|
| 1 |
|
| اليفز ايوب کي وڌيڪ چيو تہ ”اي ايوب! هاڻ ڀلي تون پڪاري ڏس، ڪنهن کي پڪاريندين؟ آهي ڪا ٻي اهڙي هستي جيڪا اچي تنهنجي مدد ڪري؟ |
|
| 2 |
|
| خبردار، چڙ بيعقل ماڻهوءَ کي ماريو ڇڏي، هائو، خدا سان ناراضگي نادان ماڻهوءَ کي ڪُهي ڇڏي ٿي. |
|
| 3 |
|
| بيعقل ماڻهوءَ کي مون پاڙ هڻندي تہ ڏٺو آهي، پر اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هو لعنتي آهي، سو اوچتو ئي اوچتو سندس گھر تي اچي لعنت پوي ٿي. |
|
| 4 |
|
| هن جا ٻار ٻچا سلامتيءَ کان پري آهن، کين عدالت جي دروازي تي ئي چيڀاٽيو وڃي ٿو، ۽ ڪوبہ کين ڇڏائڻ وارو ڪونهي. |
|
| 5 |
|
| بيعقل ماڻهوءَ جو فصل بکايل کايو ڇڏين، بلڪ ڪنڊن جي لوڙهي مان بہ فصل جا داڻا ڪڍي کايو ٿا وڃنس. لوڀي ماڻهو سندس مال ملڪيت کي ڳڙڪائي وڃن ٿا. |
|
| 6 |
|
| مطلب تہ مصيبت مٽيءَ مان ڦٽي ڪين ٿي نڪري، نڪي تڪليف زمين مان ٿي اڀري. |
|
| 7 |
|
| پر جهڙيءَ طرح باهہ جون چڻنگون آسمان ڏانهن ئي اڏامنديون آهن، تهڙيءَ طرح انسان بہ پنهنجي لاءِ پاڻ ئي تڪليف پيدا ڪري ٿو.“ |
|
| 8 |
|
| ”پر اي ايوب! جي آءٌ تنهنجي جاءِ تي هجان ها، تہ آءٌ خدا جي مدد جو طالبو هجان ها، هائو، آءٌ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪري ڇڏيان ها. |
|
| 9 |
|
| بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي. |
|
| 10 |
|
| هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو. |
|
| 11 |
|
| هو پستيءَ ۾ ڪري پيلن کي بلنديءَ تي پهچائي ٿو، ۽ غمگينن کي خوشحاليءَ سان سرفراز ڪري ٿو. |
|
| 12 |
|
| هو دوکيبازن جون رٿون برباد ڪري ڇڏي ٿو، تان جو سندن رٿيل منصوبا بلڪل ناڪام ٿي وڃن ٿا. |
|
| 13 |
|
| هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 14 |
|
| خدا سندن يقيني ڪاميابيءَ کي بہ ناڪاميءَ ۾ بدلائي ڇڏي ٿو، ائين هو اهڙا بيوس ٿي وڃن ٿا، جو ڄڻ اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندا رهجي وڃن ٿا. |
|
| 15 |
|
| مگر محتاجن کي خدا انهن ماڻهن جي زبان جي تلوار کان، ۽ زورآورن جي چنبي کان بچائي وٺي ٿو. |
|
| 16 |
|
| سو غريب کي اميد رهي ٿي، ۽ بيانصافي پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي ٿي.“ |
|
| 17 |
|
| ”ياد رک، اهو ماڻهو سڀاڳو آهي، جنهن کي خدا تنبيهہ ڪري ٿو. تنهنڪري تون قادرِمطلق خدا جي سيکت کي نہ ڌڪار. |
|
| 18 |
|
| هو زخمي ڪري ٿو تہ پٽي بہ اهو ئي ٻڌي ٿو. هو ڦٽي ٿو تہ ڇٽائي چڱو ڀلو بہ هو ئي ڪري ٿو. |
|
| 19 |
|
| هو تو کي بار بار مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ڪا ئي خرابي تو کي نقصان نہ رسائيندي. |
|
| 20 |
|
| ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو. |
|
| 21 |
|
| تون مخالفن جي زبان کان محفوظ رهندين، ۽ جڏهن ڪا مصيبت ايندي تڏهن تو کي ڪو ڊپ نہ ٿيندو. |
|
| 22 |
|
| تباهي ۽ ڏڪار بہ تو آڏو خسيس شيون هونديون. جھنگلي جانورن کان تون بلڪل نہ ڊڄندين، |
|
| 23 |
|
| ڇاڪاڻ تہ اهي تو تي ڪو حملو ڪين ڪندا. جيڪا ٻني تون کيڙيندين سا پٿرن کان صاف هوندي. |
|
| 24 |
|
| پوءِ تون ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو گھر سلامتيءَ ۾ آهي، پنهنجي واڙي ۾ اچي ڏسندين تہ ڪوبہ جانور گم نہ هوندو. |
|
| 25 |
|
| تون اهو بہ ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو اولاد وڌندو، هائو، تنهنجو نسل زمين جي گاهہ کان بہ گھڻو وڌندو ويندو. |
|
| 26 |
|
| تون وڏي عمر ماڻي پوءِ وڃي قبر ۾ پوندين، هائو، ائين ئي جيئن ان جا گڏا پنهنجي پوري وقت تي گڏ ڪبا آهن. |
|
| 27 |
|
| ڏس، اسان اهو سڀ جاچي ڏٺو آهي، ۽ بيشڪ اهو سڀ سچ آهي، تنهنڪري تون انهن تي ڌيان ڏي، ۽ انهن مان پنهنجو فائدو حاصل ڪر.“ |
|
|
|
|