|
| 1 |
|
| تڏهن خداوند ايوب کي واچوڙي منجهان ورندي ڏئي چيو تہ، |
|
| 2 |
|
| هي ڪير آهي جو سمجهہ کان سواءِ ڳالهين ڪرڻ سان، صلاح مشورت تي پردو ٿو وجهي؟ |
|
| 3 |
|
| هاڻي مڙس ٿي پنهنجي چيلهہ ٻڌ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌاءِ. |
|
| 4 |
|
| جڏهن مون زمين جا بنياد وڌا تڏهن تون ڪٿي هئين؟ جي توکي سمجهہ آهي تہ ٻڌاءِ. |
|
| 5 |
|
| جيڪڏهن توکي خبر آهي تہ چئُہ تہ ڪنهن انهيءَ جي ماپ ڪئي؟ يا ڪنهن انهيءَ تي ڏور ڇڪي؟ |
|
| 6 |
|
| ڇا تي انهيءَ جو بنياد ٻڌي قابو ڪيو ويو؟ يا ڪنهن انهيءَ جي ڪنڊ وارو پٿر رکيو؛ |
|
| 7 |
|
| جڏهن صبح جي تارن گڏجي ڳايو، ۽ خدا جي سڀني پٽن خوشيءَ جا نعرا هنيا؟ |
|
| 8 |
|
| يا جڏهن سمنڊ اُٿلي پيو، ڄڻ تہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتو آهي، تڏهن ڪنهن انهيءَ کي دروازا ڏئي بند ڪيو؛ |
|
| 9 |
|
| جڏهن مون ڪڪر کي انهيءَ جي پوشاڪ ڪيو، ۽ گهاٽي اونداهيءَ کي انهيءَ کي ويڙهڻ جو ڪپڙو ڪيو، |
|
| 10 |
|
| ۽ انهيءَ جي لاءِ پنهنجي حڪم موجب مون حد ٺهرائي، ۽ انهيءَ کي در ۽ تاڙيون وڌم، |
|
| 11 |
|
| ۽ چيم تہ تون هيستائين ايندين پر اڳتي نہ ويندين؛ ۽ هتي تنهنجون مغرور لهرون بيهي وينديون؟ |
|
| 12 |
|
| تنهنجي پيدا ٿيڻ کان وٺي، تو صبح تي حڪم هلايو آهي ڇا، ۽ سج کي اُڀرڻ جي جاءِ تو سڃاڻائي آهي ڇا؛ |
|
| 13 |
|
| تہ هو زمين جي حد تائين قبضو ڪري، ۽ شرير ماڻهو انهيءَ مان ڇنڊجي نڪري وڃن؟ |
|
| 14 |
|
| اُها ائين بدلجي وڃي ٿي جيئن مٽي مهر هيٺ؛ ۽ سڀ شيون ڪپڙي وانگر نڪري ظاهر ٿيون ٿين: |
|
| 15 |
|
| ۽ شريرن کان سندن روشنائي روڪي ٿي وڃي، ۽ مغرور ٻانهن ڀڃي ڇڏڻ ۾ ٿي اچي. |
|
| 16 |
|
| تون سمنڊ جي چشمن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا وڏي سمنڊ جي ڳجهين جاين ۾ هليو آهين ڇا؟ |
|
| 17 |
|
| موت جا دروازا تو تي ظاهر ڪري ڏيکاريا ويا آهن ڇا؟ يا تو موت جي پاڇي جا دروازا ڏٺا آهن ڇا؟ |
|
| 18 |
|
| تو زمين جي ويڪرائي پروڙي آهي ڇا؟ جي سڀ ڳالهيون تون ڄاڻين ٿو تہ ٻڌاءِ. |
|
| 19 |
|
| روشنائيءَ جي رهڻ جي جاءِ جو رستو ڪٿي آهي، ۽ اونداهيءَ جي ڪهڙي جاءِ آهي؛ |
|
| 20 |
|
| تہ تون اُها انهيءَ جي حد تائين وٺي وڃين ۽ انهيءَ جي گهر ڏي وڃڻ وارا رستا معلوم ڪرين؟ |
|
| 21 |
|
| بيشڪ تون اهي ڄاڻين ٿو ڇالاءِ جو تون تڏهن ڄائو هئين، ۽ تنهنجن ڏينهن جو شمار وڏو آهي! |
|
| 22 |
|
| تون برف جي خزانن ۾ گهڙيو آهين ڇا؟ يا تو ڳڙن جا خزانا ڏٺا آهن ڇا، |
|
| 23 |
|
| جي مون تڪليف جي وقت لاءِ سانڍي رکي ڇڏيا آهن، ۽ لڙائي ۽ جنگ جي ڏينهن لاءِ؟ |
|
| 24 |
|
| ڪهڙيءَ طرح روشنائي ورهائجي ڌار ٿئي ٿي، يا اُڀرندي جو واءُ زمين تي اچي ٿو؟ |
|
| 25 |
|
| ڪنهن پاڻيءَ جي ليٽ لاءِ وهڻ جي جاءِ ڀڃي ڪڍي آهي، ۽ وڄ جي چمڪاٽ لاءِ رستو ڪڍيو آهي؛ |
|
| 26 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ زمين تي مينهن پوي جا غيرآباد آهي؛ ۽ انهيءَ بيابان تي، جنهن ۾ ڪو بہ انسان ڪونهي؛ |
|
| 27 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ غيرآباد ۽ سڃيءَ زمين کي ڍءُ ڏئي؛ ۽ نازڪ گاهہ ڄمائي؟ |
|
| 28 |
|
| مينهن کي ڪو پيءُ آهي ڇا؟ يا ڪنهن ماڪ جا ڦڙا ڄڻيا آهن ڇا؟ |
|
| 29 |
|
| ڪنهن جي پيٽ مان برف آئي؟ ۽ آسمان جو سفيد پارو ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ |
|
| 30 |
|
| پاڻي پٿر وانگر ڄمي وڃي ٿو، ۽ وڏي سمنڊ جي سطح ڄمي ٿي وڃي. |
|
| 31 |
|
| تون ڪتين جو ڇڳو ڪو ٻڌي سگهندين، يا جبار جا بند کولي سگهندين ڇا؟ |
|
| 32 |
|
| تون منطقتہ اُلبروج کي سندس وقت تي ڪڍي سگهندين ڇا؟ يا کٽ ۽ انجي پٺيان هلندڙن تارن کي گهمائي سگهندين ڇا؟ |
|
| 33 |
|
| آسمانن جي قانونن جي ڪا توکي خبر آهي ڇا؟ انهن جو حڪم ڪو تون زمين تي قائم ڪري سگهندين ڇا؟ |
|
| 34 |
|
| تون پنهنجو آواز ڪڪرن تائين پهچائي سگهندين ڇا، تہ گهڻو پاڻي توکي ڍڪي ڇڏي؟ |
|
| 35 |
|
| تون ڪو وڄ کي موڪلي سگهندين ڇا تہ نڪري وڃي، ۽ توکي چوي تہ آءٌ هتي آهيان؟ |
|
| 36 |
|
| اندرين عضون ۾ عقل ڪنهن وڌو آهي؟ يا ڪنهن دل کي سمجهہ ڏني آهي؟ |
|
| 37 |
|
| ڪير پنهنجي عقل جي زور تي ڪڪرن جو شمار ڪري سگهندو؟ يا ڪير آسمان جا ساندارا هاري سگهندو، |
|
| 38 |
|
| جڏهن مٽي بدلجي گپ ٿي پوي ٿي، ۽ ڀتر گڏجي ڳوڙها ٿين ٿا؟ |
|
| 39 |
|
| تون ڪو شينهڻ جي لاءِ شڪار ڪري سگهندين؟ يا شينهن جي ٻچن جي بک لاهي سگهندين، |
|
| 40 |
|
| جڏهن اُهي پنهنجن غارن ۾ لڪن ٿا، ۽ جهنگ جي ٻوڙن ۾ لڪي ويهن ٿا؟ |
|
| 41 |
|
| ڪانگ جي لاءِ ڪير کاڌو موجود ڪري ٿو، جڏهن ان جا ٻچا خدا کي دانهون ڪري سڏين ٿا، ۽ کاڌي نہ هئڻ ڪري رلن ٿا؟ |
|
|
|
|