|
| 1 |
|
| پر هاڻي جيڪي مون کان ننڍا آهن سي مون تي ٺٺوليون ٿا ڪن، جن جي ابن ڏاڏن کي نفرت کان آءٌ پنهنجي ڌڻ جي ڪتن سان گڏ ويهاريندو هوس. |
|
| 2 |
|
| هائو، هنن جي هٿن جي زور مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو؟ اهڙا ماڻهو، جن ۾ عمر جو زور ضايع ٿي ويو آهي. |
|
| 3 |
|
| هو گهرج ۽ ڏڪر جي ڪري ڏٻرا ٿي ويا آهن؛ هو سڃ ۽ ويرانيءَ جي اُداسيءَ ۾ بک جا چڪ ٿا هڻن. |
|
| 4 |
|
| هو ٻوڙن جي پاسن مان لوڻڪ ٿا پٽين؛ ۽ ٻوٽن جون پاڙون هنن جو قوت آهن. |
|
| 5 |
|
| هو ماڻهن جي وچ مان هڪليا ويا آهن؛ اُهي هنن جي پٺيان ائين رڙيون ٿا ڪن جيئن ڪنهن چور جي پٺيان. |
|
| 6 |
|
| تمام اونداهين وادين ۾، ۽ ٽڪرن ۽ زمين جي چرن ۾ هنن جو رهڻ ضرور ٿو ٿئي. |
|
| 7 |
|
| هو جهنگ جي ٻوڙن ۾ هينگندا وتن؛ ڪنڊن هيٺان هو وڃي گڏ ٿيو ٿا ويهن. |
|
| 8 |
|
| هو بي عقلن جو اولاد آهن، هائو، نيچ ماڻهن جو اولاد آهن؛ هنن کي ملڪ مان چهبڪ هڻي هڪلي ڪڍيو هئائون. |
|
| 9 |
|
| ۽ هاڻي آءٌ انهن جو راڳ ٿي پيو آهيان، هائو، آءٌ انهن جي لاءِ هڪڙو پهاڪو ٿي پيو آهيان. |
|
| 10 |
|
| هو مون کان نفرت ٿا ڪن، هو مون کان پري ڀڄيو ٿا بيهن، ۽ منهنجي منهن تي ٿُڪ هڻڻ کان نٿا رهن. |
|
| 11 |
|
| ڇالاءِ جو هن پنهنجي واڳ ڍري ڪئي آهي ۽ مون کي ڏک ڏنو اٿس، ۽ هو منهنجي اڳيان پاڻ کي روڪين نٿا. |
|
| 12 |
|
| منهنجي سڄي پاسي لچا لفنگا اُٿن ٿا؛ هو منهنجو پير هٽائي پاسي ڪيو ڇڏين، ۽ پنهنجا ناس ڪرڻ جا اُپاءَ منهنجي برخلاف اُڇلائين ٿا. |
|
| 13 |
|
| اهڙا ماڻهو جو ڪو بہ مددگار ڪونهي، سي منهنجي واٽ بگاڙين ٿا، ۽ منهنجي مصيبت وڌائين ٿا. |
|
| 14 |
|
| هو ڄڻ تہ هڪڙي ڪشادي ڦاٽ مان هليا ٿا اچن: ويرانيءَ سان هو مون تي ڪاهيندا اچن. |
|
| 15 |
|
| خوف لڙي مون تي موٽي آيا آهن، هو منهنجي عزت جي پٺيان هوا وانگر ڪاهي پون ٿا؛ ۽ منهنجي خير سلامتي ڪڪر وانگر لنگهي وئي آهي. |
|
| 16 |
|
| ۽ هاڻي منهنجو ساهہ منهنجي اندر ۾ سڪي ويو آهي؛ مصيبت جي ڏينهن مون کي آڻي ورايو آهي. |
|
| 17 |
|
| رات جي وقت مون ۾ منهنجون هڏيون ونڌجي وڃن ٿيون، ۽ سورن ڪري مون کي آرام ڪونهي. |
|
| 18 |
|
| منهنجي مرض جي زور ڪري منهنجي ڪپڙن جي شڪل ئي ڦري وئي آهي: اُهو منهنجي گڊلي جي ڳچيءَ وانگر مون کي چوڌاري تنگ ڪري ٿو. |
|
| 19 |
|
| هن مون کي گپ ۾ اُڇلائي وڌو آهي، ۽ آءٌ مٽيءَ ۽ رک وانگر ٿي پيو آهيان. |
|
| 20 |
|
| آءٌ توکي رڙيون ڪري سڏيان ٿو ۽ تون مون کي جواب نٿو ڏين: آءٌ اُٿي ٿو بيهان ۽ تون مون ڏي نهارين ٿو. |
|
| 21 |
|
| تون ڦري مون تي ظلم ڪرڻ لڳو آهين: پنهنجي هٿ جي زور سان تون مون کي ستائين ٿو. |
|
| 22 |
|
| تون مون کي کڻي واءُ جي سامهون جهلين ٿو، ۽ انهيءَ تي چاڙهي سوار ڪرين ٿو؛ ۽ تون مون کي طوفان ۾ ڳاريو چٽ ڪيو ڇڏين. |
|
| 23 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين. |
|
| 24 |
|
| تڏهن بہ تباهيءَ جي وقت ڪير پنهنجو هٿ نہ ڊگهيريندو؟ يا مصيبت جي وقت مدد لاءِ نہ پڪاريندو؟ |
|
| 25 |
|
| جيڪو تڪليف ۾ هو، تنهنجي لاءِ مون نہ رنو ڇا؟ محتاجن جي لاءِ منهنجي روح کي ڏک نہ ٿيو ڇا؟ |
|
| 26 |
|
| جڏهن مون چڱائيءَ لاءِ نهاريو تڏهن بڇڙائي آئي؛ ۽ جڏهن مون سوجهري جي لاءِ انتظار ڪيو تڏهن اونداهي آئي. |
|
| 27 |
|
| منهنجا آنڊا ٽهڪن ٿا ۽ انهن کي آرام ڪونهي؛ مصيبت جا ڏينهن مون تي اچي پيا آهن. |
|
| 28 |
|
| سج کان سواءِ آءٌ ڪارو ٿي ويو آهيان: آءٌ جماعت جي وچ ۾ بيهي مدد لاءِ دانهون ٿو ڪريان. |
|
| 29 |
|
| آءٌ گدڙن جو ڀاءُ آهيان، ۽ اٺ پکين جو سنگتي آهيان. |
|
| 30 |
|
| منهنجي کل ڪاري آهي، ۽ مون تان لهيو ٿي پوي، ۽ منهنجا هڏا گرميءَ جي ڪري سڙي ويا آهن. |
|
| 31 |
|
| تنهن ڪري منهنجي بربط مان ڦري غم جو آواز ٿو نڪري، ۽ منهنجي بانسريءَ مان روئڻ جو آواز ٿو نڪري. |
|
|
|
|