|
| 1 |
|
| خداوند ايوب کي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”اي ايوب! ڇا مون قادرِمطلق سان اڃا تڪرار ڪندو رهندين، جو مون سان اعتراض جاري رکندو ٿو اچين؟ تون، جيڪو مون خدا سان بحث ٿو ڪرين، ڇا منهنجي ڳالهين جو جواب ڏيئي سگھندين؟“ |
|
| 3 |
|
| تڏهن ايوب خداوند کي ورندي ڏيئي چيو تہ |
|
| 4 |
|
| ”اي خداوند! آءٌ تہ هڪڙو ناچيز آهيان، آءٌ تو کي ڪهڙو جواب ٿو ڏيئي سگھان؟ آءٌ پنهنجو هٿ پنهنجي وات تي رکي خاموش ٿو رهان. |
|
| 5 |
|
| هاڻي آءٌ ڪابہ ورندي ڪين ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي جيترو ڳالهائڻ کپندو هو، تنهن کان بہ وڌيڪ آءٌ اڳ ۾ ڳالهائي چڪو آهيان.“ |
|
| 6 |
|
| تڏهن خداوند وڏي واچوڙي منجھان ايوب سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ |
|
| 7 |
|
| ”هاڻي مڙس ٿي منهن ڏيڻ لاءِ سندرو ٻڌ، ۽ تو کان جيڪي پڇان تنهن جو جواب ڏي. |
|
| 8 |
|
| ڇا تون منهنجي انصاف کي باطل ثابت ڪرڻ ٿو چاهين؟ ڇا تون پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مون کي ڏوهاري قرار ڏيندين؟ |
|
| 9 |
|
| ڇا تنهنجي بازن ۾ مون خدا جهڙي طاقت آهي؟ ڇا تون منهنجي آواز وانگر گجگوڙ ڪري ٿو سگھين؟ |
|
| 10 |
|
| هاڻي جيڪڏهن ائين آهي تہ اُٿ ۽ پاڻ کي شان وَ شوڪت سان سينگار، پاڻ کي حشمت ۽ جلال سان تيار ڪر. |
|
| 11 |
|
| پوءِ جيڪي مغرور آهن تن ڏانهن نهاري، انهن کي پنهنجي ڪاوڙ جو جوش ڏيکار ۽ کين ذليل ڪر. |
|
| 12 |
|
| هائو، هر مغرور کي نيچ ڪري ڇڏ، ۽ شرير ماڻهو جتي بہ هجن اتي کين ڪچلي ڇڏ. |
|
| 13 |
|
| انهن سڀني کي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪري ڏيکار، هائو، کين پاتال ۾ قيد ڪري ڏيکار. |
|
| 14 |
|
| تڏهن آءٌ بہ تو کي مڃيندس تہ تنهنجي طاقت تو کي بچائي ٿي سگھي.“ |
|
| 15 |
|
| ”هاڻي دريائي گھوڙي تي نظر ڪر، جنهن کي بہ تو وانگر مون ئي خلقيو آهي، هو ڏاند وانگر گاهہ کائي ٿو. |
|
| 16 |
|
| پر ڏس تہ هن جي بدن ۾ ڪيتري نہ قوت آهي! ۽ هن جي مشڪن ۾ ڪيتري نہ طاقت آهي! |
|
| 17 |
|
| هو پنهنجي پڇ کي ديال جي ڪاٺ جيان کڙو ٿو ڪري، هن جي رانن جون ماس پاڻ ۾ مضبوطيءَ سان ڳتيل آهي. |
|
| 18 |
|
| هن جا هڏا پتل وانگر ۽ هن جون ٽنگون لوهہ وانگر مضبوط آهن. |
|
| 19 |
|
| اهو مون خدا جي خاص ڪاريگري آهي. رڳو آءٌ، ان جو خالق ئي کيس شڪست ڏيئي سگھان ٿو. |
|
| 20 |
|
| جبل هن جي کاڌي لاءِ چارو اُپائين ٿا، جتي جھنگ جا سڀ جانور کيڏن ڪڏن ٿا. |
|
| 21 |
|
| هو ڪنڊن جي ٻوٽن پٺيان ۽ ڌٻڻ ۾ ڪانن جي هيٺان ليٽي لڪيو وڃي. |
|
| 22 |
|
| ڪنڊن وارا ٻوٽا هن کي پنهنجي ڇانوَ ۾ لڪايو ڇڏين، ۽ لئيءَ جا وڻ چوڌاري هن کي ڍڪي ڇڏيندا آهن. |
|
| 23 |
|
| ڏس، جڏهن درياءُ جوش ۾ ٿو اچي تڏهن بہ هو ڪين ٿو ڊڄي، هن کي ڪا پرواهہ ئي نہ ٿي رهي، توڙي جو اردن درياءَ جو پاڻي سندس وات تائين چڙهيو اچي. |
|
| 24 |
|
| جڏهن هو خبردار ٿو رهي، تڏهن ڪير آهي جو ان کي پڪڙي سگھي، يا ڦندو هڻي ان جي نڪ ۾ سوراخ ڪري سگھي؟“ |
|
|
|
|