|
| 1 |
|
| تنهن کان پوءِ ايوب پنهنجو وات پٽيو ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي پٽڻ لڳو. |
|
| 2 |
|
| ۽ ايوب ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ: |
|
| 3 |
|
| جنهن ڏينهن آءٌ ڄائو هوس سو ڀلي تہ ناس ٿي وڃي، ۽ اها رات بہ جنهن ۾ چيو ويو تہ ڪو پٽ ڄائو آهي. |
|
| 4 |
|
| ڀلي تہ اُهو ڏينهن اونداهي ٿئي؛ ڀلي تہ خدا مٿان انهيءَ تي ڌيان نہ ڏئي، ۽ نہ روشنائي انهيءَ تي چمڪي. |
|
| 5 |
|
| ڀلي تہ اونداهي ۽ موت جو پاڇو انهيءَ کي پنهنجو ڪن؛ ڀلي تہ انهيءَ تي ڪڪر ڇانيل رهي؛ ڀلي تہ جيڪي ڏينهن کي ڪارو ٿو ڪري سو انهيءَ کي ڊيڄاري. |
|
| 6 |
|
| ۽ انهيءَ رات کي بہ ڀلي تہ اونداهي مٿان اچي پڪڙي: ڀلي تہ اها سال جي ڏينهن ۾ خوشي نہ ڪري؛ ڀلي تہ اها مهينن جي شمار ۾ نہ اچي. |
|
| 7 |
|
| ڏس، ڀلي تہ اها رات سڃي سکڻي ٿئي؛ ڀلي تہ انهي ۾ ڪو خوشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ نہ اچي. |
|
| 8 |
|
| جيڪي انهيءَ ڏينهن تي لعنت وجهن ٿا سي انهيءَ تي بہ لعنت وجهن، يعني اُهي جي واڳونءَ کي جاڳائڻ لاءِ تيار آهن. |
|
| 9 |
|
| ڀلي تہ انهيءَ جي شفق جا تارا بہ ڪارا ٿين؛ ڀلي تہ اُها روشنائيءَ جي لاءِ نهاري پر اها نہ مليس؛ نڪي اها صبح جي ڇپرن کي ڏسي: |
|
| 10 |
|
| ڇالاءِ جو انهيءَ منهنجي ماءُ جي پيٽ جا دروازا بند ڪري نہ ڇڏيا، ۽ نہ سور منهنجن اکين کان لڪايائين |
|
| 11 |
|
| ڇالاءِ آءٌ ماءُ جي پيٽ ۾ ئي نہ مئس؟ ڇالاءِ جڏهن آءٌ پيٽ مان نڪتس تڏهن ساهہ نہ ڏنم؟ |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ گوڏن مون کي پاڻ تي ويهارڻ قبول ڪيو؟ يا ڇالاءِ ڇاتين قبول ڪيو تہ آءٌ کير پيان؟ |
|
| 13 |
|
| ڇالاءِ جو هينئر جيڪر آءٌ هيٺ ليٽيو پيو هجان ها ۽ ماٺ ۾ هجان ها: آءٌ ننڊ پيو ڪريان ها ۽ آرام ۾ هجان ها: |
|
| 14 |
|
| زمين جي بادشاهن ۽ مشيرن سان گڏ، جن پنهنجي لاءِ ويران جايون اڏايون؛ |
|
| 15 |
|
| يا انهن اميرن سان جن وٽ سون هو، جن پنهنجا گهر چانديءَ سان ڀري ڇڏيا: |
|
| 16 |
|
| يا لڪل ڪچي ويم وانگر آءٌ نہ هجان ها؛ انهن ٻارن وانگر جي ڪڏهن بہ روشنائي نٿا ڏسن. |
|
| 17 |
|
| اتي شرير ماڻهو تڪليف پهچائڻ کان بس ٿا ڪن؛ ۽ اتي ٿڪل ماڻهو آرام ٿا وٺن. |
|
| 18 |
|
| اتي قيدي گڏ فرحت ۾ ٿا گذارين؛ اهي ڪم وٺندڙ مقدم جو آواز نٿا ٻڌن. |
|
| 19 |
|
| ننڍا توڙي وڏا اتي آهن؛ ۽ ٻانهو پنهنجي ڌڻيءَ کان آزاد آهي. |
|
| 20 |
|
| جيڪو ڏک ۾ آهي تنهن کي ڇو روشنائي ڏني ٿي وڃي، ۽ جنهن جو روح کٽو آهي تنهن کي ڇو حياتي ڏني ٿي وڃي؛ |
|
| 21 |
|
| جي موت جي لاءِ منتظر آهن، پر موت نٿو اچي؛ ۽ اهي انهيءَ جي لاءِ ايترو ڳولي کوٽين ٿا جو لڪل خزانن جي لاءِ بہ نٿا کوٽين؛ |
|
| 22 |
|
| جي نهايت شادمان ٿا ٿين، ۽ خوشي ٿا ڪن، جڏهن هو قبر کي لهن ٿا. |
|
| 23 |
|
| جنهن ماڻهوءَ جو رستو لڪل آهي تنهن کي روشني ڇو ٿي ڏيڻ ۾ اچي؟ ۽ جن کي خدا چوڌاري لوڙهو ڏيئي بند ڪري ڇڏيو آهي، |
|
| 24 |
|
| ڇالاءِ تہ منهنجي کاڌي جي لاءِ آهون آهن، ۽ منهنجو رڙيون پاڻيءَ وانگر وهن ٿيون. |
|
| 25 |
|
| ڇالاءِ جو جنهن شيءِ کان آءٌ ڊڄان ٿو سا مون تي اچي ٿي، ۽ جنهن شيءِ کان مونکي ڊپ ٿو ٿئي سا مون ڏانهن اچي ٿي. |
|
| 26 |
|
| آءٌ سک ۾ ڪين آهيان، نڪي ماٺ ۾ آهيان، نڪو آرام اٿم؛ پر ڏک اچي ٿو. |
|
|
|
|