|
| 1 |
|
| تڏهن اليفز تيمانيءَ ايوب کي ورندي ڏيئي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”اي ايوب! جيڪڏهن تو کي ڪا ڳالهہ چئجي تہ ٿي سگھي ٿو تو کي رنج پهچي، پر چوڻ کان سواءِ رهي بہ تہ نہ ٿو سگھجي. |
|
| 3 |
|
| ڏس، تو گھڻن ئي کي تعليم ڏني آهي، گھڻن ئي هيڻن جي همراهي ڪئي اٿيئي. |
|
| 4 |
|
| تنهنجي ڳالهين تہ ڪرندڙن کي بہ سنڀالي ورتو آهي، هائو، ٿڙي ويندڙ قدمن کي بہ تو قائم رکيو آهي. |
|
| 5 |
|
| پر هاڻ جڏهن تو تي مصيبت اچي پيئي آهي، تڏهن تون همت هاري ويٺو آهين! مصيبت اچي تو کي ڇهيو آهي، تہ تون گھٻرائجي ويو آهين! |
|
| 6 |
|
| تو کي پنهنجي رستن جي سچائيءَ ۾ اميد ناهي ڇا؟ تو کي پنهنجي پرهيزگاريءَ تي ڪو ڀروسو ناهي ڇا؟ |
|
| 7 |
|
| سوچي ڏس تہ بيگناهہ بہ ڪڏهن ناس ٿيو آهي ڇا؟ يا سچار بہ ڪڏهن برباد ڪيو ويو آهي ڇا؟ |
|
| 8 |
|
| بلڪ مون تہ ڏٺو آهي تہ جيڪي بدڪاريءَ جو هر ٿا ڪاهين، ۽ ايذائڻ جو ٻج ٿا پوکين، سي لڻن بہ بدڪاري ۽ ايذاءُ ئي ٿا. |
|
| 9 |
|
| اهي خدا جي ڦوڪ سان چٽ ٿي وڃن ٿا، هائو، سندس غضبناڪ ڦوڪ سان اهي مريو کپيو وڃن. |
|
| 10 |
|
| جيتوڻيڪ اهي ببر شينهن وانگر گجگوڙ ۽ گجڪار ٿا ڪن، مگر خدا انهن کي ماٺ ڪرائي ڇڏي ٿو، هائو، هو انهن جا ڏند ڀڃي کين بيوس بڻائي ٿو ڇڏي. |
|
| 11 |
|
| اهي انهن شينهن وانگر آهن، جيڪي شڪار نہ ملڻ ڪري مري وڃن ٿا، ۽ انهن جا ٻچا ڪڻو ڪڻو ٿي وڃن ٿا.“ |
|
| 12 |
|
| ”ڏس، مون کي راز جي هڪڙي ڳالهہ ايترو تہ هوريان ٻڌائي ويئي، جو آءٌ مشڪل سان ئي اها ٻڌي سگھيس. |
|
| 13 |
|
| هي رات جي انهيءَ وقت ٿيو، جڏهن آءٌ خوابن ۾ گم هئس، هائو، ان وقت جڏهن ماڻهن تي گَهري ننڊ غالب ٿئي ٿي. |
|
| 14 |
|
| تڏهن مون کي اهڙي تہ ڊپ ۽ ڏڪڻيءَ اچي ورتو، جو منهنجي لڱن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي. |
|
| 15 |
|
| پوءِ منهنجي منهن کي هوا جو هڪ جھوٽو ڇهي لنگھي ويو، تڏهن ڊپ وچان منهنجي بدن جا وار بہ اُڀا ٿي ويا. |
|
| 16 |
|
| بس اها هڪڙي شڪل هئي، جيڪا منهنجي اکين اڳيان ٿي بيٺي، مگر آءٌ انهيءَ کي چٽيءَ طرح ڏسي ڪين ٿي سگھيس، تڏهن خاموشيءَ ۾ مون کي هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن چيو تہ |
|
| 17 |
|
| ’ڇا ڪو فاني انسان خدا آڏو سچار ٿي سگھي ٿو؟ ڇا ڪو ماڻهو خدا آڏو پاڪ ٿي سگھي ٿو؟ |
|
| 18 |
|
| ڏس، جيڪڏهن هو پنهنجي آسماني ٻانهن تي بہ ڀروسو ڪين ٿو رکي، هائو، پنهنجي فرشتن کي بہ جيڪڏهن هو ڏوهاري قرار ڏئي ٿو، |
|
| 19 |
|
| تہ پوءِ انسان، جيڪي ٺهيل ئي مٽيءَ جا آهن، ۽ جن جو بنياد ئي مٽي آهي، ۽ جيڪي پوپٽ وانگر چپجيو ٿا وڃن، سي ان جي نظر ۾ ڇا هوندا؟ |
|
| 20 |
|
| هو صبح جو تہ آهن پر شام ٿيڻ تائين اهي مريو وڃن، هائو، هميشہ هميشہ لاءِ اهي چٽ ٿي وڃن ٿا، ڪوبہ انهن ڏانهن ڌيان ڪونہ ٿو ڏئي. |
|
| 21 |
|
| سندن زندگيءَ جي تنبوءَ جا رسا پٽي ڪڍيا وڃن ٿا، ۽ ڏاهپ سکڻ کان اڳ ئي اهي مري کپي ٿا وڃن.‘“ |
|
|
|
|