|
| 1 |
|
| ايوب وڌيڪ ڳالهائيندي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”ڪاش! آءٌ اهڙو ئي هجان ها جهڙو اڳئين وقت ۾ هئس، هائو، انهن ڏينهن وانگر جڏهن خدا منهنجي حفاظت ڪندو هو. |
|
| 3 |
|
| تڏهن خدا هميشہ مون سان گڏ هوندو هو، ۽ سندس عطا ڪيل روشنيءَ جي مدد سان آءٌ اونداهيءَ مان بہ لنگھي ويندو هئس. |
|
| 4 |
|
| انهن ڏينهن ۾ آءٌ سکيو ستابو هوندو هئس، ۽ منهنجي گھر تي خدا جي ٻاجھہ هوندي هئي. |
|
| 5 |
|
| تڏهن قادرِمطلق اڃا مون سان گڏ هو، ۽ منهنجا ٻار منهنجي چوڌاري هوندا هئا. |
|
| 6 |
|
| انهن ڏينهن ۾ مون کي تمام گھڻو مال ۽ باغ باغيچا هوندا هئا، تنهنڪري مون وٽ کير ۽ تيل جون نديون وهنديون هيون. |
|
| 7 |
|
| جڏهن آءٌ شهر جي دروازي وٽ اڳواڻن جي مجلس ۾ ويهڻ لاءِ پنهنجي مسند ڏانهن ويندو هئس، |
|
| 8 |
|
| تڏهن جوان ماڻهو مون کي ڏسندي ئي هٽي رستو ڏيندا هئا، ۽ پوڙها منهنجي احترام ۾ اُٿي بيهندا هئا. |
|
| 9 |
|
| منهنجي اچڻ تي شهر جا امير احترام وچان پنهنجو ڳالهائڻ بند ڪري خاموش ٿي ويهندا هئا. |
|
| 10 |
|
| هائو، انهن جو آواز بلڪل بند ٿي ويندو هو، ڄڻ تہ سندن زبان وڃي تارونءَ سان لڳندي هئي.“ |
|
| 11 |
|
| ”جيڪي بہ ماڻهو منهنجي نيڪ ڪمن بابت ٻڌندا يا اُهي ڏسندا هئا، سي مون کي مبارڪ سڏيندا هئا، ۽ منهنجي نيڪيءَ جي شاهدي ڏيندا هئا. |
|
| 12 |
|
| انهيءَ سبب جو غريب جيڪي دانهون ڪندا هئا، ۽ يتيم جن جو ڪوبہ واهرو ڪونہ هو، تن جون مشڪلاتون آءٌ دور ڪندو هئس. |
|
| 13 |
|
| هائو، ڏک سهندي موت جي منهن مان بچي وڃڻ وارا بہ مون کي دعا ڪندا هئا، منهنجي مدد سان رننزالن کي بيانتها خوشي حاصل ٿيندي هئي. |
|
| 14 |
|
| سچائي ڄڻ لباس وانگر مون کي پهريل هوندي هئي، ۽ انصاف مون کي هڪ جبي ۽ دستار وانگر پهريل هو. |
|
| 15 |
|
| آءٌ انڌن جي لاءِ اکيون، ۽ منڊن جي لاءِ پير هوندو هئس. |
|
| 16 |
|
| محتاجن جي آءٌ پيءُ وانگر سار سنڀال لهندو هئس، ۽ جن کي آءٌ سڃاڻيندو ئي نہ هئس، عدالت ۾ تن جي بہ حقن جي حفاظت ڪندو هئس. |
|
| 17 |
|
| بدڪار ماڻهن جي ڏندن مان آءٌ شڪار ڇڪي ڪڍي وٺندو هئس، هائو، بدڪارن جون ڄاڙيون ڀڃي، تن کان ستايلن کي ڇڏائيندو هئس.“ |
|
| 18 |
|
| ”مون کي هميشہ اها اميد هئي تہ آءٌ وڏي ڄمار تائين جيئندس ۽ پنهنجي ئي ڪکن ۾ سڪون سان مرندس، |
|
| 19 |
|
| آءٌ هميشہ انهيءَ وڻ وانگر رهندس، جنهن جون پاڙون سدائين سايون رهنديون آهن، منهنجي ٽارين تي سڄي رات ماڪ پوندي، ۽ مون کي تازگي بخشيندي، |
|
| 20 |
|
| هر ڪو ماڻهو هميشہ منهنجي عزت ۽ احترام ڪندو رهندو، ۽ مون کي سدائين نئين طاقت عطا ٿيندي رهندي، هائو، مون کي هميشہ اها ئي اميد رهندي هئي. |
|
| 21 |
|
| اڳي جڏهن آءٌ ڪا صلاح مشورو ڏيندو هئس، تہ ماڻهو خاموش ٿي ويندا هئا، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوندو هئس سو ڌيان ڏيئي ٻڌندا هئا. |
|
| 22 |
|
| منهنجي ڏنل صلاح هڪدم قبول ڪندي، اهي وڌيڪ بلڪل نہ ڳالهائيندا هئا. منهنجو ڳالهائڻ ٺوٺ ڌرتيءَ تي پوندڙ مينهن جي ڦڙن وانگر سندن دلين ۾ جذب ٿي ويندو هو. |
|
| 23 |
|
| ماڻهو منهنجي ڳالهائڻ لاءِ ائين منتظر رهندا هئا، جيئن سوڪهڙي ۾ برسات لاءِ واجھائيندا هجن. حقيقت ۾ اهي انهن فڪرمند هارين جيان هئا، جيڪي بهار جي آخري برسات لاءِ واجھائيندا هجن. |
|
| 24 |
|
| ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ جڏهن اهي نااميد ٿي ويندا هئا، تڏهن آءٌ اچي ساڻن ساٿ ڏيندو هئس، هائو، منهنجو مرڪندڙ چهرو سندن همتافزائي ڪندو هو. |
|
| 25 |
|
| آءٌ ئي سندن اڳواڻي ڪندو هئس، ۽ سندن لاءِ واٽون مقرر ڪندو هئس. آءٌ منجھن ائين رهندو هئس، جيئن ڪو بادشاهہ پنهنجي سپاهين ۾ رهي، آءٌ سندن ڏکن ۾ کين تسلي ڏيندو هئس.“ |
|
|
|
|