|
| 1 |
|
| انهيءَ طرح هنن ٽنهي ماڻهن ايوب کي جواب ڏيڻ کان بس ڪئي، ڇالاءِ جو هو پنهنجي نظر ۾ سچو هو. |
|
| 2 |
|
| تڏهن اليهو، بن براڪيل بوزي، رام جي قبيلي واري جي ڪاوڙ دکڻ لڳي: هن جي ڪاوڙ ايوب تي دکي، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خدا کان زيادہ سچو ٿي سمجهيو. |
|
| 3 |
|
| هن جي ڪاوڙ سندس ٽن دوستن تي بہ دکي، ڇالاءِ جو هنن کي جواب ڪو نہ ٿي سُجهيو، ۽ انهيءَ هوندي بہ ايوب کي ڏوهاري ٿي سمجهيائون. |
|
| 4 |
|
| هاڻي الهيو ايوب سان ڳالهائڻ لاءِ انهيءَ ڪري ترسيل هو جو هو ٻيا کانئس وڏا هئا. |
|
| 5 |
|
| سو جڏهن اليهو ڏٺو تہ انهن ٽنهي ماڻهن جي واتان ورندي ڪانہ نڪتي، تڏهن هو ڪاوڙيو. |
|
| 6 |
|
| تڏهن اليهو بن براڪيل بوزيءَ ورندي ڏئي چيو تہ، آءٌ ننڍو آهيان ۽ اوهين تمام وڏا آهيو، انهيءَ ڪري مون ماٺ ڪئي هئي ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جي جرئت نٿي ڪيم. |
|
| 7 |
|
| مون چيو تہ بزرگن کي ئي ڳالهائڻ گهرجي، ۽ وڏيءَ عمر وارن کي ئي حڪمت سيکارڻ لازم آهي. |
|
| 8 |
|
| پر انسان ۾ روح آهي، ۽ قادر مطلق جو دم انهي کي سمجهہ ڏئي ٿو. |
|
| 9 |
|
| وڏي مرتبي وارا ضرور نہ آهي تہ ڏاها هجن، نڪي وڏي عمر وارا انصاف جي سمجهہ رکندا آهن. |
|
| 10 |
|
| تنهن ڪري مون چيو تہ منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو؛ آءٌ پنهنجي راءِ بہ ٻڌائيندس. |
|
| 11 |
|
| ڏسو، آءٌ اوهان جي ڳالهائڻ لاءِ ترسيو ويٺو هوس، مون اوهان جا دليل پئي ٻڌا، جيستائين اوهان پئي خيال ڪيو تہ ڇا ڳالهايون. |
|
| 12 |
|
| هائو، منهنجو ڌيان اوهان ڏي هو، ۽ ڏسو اوهان مان ڪو بہ اهڙو ڪو نہ هو جو ايوب کي قائل ڪري، يا، جو سندس ڳالهين جو جواب ڏئي. |
|
| 13 |
|
| خبردار، متان اوهين چئو تہ اسان ڏاهپ لڌي آهي؛ خدا هن کي جيتي سگهي ٿو، نہ انسان: |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن سي منهنجي برخلاف نہ ڪيون اٿس؛ نڪي آءٌ اوهانجن حجتن دليلن سان هن کي ورندي ڏيندس. |
|
| 15 |
|
| هو حيران ٿي ويا آهن، هو وڌيڪ ڪو جواب نٿا ڏين: هنن کي ڪجهہ بہ چوڻ لاءِ ڪونهي. |
|
| 16 |
|
| ۽ آءٌ ترسي بيهان ڇا، ڇالاءِ جو هو نٿا ڳالهائين، ۽ ڪو جواب نہ ڏيان ڇا، ڇالاءِ جو هو چپ چاپ بيٺا آهن. |
|
| 17 |
|
| آءٌ بہ پنهنجي سمجهہ آهر جواب ڏيندس، آءٌ بہ اوهان کي پنهنجي راءِ ٻڌائيندس. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو مون کي گهڻو ئي ڪجهہ چوڻو آهي؛ مون منجهہ جيڪو روح آهي سو مون کي زور ٿو ڪري. |
|
| 19 |
|
| ڏسو، منهنجو پيٽ انهيءَ شراب جي سانداريءَ جهڙو آهي جنهن کي ڪو ٽُنگ ڪونهي؛ نئين ساندارين وانگر اهو ڦاٽڻ تي آهي. |
|
| 20 |
|
| آءٌ ڳالهائيندس تہ من مون کي آرام اچي؛ آءٌ پنهنجا چپ کوليندس ۽ ورندي ڏيندس. |
|
| 21 |
|
| آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ مون کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي پاس خاطري ڪرڻ نہ ڏيو؛ نڪو آءٌ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي خوشامد جهڙو لقب ڏيندس. |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ خوشامد جا لقب ڏيڻ ڄاڻان ئي نٿو؛ نہ تہ جيڪر خالق سگهو ئي مون کي کڻي وٺي. |
|
|
|
|