|
| 1 |
|
| انهيءَ هوندي بہ، اي ايوب، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي ڳالهہ ٻڌ ۽ جيڪي بہ آءٌ چوان تنهن ڏانهن ڪن ڏي، |
|
| 2 |
|
| هاڻي ڏس، مون پنهنجو وات پٽيو آهي، منهنجي زبان منهنجي وات ۾ ڳالهايو آهي. |
|
| 3 |
|
| منهنجا لفظ منهنجي دل جي سچائي ظاهر ڪندا؛ ۽ جيڪي منهنجا چپ ڄاڻن ٿا سو هو سچائيءَ سان ڳالهائيندا. |
|
| 4 |
|
| خدا جي روح مونکي جوڙيو آهي، ۽ قادر مطلق جي دم مون کي حياتي ڏني آهي. |
|
| 5 |
|
| جي تو کان ٿي سگهي تہ مون کي جواب ڏي؛ منهنجي اڳيان پنهنجون ڳالهيون ترتيب وار بيهار ۽ نڪري ٻاهر ٿي بيهہ. |
|
| 6 |
|
| ڏس آءٌ خدا جي حضوريءَ ۾ تنهنجي برابر آهيان: آءٌ بہ مٽيءَ مان جڙيل آهيان. |
|
| 7 |
|
| ڏس منهنجي هيبت تو کي نہ ڊيڄاريندي نڪي منهنجو دٻاءُ تو تي ڳرو ٿيندو. |
|
| 8 |
|
| يقيناً، تو منهنجي ٻڌندي ڳالهايو آهي، ۽ مون تنهنجو راز ٻڌو آهي تہ، |
|
| 9 |
|
| آءٌ پاڪ آهيان ۽ گناهہ کان آجو آهيان؛ آءٌ بي گناهہ آهيان، مون ۾ ڪا بہ برائي ڪانهي: |
|
| 10 |
|
| ڏس، هو منهنجي برخلاف وجهہ پيو ڳولي، هو مون کي پنهنجو دشمن شمار ٿو ڪري؛ |
|
| 11 |
|
| هو منهنجون ٽنگون ڪاٺ ۾ ٿو وجهي، هو منهنجا سڀ رستا جاچي ڇڏي ٿو. |
|
| 12 |
|
| ڏس، آءٌ توکي جواب ڏيندس، انهيءَ ڳالهہ ۾ تون انصاف وارو نہ آهين؛ ڇالاءِ جو خدا ماڻهوءَ کان وڏو آهي. |
|
| 13 |
|
| ڇو تون هن جي برخلاف وڙهين ٿو؟ ڇالاءِ جو هو پنهنجي ڪنهن بہ ڳالهہ جو حساب نٿو ڏئي. |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو خدا هڪڙو ڀيرو ٿو ڳالهائي، هائو، ٻہ ڀيرا، جيتوڻيڪ آءٌ انهيءَ ڏي ڌيان ٿو ڏيان. |
|
| 15 |
|
| خواب ۾ يا رات جو رويا ۾، جڏهن ماڻهو گهاٽي ننڊ ۾ آهن، ۽ هنڌ تي سُتا پيا آهن؛ |
|
| 16 |
|
| تڏهن هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ هنن جي تعليم تي مهر هڻي ٿو ڇڏي، |
|
| 17 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ هو ماڻهوءَ کي پنهنجي ارادي کان روڪي، ۽ انسان کان مغروري پري ڪري ڇڏي؛ |
|
| 18 |
|
| هو انهيءَ جي روح کي کڏ ۾ ڪرڻ کان سنڀالي ٿو، ۽ انهيءَ جي حياتيءَ کي ترار سان مرڻ کان. |
|
| 19 |
|
| هو پنهنجي هنڌ تي بہ سور سان سيکت حاصل ڪري ٿو، جڏهن هن جي هڏن ۾ گهڻي وقت تائين درد رهي ٿو: |
|
| 20 |
|
| جنهنڪري هن جي جيءَ کي ماني نٿي وڻي، ۽ هن جي روح کي عمدو طعام پسند نٿو اچي. |
|
| 21 |
|
| هنجو ماس اهڙو ڳري ٿو وڃي جو اهو ڏسڻ ۾ نٿو اچي؛ ۽ هنجا هڏا جي ڏسڻ ۾ نٿي آيا، سي نڪري ٻاهر ٿا بيهن. |
|
| 22 |
|
| هائو، هنجو روح کڏ کي ويجهو ٿو اچي، ۽ هن جي حياتي ناس ڪرڻ وارن کي نزديڪ ٿي وڃي. |
|
| 23 |
|
| جيڪڏهن هن سان ڪو فرشتو هجي، يا ڪو ترجمان هجي، پوءِ ڀلي هزار ۾ هڪڙو هجي، جو ماڻهوءَ کي سمجهائي تہ سندس لاءِ ڇا درست آهي؛ |
|
| 24 |
|
| تہ پوءِ هو انهيءَ تي مهربان ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو تہ، هن کي هيٺ کڏ ۾ وڃڻ کان بچاءِ، جو مون کي هن جو عيوضو مليو آهي. |
|
| 25 |
|
| هن جو بت ٻار جي بت کان بہ تازو ٿيندو؛ هو موٽي پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن تي اچي ٿو: |
|
| 26 |
|
| هو خدا کان دعا گهري ٿو، ۽ اهو هن تي مهربان آهي؛ جنهنڪري اُهو خوشيءَ سان هنجو منهن ڏسي ٿو: ۽ اهو ماڻهوءَ کي سندس سچائي موٽائي ڏئي ٿو. |
|
| 27 |
|
| هو ماڻهن جي اڳيان ڳائي ٿو ۽ چوي ٿو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، ۽ جيڪي سنئون هو تنهن کي ڏنگو ڪيو اٿم، ۽ انهيءَ مان مون کي ڪوبہ فائدو حاصل نہ ٿيو: |
|
| 28 |
|
| هن منهنجي روح کي کڏ ۾ پوڻ کان بچائي ورتو آهي، ۽ منهنجي حياتي روشنائي ڏسندي. |
|
| 29 |
|
| ڏس، اهي سڀ ڪم خدا انسان جي لاءِ ڪري ٿو، ٻہ ڀيرا بلڪ ٽي ڀيرا. |
|
| 30 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ هن جي روح کي کڏ مان ڪڍي اچي، تہ هن کي جيئرن جي روشنائي ملي. |
|
| 31 |
|
| اي ايوب، چڱيءَ طرح ڌيان ڏي ۽ منهنجي ڳالهہ ڪن ڏئي ٻڌ: ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ ڳالهايان. |
|
| 32 |
|
| جيڪڏهن توکي ڪي چوڻو آهي، تہ مون کي ورندي ڏي: ڀلي ڳالهاءِ، جو منهنجي مرضي آهي تہ توکي سچو ٺهرايان. |
|
| 33 |
|
| جي نہ تہ منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏئي ٻڌ: تون ماٺ ڪري ويهہ تہ آءٌ توکي ڏاهپ سيکاريان. |
|
|
|
|