|
| 1 |
|
| تون مانگرمڇ کي ڪو ڪنڍي سان ڇڪي ٻاهر ڪڍي سگهندين ڇا؟ يا هن جي زبان ڏور سان هيٺ دٻائي سگهندين ڇا؟ |
|
| 2 |
|
| تون هن جي نڪ ۾ ڪو رسو وجهي سگهندين ڇا؟ يا هن جي ڄاڙ مان ڪنڍي لنگهائي سگهندين ڇا؟ |
|
| 3 |
|
| هو توکي ڪو گهڻيون منٿون ڪندو ڇا؟ يا تو سان نرم ڳالهيون ڪندو ڇا؟ |
|
| 4 |
|
| هو تو سان ڪو عهد اقرار ڪندو ڇا، تہ تون هن کي هميشہ لاءِ پاڻ وٽ ٻانهو ڪري رکين؟ |
|
| 5 |
|
| تون هن سان پکيءَ وانگر راند ڪندين ڇا؟ يا هن کي پنهنجن ٻانهين لاءِ ٻڌي ويهاريندين ڇا؟ |
|
| 6 |
|
| مڇي مارڻ وارن جون ٽوليون هن جو واپار هلائينديون ڇا؟ اهي هن کي سوداگرن ۾ ورهائي ڏيئي ڇڏينديون ڇا؟ |
|
| 7 |
|
| تون هن جي کل ڪَنڊر تار سان، يا هن جو مٿو ڇتين سان ڀري سگهندين ڇا؟ |
|
| 8 |
|
| پنهنجو هٿ هن تي رک؛ پوءِ لڙائي ياد رکندين ۽ وري اڳتي ائين ڪين ڪندين. |
|
| 9 |
|
| ڏس، هن جي بابت اُميد اجائي آهي: رڳو هن کي ڏسڻ شرط ماڻهو هيٺ ڪري ڪين پوندو ڇا؟ |
|
| 10 |
|
| اهڙو ڪوبہ جرئت وارو ڪونهي جو هن کي چوري سگهي: تڏهن ڪير آهي جو منهنجي اڳيان بيهي سگهندو؟ |
|
| 11 |
|
| ڪنهن مون کي شروع ۾ ڪجهہ ڏنو آهي جو آءٌ هن کي اُن جي عيوض موٽائي ڏيان؟ ساري آسمان هيٺان جيڪي بہ آهي سو منهنجو آهي. |
|
| 12 |
|
| آءٌ هن جي عضون بابت ماٺ نہ ڪندس، نہ هن جي گهڻي طاقت ۽ هن جي سهڻي ڊول بابت. |
|
| 13 |
|
| ڪير هن جي ٻاهرين پوشاڪ لاهي سگهندو؟ ڪير هن جو ٻٽو لغام جهلي سگهندو؟ |
|
| 14 |
|
| ڪير هن جي وات جون ڄاڙيون کوليندو؟ هن جي ڏندن جي چوڌاري خوف آهي. |
|
| 15 |
|
| هن جا مضبوط ڇلر هن جو فخر آهن، ڄڻ تہ تنگ مهر سان ڳتيل ۽ بند ڪيل آهن. |
|
| 16 |
|
| هڪڙو ٻئي کي اهڙو ويجهو آهي، جو انهن جي وچ مان هوا بہ نٿي لنگهي سگهي. |
|
| 17 |
|
| اُهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن؛ اُهي اهڙا ڳنڍيل آهن جو ڌار ڪري ڪين سگهبا. |
|
| 18 |
|
| هن جي نڇن مان روشنائيءَ جي چمڪاٽ نڪري ٿي، ۽ هن جون اکيون صبح جي روشني وانگر آهن. |
|
| 19 |
|
| هن جي وات مان ٻرندڙ مشعل نڪرن ٿا، ۽ باهہ جون چڻنگون نڪريو ٻاهر پون. |
|
| 20 |
|
| هن جي ناسن مان دونهون نڪري ٿو، جيئن ڪ رجهندڙ ديڳ ۽ ٻرندڙ ڪانهن مان نڪرندو آهي. |
|
| 21 |
|
| هن جي دم سان آڱر ٻريو پون، ۽ هن جي وات مان شعلو نڪري ٿو. |
|
| 22 |
|
| هن جي ڳچيءَ ۾ زور ٿو رهي، ۽ هن جي اڳيان هيبت نچي ٿي. |
|
| 23 |
|
| هن جي ماس جا پردا پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اهي هن تي مضبوط ڄميل آهن؛ اهي چُرڻ جا نہ آهن. |
|
| 24 |
|
| هن جي دل اهڙي مضبوط آهي جهڙو پٿر: هائو، اهڙي مضبوط آهي جهڙو جنڊ جو هيٺيون پڙ. |
|
| 25 |
|
| جڏهن هو اُٿي کڙو ٿو ٿئي تڏهن زور وارا ڊڄيو وڃن: خوف جي ڪري هو بي هوش ٿيو وڃن. |
|
| 26 |
|
| جي ڪو هن کي ترار هڻي ٿو تہ انهيءَ جو هن تي ڪو بہ اثر نٿو اچي؛ نڪي نيزي يا تير يا چهنبياري بڻڇي جو. |
|
| 27 |
|
| هو لوهہ کي ڪک وانگر ٿو ڄاڻي، ۽ پتل کي ڳريل ڪاٺيءَ وانگر. |
|
| 28 |
|
| تير هن کي ڀڄائي نٿو سگهي: کانڀاڻيءَ جا پٿر هن وٽ ڦري ٻٿ ٿين ٿا. |
|
| 29 |
|
| لٺيون ٻٿن وانگر ليکجن ٿيون: بڻڇيءَ جي اُڇلائڻ تي هو کلي ٿو. |
|
| 30 |
|
| هن جا هيٺيان عضوا تکن ٺڪرن جهڙا آهن: هو پاڻ ائين پکيڙي ٿو جيئن اَن ڳاهڻ جو گاڏو. |
|
| 31 |
|
| هو وڏي سمنڊ کي ديڳڙي وانگر ٽهڪائي ٿو: ننڍي سمنڊ کي هو مرهم جهڙو ٿو ڪري. |
|
| 32 |
|
| هو پنهنجي پٺيان هڪڙو پيچرو چمڪائي ٿو؛ ڪو ڀائيندو تہ سمنڊ اڇو ٿي پيو آهي. |
|
| 33 |
|
| زمين تي انهيءَ جهڙو ٻيو مثال ڪونهي جو ڊپ کان سواءِ جوڙيل آهي. |
|
| 34 |
|
| جيڪا شيءِ مٿانهين آهي تنهن کي هو ڏسي ٿو: هو سڀني مغرورن جو بادشاهہ آهي. |
|
|
|
|