|
| 1 |
|
| مون پنهنجن اکين سان عهد اقرار ڪيو؛ تڏهن ڪيئن آءٌ ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ ڏي نهاريان؟ |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو مٿان خدا وٽان ڪهڙو حصو آهي، قادر مطلق وٽان ورثو ڪهڙو آهي؟ |
|
| 3 |
|
| اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟ |
|
| 4 |
|
| هو منهنجا رستا نٿو ڏسي ڇا، ۽ منهنجا سڀ قدم نٿو ڳڻي ڇا؟ |
|
| 5 |
|
| جيڪڏهن آءٌ مغروريءَ سان هليو آهيان، ۽ منهنجو پير ٺڳيءَ ڏانهن تڪڙو ٿيو آهي؛ |
|
| 6 |
|
| (ڀلي تہ مون کي پوريءَ ساهميءَ ۾ تورين، تہ خدا کي منهنجي سچائي معلوم ٿئي؛) |
|
| 7 |
|
| جيڪڏهن منهنجو قدم رستي کان لڙي ٻاهر ويو آهي، ۽ منهنجي دل منهنجن اکين جي پٺيان لڳي هلي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو داغ منهنجن هٿن کي لڳو آهي؛ |
|
| 8 |
|
| تہ پوءِ ڀلي آءٌ پوکيان ۽ ٻيو کائي؛ هائو، ڀلي منهنجي ٻنيءَ جي پيدائش پاڙؤن پٽجي وڃي. |
|
| 9 |
|
| جيڪڏهن منهنجي دل ڪنهن زال ڏانهن ڌتارجي ويئي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي پاڙيسري جي در وٽ لڪي ويٺو هجان: |
|
| 10 |
|
| تہ پوءِ ڀلي منهنجي زال ٻئي جي لاءِ جنڊ پيهي، ۽ ڀلي تہ ٻيا ماڻهو هن تي جهڪن. |
|
| 11 |
|
| ڇالاءِ جو اهو جيڪر وڏو گناهہ هجي؛ هائو، اُهو جيڪر اهڙو ڏوهہ هجي جنهن جي قاضي سزا ڏين: |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ جو اها هڪڙي باهہ آهي جا ساڙيو چٽ ڪيو ڇڏي. ۽ منهنجي ساري پيدائش جيڪر پاڙؤن پٽي ڇڏي. |
|
| 13 |
|
| جي مون پنهنجي ٻانهي يا ٻانهيءَ جو حق ماريو آهي، جڏهن هو مون سان جهڳڙيا ٿي: |
|
| 14 |
|
| تہ جڏهن خدا اُٿي بيهندو تڏهن آءٌ ڇا ڪندس؟ ۽ جڏهن هو روبرو اچي پڇا ڪندو تڏهن هن کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟ |
|
| 15 |
|
| جنهن مون کي ماءُ جي پيٽ ۾ جوڙيو، تنهن هن کي نہ جوڙيو ڇا؟ ۽ هڪڙي ئي سڀني کي ماءُ جي پيٽ ۾ نہ بنايو ڇا؟ |
|
| 16 |
|
| جيڪڏهن مون مسڪينن کي سندن خواهشن کان روڪيو آهي، يا بيواهہ جي اکين کي سڪايو اٿم؛ |
|
| 17 |
|
| يا جي پنهنجو ٽڪر اڪيلو پاڻ کاڌو اٿم، ۽ انهيءَ مان ڪنهن يتيم بہ نہ کاڌو آهي؛ |
|
| 18 |
|
| (نہ، بلڪ ننڍپڻ کان هو مون وٽ رهي وڏو ٿيو جيئن ڪو پيءُ وٽ رهي، ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ کان وٺي آءٌ بيواهہ جو رهبر ٿي رهيو آهيان؛) |
|
| 19 |
|
| جيڪڏهن ڪپڙن نہ هئڻ ڪري ڪنهن کي مرندو ڏٺو اٿم، يا جي ڪنهن محتاج کي ڪنهن بہ ڪپڙي کان سواءِ ڏٺو اٿم؛ |
|
| 20 |
|
| جيڪڏهن انهيءَ جي چيلهہ مون کي دعا نہ ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن منهنجن رڍن جي اُن انهيءَ کي گرم نہ رکيو آهي؛ |
|
| 21 |
|
| جيڪڏهن مون پنهنجو هٿ ڪنهن يتيم کي هڻڻ لاءِ کنيو آهي، ڇالاءِ جو مون پنهنجي مدد در ۾ ڏٺي: |
|
| 22 |
|
| تہ تڏهن ڀلي منهنجو ڪلهو ڦڻيءَ کان ڪري پئي، ۽ منهنجي ٻانهن هڏي کان ڀڄي پوي. |
|
| 23 |
|
| ڇالاءِ جو مون کي خدا وٽان آيل آفت جي لاءِ خوف هو، ۽ هن جي جلال جي ڪري آءٌ ڪجهہ نہ ڪري سگهيس. |
|
| 24 |
|
| جيڪڏهن مون سون کي پنهنجو آسرو ڪيو آهي، ۽ خالص سون کي چيو اٿم تہ تون منهنجو ڀروسو آهين؛ |
|
| 25 |
|
| جيڪڏهن گهڻي دولت هئڻ ڪري مون خوشي ڪئي هوندي، ۽ انهيءَ ڪري تہ منهنجي هٿ ۾ گهڻو ئي ڪي هو؛ |
|
| 26 |
|
| جڏهن مون سج کي چمڪڻ وقت ڏٺو، يا چنڊ کي روشنائيءَ ۾ هلندو ڏٺم؛ |
|
| 27 |
|
| تہ منهنجي دل ڳجهہ ڳوهہ ۾ ڦري ويئي ۽ منهنجي وات منهنجي هٿ کي چُميو آهي: |
|
| 28 |
|
| تہ اهو بہ اهڙو ڏوهہ آهي جنهن جي لاءِ قاضي سزا ڏين ها: ڇالاءِ جو ائين خدا، جو مٿي آهي تنهن وٽ ڪوڙ ڳالهايان ها. |
|
| 29 |
|
| جيڪڏهن آءٌ پنهنجي دشمن جي ناس ٿيڻ تي خوش ٿيس، يا جڏهن هن کي ڪا خرابي پهتي تڏهن پاڻ کي خوش ڪيم؛ |
|
| 30 |
|
| (هائو، پٽڻ سان هن جي ساهہ وٺڻ لاءِ، مون پنهنجي وات کي گناهہ ڪرڻ نہ ڏنو؛) |
|
| 31 |
|
| جيڪڏهن منهنجي تنبوءَ جي ماڻهن ائين نہ چيو هجي، تہ ڪير اهڙو ماڻهو آهي جنهن هن وٽان گوشت سان ڍءُ نہ ڪيو آهي؟ |
|
| 32 |
|
| پرديسي گهٽيءَ ۾ نہ ٽڪيو؛ پر مون پنهنجا در پٽي مسافر کي اندر آندو؛ |
|
| 33 |
|
| جيڪڏهن آدم وانگر مون پنهنجا گناهہ ڍڪيا، جو پنهنجو ڏوهہ پنهنجي دل ۾ لڪايم: |
|
| 34 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ وڏيءَ جماعت کان ڊنس، ۽ قبيلن جي ڌڪار مون کي ڊيڄاريو آهي، جنهن ڪري آءٌ ماٺ ڪري ويٺس ۽ در کان ٻاهر نہ نڪتس. |
|
| 35 |
|
| شل ڪو منهنجي ٻڌڻ وارو هجي ها تہ چڱو! (ڏسو، اِجهو منهنجو دستخط، ڀلي تہ قادر مطلق مون کي ورندي ڏئي؛) ۽ جيڪا تهمت منهنجي دشمن لکي آهي سا جي مون وٽ هجي تہ چڱو! |
|
| 36 |
|
| يقيناً آءٌ جيڪر اها پنهنجي ڪلهي تي کڻان؛ اها آءٌ جيڪر پاڻ تي ڇٽ وانگر ٻڌان. |
|
| 37 |
|
| آءٌ جيڪر هن کي پنهنجن قدمن جو شمار ٻڌايان؛ هڪڙي شهزادي وانگر جيڪر آءٌ هن وٽ وڃان |
|
| 38 |
|
| جيڪڏهن منهنجي زمين منهنجي برخلاف پڪاري، ۽ انهيءَ جون کيڙون گڏجي روئن. |
|
| 39 |
|
| جيڪڏهن مون انهيءَ جا ميوا پئسن کان سواءِ کاڌا آهن، يا انهن جي مالڪن جو ساهہ منهنجي معرفت نڪتو آهي: |
|
| 40 |
|
| تہ ڀلي ڪڻڪ جي بدران ڪانڊيرا ڄمن، ۽ جون جي بدران ڪڙا داڻا. ايوب جو ڪلام پورو ٿيو. |
|
|
|
|