×

Sindhi Bible 1962

ايوب ٤٠

1
هيترو بہ وڌيڪ خداوند ايوب کي ورندي ڏئي چيو تہ،
2
جيڪو اجايو اعتراض ٿو آڻي سو ڪو قادر مطلق سان تڪرار ڪندو ڇا؟ جيڪو خدا سان بحث ڪري ٿو، تنهن کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي.
3
تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏئي چيو تہ:
4
ڏس آءٌ ڪي ڪين آهيان: توکي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي ٿو رکان.
5
مون هڪڙو ڀيرو ڳالهايو آهي، هاڻي آءٌ ورندي ڪانہ ڏيندس؛ هائو ٻہ ڀيرا، پر وڌيڪ ٻيو ڪي بہ ڪين چوندس.
6
تڏهن خداوند واچوڙي منجهان ايوب کي ورندي ڏئي چيو تہ،
7
هاڻي مڙس ٿي چيلهہ ٻڌ: آءٌ تو کان سوال پڇندس ۽ تون مون کي بيان ڪري ٻڌائج.
8
تون منهنجي عدالت کي بہ رد ڪرڻ ٿو گهرين ڇا؟ تون مون کي ڏوهاري ٺهرائيندين ڇا تہ تون سچو ثابت ٿين؟
9
يا تنهنجي ٻانهن ڪا خدا جهڙي آهي ڇا؟ ۽ تون ڪو هن وانگر آواز سان گجگوڙ ڪري سگهندين ڇا؟
10
هاڻي پاڻ کي شان شوڪت سان سينگار؛ ۽ پاڻ کي عزت ۽ جلال سان تيار ڪر.
11
پنهنجي ڪاوڙ جو جوش هاري وجهہ: ۽ جيڪو مغرور آهي انهيءَ ڏي نهار ۽ انهيءَ کي ذليل ڪر.
12
جيڪو مغرور آهي تنهن ڏي نظر ڪر ۽ انهيءَ کي لاهي هيٺ ڪر؛ ۽ جتي شرير بيٺا آهن اُتي هنن کي لتاڙي ڇڏ.
13
انهن کي گڏي مٽيءَ ۾ لڪائي ڇڏ؛ ڳجهيءَ جاءِ ۾ هنن جا منهن ٻڌي ڇڏ.
14
تڏهن آءٌ بہ تنهنجي نسبت ۾ قبول ڪندس تہ تنهنجو ساڄو هٿ توکي بچائي سگهندو.
15
هاڻي هپوپوٽيمس کي ڏس، جنهن کي مون تو سان بنايو آهي؛ هو ڏاند وانگر گاهہ کائي ٿو.
16
هاڻي ڏس، هن جو زور هن جي چيلهہ ۾ آهي، ۽ هن جي طاقت هن جي پيٽ جي مشڪن ۾ آهي.
17
هو سرو جي وڻ وانگر پنهنجو پڇ چوري ٿو: هن جي رانن جون نسون سوڙهيون بنيل آهن.
18
هن جا هڏا پتل جي نالين جهڙا آهن؛ هن جا عضوا لوهہ جي گزن جهڙا آهن.
19
هو خدا جي خاص ڪاريگري آهي: جنهن هن کي جوڙيو، انهيءَ هن کي ترار بخشي آهي.
20
يقين آهي تہ جبل هن جي لاءِ کاڌو پيدا ڪن ٿا؛ جتي جهنگ جا سڀ جانور رانديون ڪن ٿا.
21
هو پٻڻ جي وڻ هيٺ ليٽي ٿو، يعني ڪانن جي آڙ ۽ ڌٻڻ ۾
22
پٻڻ جا وڻ هن کي پنهنجي پاڇي سان ڍڪين ٿا؛ نهر جون نليون هن کي چوڌاري وڪوڙين ٿيون.
23
ڏس، جي ڪا ندي اُٿل ڪري ٿي تہ هو ڏڪي نٿو: جي يردن ندي هن جي وات تائين چڙهي اچي تہ بہ هن کي پرواهہ ڪانهي.
24
جڏهن هو خبردار ٿو رهي تڏهن ڪو هن کي پڪڙي سگهندو ڇا، يا ڪو ڦندو هن جي نڪ مان لنگهائي سگهندو ڇا؟
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو