|
| 1 |
|
| تڏهن اليفز تيمانيءَ، ورندي ڏيئي چيو تہ، |
|
| 2 |
|
| جيڪڏهن ڪو تو سان ڪوشش ڪري گفتگو ڪري، تہ تون رنج ٿيندين ڪيئن؟ پر ڪير پاڻ کي ڳالهائڻ کان روڪي سگهندو؟ |
|
| 3 |
|
| ڏس تو گهڻن کي تعليم ڏني آهي ۽ ضعيف هٿن کي مضبوط ڪيو اٿيئي. |
|
| 4 |
|
| تنهنجي ڪلام انهي کي جهلي ورتو آهي جو ڪرڻ تي هو، ۽ تو ضعيف گوڏن کي مضبوط ڪيو آهي. |
|
| 5 |
|
| پر هاڻي اهو حال توتي آيو آهي، ۽ تون ماندو ٿو ٿين؛ اهو توکي ڇهي ٿو، ۽ توکي تڪليف ٿي رسي. |
|
| 6 |
|
| توکي جيڪو خدا جو ڊپ آهي سو تنهنجو ڀروسو ناهي ڇا، ۽ تنهنجن رستن جي سچائي تنهنجي اُميد ناهي ڇا؟ |
|
| 7 |
|
| آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان، تہ ياد رک، تہ بي گناهہ بہ ڪڏهن ڪو ناس ٿيو آهي؟ يا سچار بہ ڪٿي وڍجي ويا آهن ڇا؟ |
|
| 8 |
|
| جيئن مون ڏٺو آهي، تيئن جيڪي ظلم ٿا کيڙين، ۽ فساد ٿا پوکين، سي لڻن بہ اهو ئي ٿا. |
|
| 9 |
|
| خدا جي دم سان هو چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ انجي ڪاوڙ جي جهوٽي سان هو مري کپي وڃن ٿا. |
|
| 10 |
|
| شينهن جي گجگوڙ، ۽ خوفناڪ شينهن جو آواز، ۽ ننڍن شينهن جا ڏند ڀڄي پيا آهن. |
|
| 11 |
|
| ٻڍو شينهن شڪار نہ ملڻ ڪري مري ٿو، ۽ شينهڻ جا ٻچا پري پکڙي ويا آهن. |
|
| 12 |
|
| هاڻي هڪڙي ڳالهہ ڳجهيءَ طرح مون وٽ آندي ويئي، ۽ منهنجي ڪن انهيءَ جو ڀڻڪو ٻڌو. |
|
| 13 |
|
| رات جي رويائن جي خيالن جي وچ ۾، جڏهن ماڻهن تي گهاٽي ننڊ غالب ٿئي ٿي، |
|
| 14 |
|
| تڏهن مونکي ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جنهنڪري منهنجا سڀ هڏا ڏڪڻ لڳا. |
|
| 15 |
|
| تڏهن هڪڙو روح منهنجي منهن جي اڳيان اچي لنگهيو؛ منهنجي بت جا وار کڙا ٿي بيٺا. |
|
| 16 |
|
| اهو ماٺ ڪري بيٺو، پر انهيءَ کي آءٌ چٽيءَ طرح ڏسي نہ سگهيس؛ فقط هڪڙي شڪل منهنجن اکين اڳيان هئي، ماٺ لڳي پيئي هئي، ۽ مون هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ، |
|
| 17 |
|
| فاني انسان بہ ڪو خدا کان وڌيڪ انصاف وارو ٿيندو ڇا؟ ماڻهو پنهنجي خالق کان ڪو وڌيڪ پاڪ ٿيندو ڇا؟ |
|
| 18 |
|
| ڏس، هو پنهنجن ٻانهن ۾ ڪو بہ ويساهہ نٿو رکي؛ ۽ پنهنجن فرشتن کي هو بي عقليءَ جي تهمت ٿو ڏئي: |
|
| 19 |
|
| تنهنجو انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙو حال هوندو، جيڪي مٽيءَ جي گهرن ۾ رهن ٿا، جن جو بنياد خاڪ آهي، جي پتنگ وانگر چپجي ٿا پون! |
|
| 20 |
|
| صبح ۽ شام جي وچ ۾ هو ناس ٿي وڃن ٿا: هو هميشہ لاءِ چٽ ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪو بہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي. |
|
| 21 |
|
| هنن جي تنبوءَ جو رسو سندن اندر ۾ پٽجي نہ پيو آهي ڇا؟ هو ڏاهپ کان سواءِ مري وڃن ٿا. |
|
|
|
|