Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| انهيءَ کان وڌيڪ اليهو، هي بہ ورندي ڏيئي چيو تہ، |
| 2 |
| اهو تون پنهنجو حق ٿو سمجهين ڇا، يا تون ائين چوين ٿو ڇا تہ منهنجي سچائي خدا جي سچائيءَ کان وڌيڪ آهي، |
| 3 |
| ۽ تون ائين چئين ٿو تہ انهيءَ مان توکي ڪهڙو فائدو آهي؟ ۽ جي آءٌ گناهہ ڪريان ها تہ انهيءَ کان وڌيڪ مون کي ڪهڙو اجر ملي ها؟ |
| 4 |
| آءٌ توکي جواب ڏيندس، ۽ تو سان گڏ تنهنجن سنگتين کي بہ، |
| 5 |
| آسمان ڏانهن نظر ڪري نهار، ۽ ڏس؛ تہ آسمان توکان ڪيترو نہ مٿي آهي. |
| 6 |
| جيڪڏهن تو گناهہ ڪيو آهي، تہ تون هن کي ڇا ٿو ڪري سگهين؟ ۽ جي تنهنجا ڏوهہ گهڻا ٿيندا، تہ تون هن کي ڇا ٿو ڪري سگهين؟ |
| 7 |
| جيڪڏهن تون سچو هوندين، تہ تون هن کي ڇا ٿو ڏين؟ يا هن کي تنهنجي هٿان ڇا ٿو حاصل ٿئي؟ |
| 8 |
| تنهنجي شرارت تو جهڙي انسان کي نقصان پهچائي سگهندي؛ ۽ تنهنجي سچائي ڪنهن آدمزاد کي فائدو رسائي سگهندي. |
| 9 |
| گهڻن ظلمن جي ڪري هو دانهون ٿا ڪن؛ ڏاڍي جي زبردستيءَ ڪري هو مدد لاءِ رڙيون ٿا ڪن. |
| 10 |
| پر ڪوبہ ڪو نہ ٿو چوي، تہ منهنجو خالق خدا ڪٿي آهي، جو رات جو راڳ ڏئي ٿو؛ |
| 11 |
| جو اسان کي زمين جي جانورن کان وڌيڪ تعليم ڏئي ٿو، ۽ اسان کي هوا جي پکين کان زيادہ عقل عطا ڪري ٿو؟ |
| 12 |
| اُهي دانهون ڪن ٿا پر هو جواب نٿو ڏئي، اهو خراب ماڻهوءَ جي مغروري جي سبب آهي. |
| 13 |
| يقين آهي تہ خدا مغرور جي نہ ٻڌندو، نڪي قادر مطلق انهيءَ ڏي ڪو خيال ڏيندو. |
| 14 |
| جڏهن تون چئين ٿو تہ هن کي نٿو ڏسين تڏهن تہ پاڻ هو گهٽ تو ڏي خيال ڪندو، جو حقيقت هن جي پيش آهي ۽ تون هن لاءِ منتظر آهين! |
| 15 |
| پر هاڻي ڇالاءِ جو هن پنهنجي ڪاوڙ نازل نہ ڪئي آهي، تنهنڪري تون چئين ٿو تہ هو گستاخيءَ ڏي گهڻو ڌيان نٿو ڏئي؛ |
| 16 |
| تنهنڪري ايوب پنهنجو وات گهمنڊ ۾ ٿو پٽي؛ ۽ هو سمجهہ کانسواءِ گهڻو ٿو ڳالهائي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/job/035.mp3
42
35