|
| 1 |
|
| هاڻي سڏ ڪر؛ آهي ڪو جو توکي جواب ڏئي؟ ۽ پاڪ شخصن مان ڪهڙي ڏانهن تون ڦرندين؟ |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو چڙ بي عقل ماڻهوءَ کي ماري ٿي ۽ حسد نادان ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو. |
|
| 3 |
|
| مون بي عقل ماڻهوءَ کي پاڙ هڻندو ڏٺو آهي: پر اوچتو مون هن جي رهڻ جي جاءِ کي لعنت ڪئي. |
|
| 4 |
|
| هن جا ٻار سلامتيءَ کان پري آهن، ۽ اُهي دروازي ۾ چپيا پيا آهن، ۽ ڪو بہ هنن کي ڇڏائڻ وارو ڪونهي. |
|
| 5 |
|
| هن جي فصل جي پيدائش بکايل کائي ٿو، ۽ انهي کي ڪنڊن مان ڪڍي وٺي ٿو، ۽ هن جي مال ملڪيت کي ڳڙڪائڻ لاءِ اُڃايل وات پٽيو ويٺو آهي. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو مصيبت مٽيءَ مان نٿي نڪري، نڪي تڪليف زمين مان اُڀري ٿي؛ |
|
| 7 |
|
| پر ماڻهو تڪليف جي لاءِ ڄائو آهي، جيئن ڪي چڻنگون مٿي اُڏامنديون آهن. |
|
| 8 |
|
| پر آءٌ خدا کي ڳولڻ ٿو گهران، ۽ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪرڻ ٿو گهران: |
|
| 9 |
|
| جو اهڙا وڏا وڏا ڪم ٿو ڪري، جي تپاس ڪرڻ کان ٻاهر آهن، عجيب غريب ڪم، جي شمار ڪرڻ کان ٻاهر آهن: |
|
| 10 |
|
| جو زمين تي مينهن وسائي ٿو. ۽ ٻنين تي پاڻي موڪلي ٿو: |
|
| 11 |
|
| اهڙو جو جيڪي هيٺ آهن تن کي مٿي ويهاري ٿو، ۽ جيڪي ڏک ڪن ٿا سي چڙهي وڃي سلامتيءَ کي پهچن ٿا. |
|
| 12 |
|
| هو ٺڳن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، جنهن ڪري هنن جا هٿ پنهنجا رٿيل ڪم ڪري نٿا سگهن. |
|
| 13 |
|
| هو ڏاهن کي خود سندن هوشياريءَ ۾ پڪڙي ٿو، ۽ ڏنگن جي صلاح مصلحت اونڌي ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 14 |
|
| هنن کي ڏينهن جي وقت اونداهي اچي گڏجي ٿي، ۽ ٻن پهرن جو هو ائين هٿوراڙيون ٿا هڻن، جيئن رات جو هڻبيون آهن. |
|
| 15 |
|
| پر هو گهرج وارن کي سندن وات جي ترار کان، بلڪ زور وارن جي هٿ کان بچائي ٿو: |
|
| 16 |
|
| تنهنڪري غريب کي اُميد آهي، ۽ بي انصافي پنهنجو وات بند ڪري ٿي. |
|
| 17 |
|
| ڏس، سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جنهن کي خدا تاب ٿو ڏئي: تنهنڪري قادر مطلق جي سيکت کي نہ ڌڪار. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو هو زخمي ڪري ٿو، ۽ پٽي ٻڌي ٿو، هو ڦٽي ٿو، ۽ هن جا هٿ ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿا ڪن. |
|
| 19 |
|
| هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي. |
|
| 20 |
|
| ڏڪار ۾ هو توکي موت کان ڇڏائيندو، ۽ جنگ ۾ ترار جي طاقت کان. |
|
| 21 |
|
| تون زبان جي چهبڪ کان لڪي ويندين، نڪي جڏهن ناس ٿيڻ جو وقت ايندو تڏهن انهيءَ کان ڊڄندين. |
|
| 22 |
|
| موت ۽ ڏڪار تي تون کلندين، نڪي تون زمين جي جانورن کان ڊڄندين. |
|
| 23 |
|
| ڇالاءِ جو تون ميدان جي پٿرن سان ٻڌيءَ ۾ هوندين، ۽ جنگ جا مرون تو سان صلح ۾ هوندا. |
|
| 24 |
|
| ۽ تون ڄاڻيندين تہ تنهنجو تنبو سلامتيءَ ۾ آهي؛ ۽ تون پنهنجو واڙو اچي ڏسندين تہ ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي. |
|
| 25 |
|
| تون اهو بہ ڄاڻيندين تہ تنهنجو اولاد وڏو ٿيندو، ۽ تنهنجو اولاد زمين جي گاهہ جيترو ٿيندو. |
|
| 26 |
|
| تون وڏيءَ عمر ۾ پنهنجي قبر ۾ ايندين، جيئن ڪ اَن جو گڏو پنهنجي پوري وقت تي ايندو آهي. |
|
| 27 |
|
| هي ڏس، اسان انهيءَ جي ڳولا ڪئي آهي، ۽ ائين ئي آهي؛ اُهو ٻڌ، ۽ اُهو پنهنجي چڱائيءَ جي لاءِ ڄاڻ. |
|
|
|
|