|
| 1 |
|
| اليهو هيترو بہ وڌيڪ چوڻ لڳو تہ، |
|
| 2 |
|
| مون کي ٿورو ڇڏ، تہ آءٌ توکي ڏيکاريان؛ ڇالاءِ جو مون کي اڃا بہ خدا جي طرفان ڪي ڪجهہ چوڻو آهي. |
|
| 3 |
|
| آءٌ پنهنجي سياڻپ پري کان آڻيندس، ۽ سچائي پنهنجي خالق جي نالي تي ليکيندس. |
|
| 4 |
|
| ڇالاءِ جو سچ پچ منهنجون ڳالهيون ڪوڙيون نہ آهن: جيڪو علم ۾ ڪامل آهي سو تو سان آهي. |
|
| 5 |
|
| ڏس، خدا قدرت وارو آهي ۽ ڪنهن کي بہ ڌڪاري نٿو: هو سمجهہ جي ڪري طاقتمند آهي. |
|
| 6 |
|
| هو شريرن جي حياتي نٿو بچائي: پر ڏکويلن کي پنهنجو حق ڏئي ٿو. |
|
| 7 |
|
| هو سچن تان پنهنجون اکيون نٿو کڻي: برابر انهن کي هميشہ لاءِ تخت تي بادشاهن سان گڏ ويهاري ٿو، ۽ هو وڏو درجو حاصل ٿا ڪن. |
|
| 8 |
|
| ۽ جي هو زنجيرن ۾ ٻڌجن ٿا، ۽ مصيبت جي رسن ۾ پڪڙجن ٿا؛ |
|
| 9 |
|
| تہ هو انهن کي سندن ڪم ۽ سندن گناهہ ڏيکاري ٿو، جي هنن پنهنجي مغروريءَ سان ڪيا آهن. |
|
| 10 |
|
| هو انهنجا ڪن تعليم لاءِ بہ کولي ٿو، ۽ حڪم ڏئين ٿو تہ بدڪاريءَ کان موٽن. |
|
| 11 |
|
| جيڪڏهن هو ٻڌندا ۽ سندس عبادت ڪندا، تہ هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذاريندا، ۽ پنهنجا سال خوشين ۾. |
|
| 12 |
|
| پر جي هو نہ ٻڌندا تہ ترار سان چٽ ٿيندا، ۽ بيعقليءَ ۾ مري ويندا. |
|
| 13 |
|
| پر جيڪي دل ۾ بيدين آهن سي غضب گڏ ٿا ڪن: تن کي جڏهن هو ٻڌي قابو ٿو ڪري تڏهن هو مدد لاءِ رڙيون نٿا ڪن. |
|
| 14 |
|
| هو جوانيءَ ۾ مري وڃن ٿا، ۽ هنن جي حياتي ناپاڪن جي وچ ۾ پوري ٿي وڃي ٿي. |
|
| 15 |
|
| هو مصيبت زدن کي سندن مصيبت سان ڇڏائي ٿو، ۽ ظلم جي وقت هنن جا ڪن کولي ٿو. |
|
| 16 |
|
| هائو، هو توکي مصيبت مان ڪڍي اهڙيءَ ڪشادي جاءِ ۾ پهچائي ها؛ جتي سوڙهہ نہ آهي ۽ تنهنجي دسترخاني تي جيڪي هجي سو جيڪر سڻڀ سان ڀريل هجي ها. |
|
| 17 |
|
| پر تون شريرن جي مقدمي سان ڀريل آهين: تنهنڪري عدالت ۽ انصاف توکي پڪڙين ٿا. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ تہ غضب آهي، تنهنڪري خبردار ٿج متان تنهنجي آسودگي توکي گهلي وڃي؛ نڪي وڏو عيوضو توکي گمراهہ ڪري ڇڏي. |
|
| 19 |
|
| تنهنجي دولت ۽ تنهنجي زور جي طاقت ڪافي آهي ڇا، تہ تون ڏک ۾ نہ پوين؟ |
|
| 20 |
|
| انهيءَ رات جي خواهش نہ ڪر، جڏهن ماڻهو پنهنجي جاءِ تي وڍجي وڃن ٿا. |
|
| 21 |
|
| سنڀال ڪر. بدڪاري جو خيال نہ رک: ڇالاءِ جو تو انهيءَ کي مصيبت کان زيادہ پسند ڪيو آهي. |
|
| 22 |
|
| ڏس، خدا پنهنجي طاقت سان وڏا ڪم ڪري ٿو: انهيءَ جهڙو اُستاد ٻيو ڪير آهي؟ |
|
| 23 |
|
| ڪنهن هن کي رستو ڏيکاريو آهي؟ يا ڪير چئي سگهندس تہ تو بي انصافيءَ جو ڪم ڪيو آهي. |
|
| 24 |
|
| ياد رک تہ هن جي ڪمن جي وڏائي ڏيکارين، جنهن جي بابت ماڻهن راڳ ڳايا آهن. |
|
| 25 |
|
| سڀني ماڻهن انهيءَ ڏي نهاريو آهي؛ انسان انهيءَ کي پري کان ڏسي ٿو. |
|
| 26 |
|
| ڏس، خدا وڏو آهي، ۽ اسين انهيءَ کي نٿا ڄاڻون: هن جي سالن جو شمار معلوم ٿيڻ جو نہ آهي. |
|
| 27 |
|
| ڇالاءِ جو هو پاڻيءَ جا ڦڙا ڇڪي وٺي ٿو، ۽ اهي سندس بخار مان مينهن ۾ ٽمن ٿا: |
|
| 28 |
|
| اهي ڪڪرن کي هيٺ اوتين ٿا ۽ ماڻهوءَ تي گهڻي انداز ۾ وسن ٿا. |
|
| 29 |
|
| هائو، ڪو ماڻهو ڪڪرن جو پکڙڻ، ۽ هن جي شامياني جو گجڻ سمجهي سگهندو ڇا؟ |
|
| 30 |
|
| ڏس، هو پنهنجي روشنائي پنهنجي چوڌاري پکيڙي ٿو؛ ۽ هو سمنڊ جو ترو ڍڪي ڇڏي ٿو. |
|
| 31 |
|
| ڇالاءِ جو انهيءَ سان هو ماڻهن جي عدالت ڪري ٿو؛ هو بي انداز کاڌو ڏئي ٿو. |
|
| 32 |
|
| هو وڄ پنهنجي هٿ ۾ کڻي ٿو؛ ۽ انهيءَ کي حڪم ٿو ڏئي تہ وڃي نشان کي لڳي. |
|
| 33 |
|
| انهيءَ جو ڪڙڪو هن جي خبر ٻڌائي ٿو، ۽ چوپايو مال بہ هن جي خبر ڏئي ٿو. |
|
|
|
|