|
| 1 |
|
| توکي خبر آهي ڇا تہ ٽڪر جون جهنگلي ٻڪريون ڪڏهن ٻچا ڄڻينديون؟ يا تون ڪو معلوم ڪري سگهندين ڇا تہ ڪڏهن هرڻيون ڦر ڏينديون؟ |
|
| 2 |
|
| جيڪي مهينا هو پورا ڪن ٿيون سي تون شمار ڪري سگهندين ڇا؟ يا تون ڄاڻي سگهندين تہ ڪهڙي وقت هو ويامنديون؟ |
|
| 3 |
|
| هو پاڻ کي جهڪائين ٿيون ۽ پنهنجا ٻچا ڄڻين ٿيون، ۽ پنهنجن سورن کان ڇٽن ٿيون. |
|
| 4 |
|
| انهن جا ٻچا چڱا وڻندڙ آهن ۽ اُهي کليل ميدان ۾ وڌي وڏا ٿين ٿا؛ هو نڪري پري وڃن ٿا ۽ وري موٽن نٿا. |
|
| 5 |
|
| ڪنهن خچر کي آزاد ڇڏي ڏنو آهي؟ يا ڪنهن خچر جا بند کولي ڇڏيا آهن؟ |
|
| 6 |
|
| انهيءَ جو گهر مون بيابان ڪيو آهي، ۽ کاري زمين کي اُن جي رهڻ جو هنڌ بنايو اٿم. |
|
| 7 |
|
| هو شهر جي گند گوڙ کي ڌڪاري ٿو، ۽ هو هڪلڻ واري جون رڙيون نٿو ٻڌي. |
|
| 8 |
|
| جبلن جي قطار هن جي چاري جي جاءِ آهي، ۽ هو هر قسم جي سائي شيءِ جي ڳولا ڪري ٿو. |
|
| 9 |
|
| جهنگلي ڏاند ڪو تنهنجي تابعداري ڪرڻ ۾ راضي رهندو ڇا؟ يا هو ڪو تنهنجي آهر جي ڀرسان رهندو ڇا؟ |
|
| 10 |
|
| تون ڪو جهنگلي ڏاند کي رسي کان وٺي کيڙيءَ ۾ هلائي سگهندين ڇا؟ يا هو تنهنجي پٺيان وادين ۾ ڏانداري هلائيندو ڇا؟ |
|
| 11 |
|
| هن جي گهڻي زور جي ڪري تون هن تي ڀروسو رکندين ڇا؟ يا تون پنهنجو ڪم هن تي ڇڏي ڏيندين ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| توکي ڪا هن تي خاطري ٿي سگهندي ڇا تہ هو تنهنجو فصل گهر کڻي ايندو، ۽ تنهنجي ڳاهڻ واري پڙ جو ان گڏ ڪندو؟ |
|
| 13 |
|
| اٺ پکيءَ جو کنڀ خوش ڪري ٿو: پر سندس پر ۽ کنڀ ڪي مهرباني ڪندڙ آهن ڇا؟ |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجا بيدا زمين تي ڇڏي ٿي، ۽ مٽيءَ ۾ انهن کي گرم ڪري ٿي، |
|
| 15 |
|
| ۽ اها ڳالهہ وساري ڇڏي ٿي تہ متان ڪو پير انهن کي چپي ڇڏي، يا ڪو جهنگلي جانور انهن کي لتاڙي وڃي. |
|
| 16 |
|
| هوءَ پنهنجن ٻچن تي سختي ڪري ٿي، ڄڻ تہ اُهي سندس نہ آهن: جيتوڻيڪ ان جو پورهيو ضايع ٿو ٿئي تہ بہ ان کي فڪر ڪونہ ٿو ٿئي؛ |
|
| 17 |
|
| ڇالاءِ جو خدا ان جو عقل کسيو آهي، ۽ ان کي ڪابہ سمجهہ نہ ڏني اٿس. |
|
| 18 |
|
| جنهن وقت هوءَ پاڻ کي چاڙهي مٿي ڪري ٿي، تڏهن گهوڙي ۽ ان جي سوار تي نفرت ڪري ٿي. |
|
| 19 |
|
| گهوڙي کي تو زور ڏنو آهي ڇا؟ يا تو ان جي ڳچيءَ کي ڏڪندڙ بشڪن سان ڍڪيو آهي ڇا؟ |
|
| 20 |
|
| تو هن کي مڪڙ وانگر ٽپايو آهي ڇا؟ هن جي ڦوڪارڻ جو شان خوفناڪ آهي. |
|
| 21 |
|
| هو واديءَ ۾ سنب هڻي ٿو ۽ پنهنجي زور ڪري خوش آهي: هو هٿيارن وارن ماڻهن کي گڏجڻ لاءِ نڪري وڃي ٿو. |
|
| 22 |
|
| هو ڊپ تي کلي ٿو ۽ ڊڄي نٿو، نڪي هو ترار کان منهن ٿو موڙي. |
|
| 23 |
|
| تيرن جي بٿي هن جي سامهون کڙڪي ٿي، ۽ چمڪندڙ نيزو ۽ بڙڇي بہ. |
|
| 24 |
|
| هو خوشي ۽ ڪاوڙ سان زمين ڳهي وڃي ٿو؛ هو مڃي نٿو تہ اهو قرناءِ جو آواز آهي. |
|
| 25 |
|
| جڏهن ڪڏهن قرناءِ جو آواز ٿئي ٿو تڏهن هو چوي ٿو تہ واہ واہ! ۽ هن کي جنگ جي پري کان بانس اچي ٿي. ۽ سردارن جي هڪل ۽ رڙين جي بہ. |
|
| 26 |
|
| باز ڪو تنهنجي ڏاهپ سان اُڏامي ٿو؛ ۽ پنهنجا پر ڏکڻ ڏي پکيڙي ٿو ڇا؟ |
|
| 27 |
|
| عقاب ڪو تنهنجي حڪم پٺيان مٿي چڙهي وڃي ٿو، ۽ مٿانهينءَ جاءِ تي پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو ڇا؟ |
|
| 28 |
|
| هو ٽڪر تي رهي ٿو ۽ انجي رهڻ جي جاءِ اتي آهي، يعني ٽڪر جي چوٽيءَ ۽ مضبوط ڳڙهہ تي. |
|
| 29 |
|
| اتان هو پنهنجو شڪار ڏسي ٿو؛ انهيءَ تي پري کان سندس نظر پوي ٿي. |
|
| 30 |
|
| انجا ٻچا بہ رت چوسين ٿا: ۽ جتي ڪي ڪُٺل پيا آهن، اتي هو پاڻ بہ آهي. |
|
|
|
|