|
| 1 |
|
| هائو، انهيءَ طوفان جي ڪري منهنجي دل ڏڪي ٿي، ايتري قدر جو سيني کان ٻاهر نڪتي ٿي اچي. |
|
| 2 |
|
| اوهين سڀ ڌيان سان خدا جي ڳالهائڻ جو آواز تہ ٻڌو، هائو، سندس واتان نڪرندڙ اها گجگوڙ تہ ٻڌو. |
|
| 3 |
|
| هو پنهنجي وڄ کي عرش کان هيٺ ٿو موڪلي، ۽ اها ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين وڃيو پهچي. |
|
| 4 |
|
| انهيءَ کان پوءِ سندس گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، هائو، هو پنهنجي جلال واري آواز سان گجي ٿو. جنهن وقت سندس آواز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، تنهن وقت هو وڄ جا چمڪاٽ موڪليندو ٿو رهي. |
|
| 5 |
|
| خدا پنهنجي آواز سان عجيب نموني گجگوڙ ٿو ڪري. هو وڏا وڏا معجزا ڪري ٿو، جيڪي اسين سمجھي نہ ٿا سگھون. |
|
| 6 |
|
| هو برف کي زمين تي ڪرڻ جو حڪم ٿو ڏئي، ساڳيءَ طرح برسات جي وڏ ڦڙي وسڪاري کي بہ حڪم ٿو ڏئي. |
|
| 7 |
|
| ائين هو سڀني ماڻهن کي پورهئي کان روڪي رکي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس مخلوق هن جي قدرت کي ڏسي. |
|
| 8 |
|
| انهيءَ وقت جھنگلي جانور بہ پنهنجي ڏرن ۾ وڃيو لڪن، ۽ پنهنجي پناهہگاهن ۾ ئي پئجي ٿا رهن. |
|
| 9 |
|
| ڏکڻ کان طوفاني هوائون ٿيون اچن، ۽ اتر کان ڏنگيندڙ ٿڌيون هوائون. |
|
| 10 |
|
| خدا جي ڦوڪ سان برف ڄمي پوي ٿي، ۽ پاڻيءَ جو مٿاڇرو ڌاتوءَ جهڙو سخت ٿي پوي ٿو. |
|
| 11 |
|
| هو گھاٽن ڪڪرن کي گھم سان ڀري ٿو، جيڪي سندس روشن وڄ کي هر طرف پکيڙي ڇڏين ٿا. |
|
| 12 |
|
| ڪڪر سندس اشاري سان چوڌاري ڦرن ٿا، تانتہ هو کين جيڪي بہ حڪم ڏئي، تنهن کي روءِزمين تي بجا آڻين. |
|
| 13 |
|
| پوءِ خواہ سيکت جي لاءِ توڙي رحمت جي لاءِ، هو اهو حڪم بجا آڻين ٿا.“ |
|
| 14 |
|
| اليهوءَ وڌيڪ چيو تہ ”اي ايوب! هيءَ ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ، ماٺ رهہ ۽ خدا جي عجيب وَ غريب ڪمن تي غور ڪر. |
|
| 15 |
|
| ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ خدا ڪيئن ڪڪرن کي حڪم سان ٿو هلائي؟ ۽ ڪيئن انهن مان وڄ ٿو چمڪائي؟ |
|
| 16 |
|
| ڇا تون ڄاڻين ٿو تہ ڪڪر آسمان ۾ ڪيئن ٿا ترن؟ هي عجيب وَ غريب ڪم انهيءَ جا ئي آهن، جيڪو علم ۾ ڪامل آهي. |
|
| 17 |
|
| جڏهن زمين سخت جھولي جي ڪري ويرانيءَ هيٺ اچي وڃي ٿي، تڏهن ڇا تون پنهنجي ڪپڙن ۾ آيل گرميءَ کان پاڻ کي بچائي ٿو سگھين؟ |
|
| 18 |
|
| ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي. |
|
| 19 |
|
| جيڪڏهن تون ائين ڪري ٿو سگھين تہ ڀلا اسان کي بہ سمجھاءِ تہ اسين خدا آڏو بيهي ساڻس ڪيئن ڳالهايون، ڇاڪاڻ تہ اونداهيءَ ۾ هئڻ ڪري اسين ساڻس ڪو مقدمو وڙهي نہ ٿا سگھون. |
|
| 20 |
|
| پر نہ، آءٌ خدا سان ڳالهائڻ جي جرئت ئي نہ ٿو ڪري سگھان، ڇا ڪو اهڙو بيوقوف ٿيندو، جو چاهي تہ خدا کيس برباد ڪري ڇڏي؟ |
|
| 21 |
|
| جڏهن هوا ڪڪرن کي هٽائي آسمان صاف ڪري ڇڏي ٿي، تڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڪندڙ سج ڏانهن چتائي ڏسي نہ ٿو سگھي. |
|
| 22 |
|
| تهڙيءَ طرح جڏهن اتر کان خدا ڄڻ سونهري چمڪ ۾ اچي ٿو، تڏهن ڪير سندس هيبتناڪ جلال ڏسي سگھي ٿو؟ |
|
| 23 |
|
| بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي. |
|
| 24 |
|
| تنهنڪري اسين انسان سندس خوف ٿا رکون، پر جيڪي ماڻهو پاڻ کي وڏو عقلمند ٿا سمجھن، تن جو هو ڪو لحاظ نہ ٿو ڪري.“ |
|
|
|
|