچن، ۽ لڪل شين کي بہ ٻاهر ڪڍي اچن ٿا. |
|
| 12 |
|
| پر ڏاهپ، هائو، ڏاهپ ڪٿان کوٽي ڪڍي سگھجي ٿي؟ دانائي آخر هوندي ڪٿي آهي؟ |
|
| 13 |
|
| ڪوبہ انسان انهيءَ جو قدر ڪين ٿو ڄاڻي، نڪي اها جيئرن جي هن دنيا مان حاصل ڪري سگھجي ٿي. |
|
| 14 |
|
| بحر چوي ٿو تہ ”اها مون ۾ نہ آهي،“ سمنڊ جي اونهائي چوي ٿي تہ ”اها مون وٽ ناهي.“ |
|
| 15 |
|
| اها چاندي ڏيئي بہ خريد نہ ٿي ڪري سگھجي، نڪي سون ئي ان جي قيمت بڻجي سگھي ٿو. |
|
| 16 |
|
| نج سون سان بہ ان جو ملهہ نہ ٿو ڪٿي سگھجي، نڪي قيمتي سليماني پٿر يا نيلم سان. |
|
| 17 |
|
| بيشڪ نہ سون ۽ نہ خاص شيشو ئي ان جي برابري ڪري سگھن ٿا، نڪي عمدي سون جا زيور ئي انهيءَ جو عيوض ٿي سگھن ٿا. |
|
| 18 |
|
| انهيءَ سان گڏ مرجان ۽ بلور جو ذڪر بہ نہ ٿو ڪري سگھجي. هائو، ڏاهپ جي ٿيلهي هيرن جواهرن جي ٿيلهيءَ کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي. |
|
| 19 |
|
| نہ سوڊان جو پکراج انهيءَ جي برابري ڪري سگھي ٿو، نڪي نج سون ئي ان جو عيوض ٿي سگھي ٿو. |
|
| 20 |
|
| تڏهن ڀلا ڏاهپ اچي ڪٿان ٿي؟ دانائيءَ جو گھر ڪٿي آهي؟ |
|
| 21 |
|
| بيشڪ اها سڀني ساهوارن جي نظر کان لڪل آهي، هائو، اها اڏامندڙ پکين کان بہ ڳجھي رکي ويئي آهي. |
|
| 22 |
|
| قبر ۽ پاتال چون ٿا تہ ”اسان پنهنجي ڪنن سان انهيءَ جو رڳو افواہ ٻڌو آهي.“ |
|
| 23 |
|
| رڳو خدا ئي آهي، جيڪو انهيءَ جو رستو ڄاڻي ٿو، هو ئي انهيءَ جي گھر کان واقف آهي. |
|
| 24 |
|
| هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين نظر ڊوڙائي ٿو، هائو، هو آسمان جي هيٺان واري هر شيءِ کي ڏسي ٿو. |
|
| 25 |
|
| شروعات ۾ خالق جڏهن هوا جو زور مقرر ٿي ڪيو، ۽ ڪڪرن لاءِ پاڻيءَ جو مقدار ٿي مقرر ڪيائين، |
|
| 26 |
|
| جڏهن هن برسات لاءِ قانون ٿي ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ٿي ڪيائين، |
|
| 27 |
|
| تڏهن هن ڏاهپ تي نظر ڪئي ۽ انهيءَ جي آزمائش ورتائين، پوءِ انهيءَ کي منظور ڪري قائم ڪيائين. |
|
| 28 |
|
| تڏهن خدا انسان کي چيو تہ ”ياد رک، مون خداوند جو خوف رکڻ ئي ڏاهپ آهي، ۽ برائيءَ کان پري رهڻ ئي دانائي آهي.“ |
|
|
|
|