|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب ورندي ڏئي چيو تہ، |
|
| 2 |
|
| اڙي جي منهنجو رنج رڳو تورڻ ۾ اچي، ۽ منهنجي مصيبت ساهميءَ ۾ گڏ رکي وڃي تہ ڪهڙو نہ چڱو! |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو اهو سمنڊن جي واريءَ کان بہ ڳرو ٿي ويندو، تنهنڪري منهنجي ڳالهہ اُٻري ٿي پيئي آهي. |
|
| 4 |
|
| ڇالاءِ جو قادر مطلق جا تير منهنجي اندر ۾ چُڀيل آهن، جن جو زهر منهنجو روح پيو پيئي: خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي سامهون قطار ٻڌي بيهن ٿيون. |
|
| 5 |
|
| جڏهن خچر کي گاهہ آهي تڏهن هو هينگي ٿو ڇا؟ يا ڪو ڏاند پنهنجي چاري تي رنڀي ٿو ڇا؟ |
|
| 6 |
|
| جنهن ۾ ڪابہ لذت ڪانهي، سا لوڻ کان سواءِ کائبي آهي ڇا؟ يا بيدي جي اڇاڻ ۾ ڪو سواد آهي ڇا؟ |
|
| 7 |
|
| منهنجو روح انهن کي ڇهڻ کان انڪار ڪري ٿو؛ اهي منهنجي لاءِ نفرت جهڙو کاڌو آهن. |
|
| 8 |
|
| اڙي، جي منهنجو مطلب پورو ٿئي، ۽ جنهن شيءِ جي لاءِ آءٌ خواهشمند آهيان سا جيڪر خدا مون کي ڏئي! |
|
| 9 |
|
| شل خدا جي مرضي ٿئي تہ مون کي چپي ڇڏي، ۽ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري مونکي اصل وڍي ڦٽو ڪري! |
|
| 10 |
|
| تڏهن بہ جيڪر مونکي دلاسو ٿئي، هائو، جيڪو سور مون کي نٿو ڇڏي، تنهن ۾ بہ جيڪر ڏاڍو خوش ٿيان، ڇالاءِ جو مون انهيءَ پاڪ وجود جو ڪلام رد نہ ڪيو آهي. |
|
| 11 |
|
| مون ۾ ڪهڙي طاقت آهي جو ترسي ويهان؟ ۽ منهنجي پڇاڙي ڪهڙي آهي جو آءٌ صبر ڪريان؟ |
|
| 12 |
|
| منهنجي طاقت ڪا پٿرن جي طاقت آهي ڇا؟ يا منهنجو بت ڪو پتل جو آهي ڇا؟ |
|
| 13 |
|
| ائين نہ آهي ڇا تہ مون کي ڪو بہ چارو ڪونهي، ۽ اثر واري ڪم ڪرڻ جي طاقت مون مان بلڪل نڪري ويئي آهي؟ |
|
| 14 |
|
| جيڪو ماندي ٿيڻ تي آهي تنهن جي لاءِ سندس دوست کي مهرباني ڏيکارڻ لازم آهي، انهي لاءِ بہ جو قادر مطلق جو خوف ڇڏي ڏئي ٿو. |
|
| 15 |
|
| منهنجن ڀائرن هڪڙيءَ نهر وانگر ٺڳي ڪئي آهي، بلڪ انهن بيانن جي نهرن، وانگر، جي سڪي ٿيون وڃن. |
|
| 16 |
|
| جي نهرون برف جي ڪري ڪاريون آهن، جن ۾ برف لڪي پيئي آهي، |
|
| 17 |
|
| جنهن وقت اهي گرم ٿين ٿيون، انهيءَ وقت گم ٿيو وڃن: جڏهن گرمي ٿئي ٿي تڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان نڪريو کپيو وڃن. |
|
| 18 |
|
| جيڪي قافلا سندن پاسي کان لنگهن ٿا سي ڦري پاسو ڪن ٿا، هو سڃ ڏانهن وڃي ناس ٿيو وڃن. |
|
| 19 |
|
| تيما جي قافلن نهاريو، ۽ سبا جون ٽوليون انهن جي لاءِ منتظر ٿي ويٺيون. |
|
| 20 |
|
| اهي شرمندا ٿيا آهن، ڇالاءِ جو انهن اُميد رکي هئي، اهي اتي آيا ۽ سندن متيون منجهي ويون. |
|
| 21 |
|
| ڇالاءِ جو اوهين هاڻي ڪي ڪين آهيو؛ اوهين خوف ڏسو ٿا ۽ ڊڄو ٿا. |
|
| 22 |
|
| مون ڪو چيو ڇا تہ ڪجهہ مون کي ڏيو؟ يا پنهنجي مال ملڪيت مان ڪا سوکڙي مون کي ڏيو؟ |
|
| 23 |
|
| يا مون کي دشمن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟ |
|
| 24 |
|
| مون کي سيکاريو تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان: ۽ جن ڳالهين ۾ مون ڀل ڪئي هجي سي مون کي سمجهايو. |
|
| 25 |
|
| سچائيءَ جو ڪلام ڪهڙو نہ زور ڀريو آهي! پر اوهانجي حجت ڪنهن کي ٿي فهمائش ڪري؟ |
|
| 26 |
|
| اوهان جو اهو خيال آهي ڇا تہ ڳالهين جي فهمائش ڏجي؟ ڇالاءِ جو جيڪو اُميد ڇڏي ٿو، تنهن جون ڳالهيون هوا جهڙيون آهن. |
|
| 27 |
|
| هائو، اوهين يتيمن تي ڪڻا وجهڻ ٿا گهرو، ۽ پنهنجي دوست کي واپاري مال بنائي واپار ٿا ڪريو. |
|
| 28 |
|
| تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري مون ڏي نهاريو، ڇالاءِ جو آءٌ اوهان جي منهن تي ڪوڙ ڪين ڳالهائيندس. |
|
| 29 |
|
| آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ موٽي وڃو، ڪابہ بي انصافي ٿيڻ نہ ڏيو، هائو، موٽي وڃو منهنجي دعويٰ سچي آهي. |
|
| 30 |
|
| منهنجي زبان تي ڪا بي انصافي آهي ڇا؟ مون کي چکڻ سان نقصان وارين شين جي خبر پئجي نٿي سگهي ڇا؟ |
|
|
|
|