|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب اليفز کي ورندي ڏيئي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”ڪاش! ائين ممڪن هجي ها، جو منهنجا ڏک ۽ منهنجيون مصيبتون تارازيءَ ۾ توريا وڃن ها، |
|
| 3 |
|
| تہ هوند اهي سمنڊ جي واريءَ کان بہ وڌ ڳرا نڪرن ها. سو جي منهنجيون ڳالهيون کهريون آهن تہ ان ۾ ڪهڙي عجب جي ڳالهہ آهي! |
|
| 4 |
|
| قادرِمطلق خدا مصيبتن جا تير منهنجي اندر ۾ چڀائي ڇڏيا آهن، جن جو زهر منهنجي پوريءَ جان ۾ ڦهلجي ويو آهي. هائو، خدا جون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون منهنجي خلاف صفون ٻڌي ٿيون بيهن. |
|
| 5 |
|
| ڇا ڪو جھنگلي گڏهہ ان وقت هينگي ٿو، جڏهن گاهہ سندس اڳيان هجي؟ ڇا ڪو ڏاند ان وقت رنڀي ٿو جڏهن چارو سندس اڳيان هجي؟ |
|
| 6 |
|
| ڀلا جنهن کاڌي ۾ لوڻ هجي ئي نہ، تہ منجھس ڪو سواد ٿي سگھجي ٿو؟ يا آني جي رڳو اڇاڻ ئي اڇاڻ ۾ ڪو سواد آهي ڇا؟ |
|
| 7 |
|
| منهنجي دل تہ اهڙي کاڌي کي هٿ لائڻ بہ پسند نہ ٿي ڪري. اهڙي کاڌي کان مون کي ڪراهت ٿي اچي.“ |
|
| 8 |
|
| ”خدا منهنجي اميد پوري ڇو نہ ٿو ڪري؟ جنهن شيءِ جو آءٌ خواهشمند آهيان، سا هو مون کي ڇو نہ ٿو ڏئي؟ |
|
| 9 |
|
| ڪاش! خدا منهنجي اميد پوري ڪري جو مون کي ماري ڇڏي. ڪاش! هو پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي حياتي وڍي اڇلائي. |
|
| 10 |
|
| جيڪڏهن مون کي معلوم ٿئي تہ خدا ائين ڪندو، تڏهن جيڪر مون کي تسلي ٿئي، ۽ هي دائمي ايذاءَ آءٌ خوشيءَ سان پيو سهان، ڇاڪاڻ تہ مون انهيءَ پاڪ هستيءَ جي ڳالهين جو ڪڏهن بہ انڪار ناهي ڪيو. |
|
| 11 |
|
| مون ۾ ڪهڙي طاقت رهي آهي، جو آءٌ چڱي پڇاڙيءَ جو انتظار ڪريان؟ ۽ منهنجي چڱي پڇاڙي ڪهڙي آهي، جو آءٌ انهيءَ لاءِ صبر ڪري ويهي رهان؟ |
|
| 12 |
|
| ڀلا آءٌ ڪو پٿر جو ٺهيل آهيان ڇا؟ يا منهنجو جسم ڪو پتل جو آهي ڇا؟ |
|
| 13 |
|
| ڇا ائين نہ آهي تہ آءٌ لاچار آهيان؟ ۽ مون ۾ بچڻ جي اميد بلڪل نہ رهي آهي؟“ |
|
| 14 |
|
| ”جيڪو پنهنجي نااميد دوست کي مهرباني نہ ٿو ڏيکاري، سو ڄڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو قادرِمطلق جو خوف نہ ٿو ڪري. |
|
| 15 |
|
| اوهان دوستن مون سان انهن فريب ڏيندڙ نهرن وانگر ٺڳي ڪئي آهي، جيڪي پاڻيءَ جي موسم ۾ تہ پاڻيءَ سان ڀريل هونديون آهن، |
|
| 16 |
|
| انهن نهرن ۾ جھجھو پاڻي وهندو رهندو آهي، جيڪو پگھريل برف مان وهندو آهي، |
|
| 17 |
|
| پر گرميءَ جي وقت انهن جو پاڻي زمين ۾ جذب ٿي غائب ٿيو وڃي، ۽ اهي نهرون سڪي ٺوٺ ٿي وينديون آهن. |
|
| 18 |
|
| تڏهن جيڪي قافلا پاڻيءَ لاءِ پنهنجي رستي کان مڙي اچن ٿا، سي اتي اچي سُڃ ۾ ڦاسي ناس ٿي وڃن ٿا. |
|
| 19 |
|
| تيما کان ايندڙ قافلا پاڻي تلاش ڪندا رهن ٿا، ۽ شبا کان ايندڙ ٽوليون انهيءَ لاءِ واجھائينديون رهن ٿيون. |
|
| 20 |
|
| پر اهي شرمندا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن اميد ٿي رکي، اهي اتي پهچن ٿا تہ رڳو مايوسي ئي کين پلئِہ پوي ٿي. |
|
| 21 |
|
| اهڙيءَ ئي طرح اوهين منهنجي لاءِ اهڙيون خشڪ نهرون ثابت ٿيا آهيو. اوهين ڇو منهنجي مصيبت ڏسي ڊڄي هٽي ٿا وڃو؟ |
|
| 22 |
|
| ڇا مون اوهان کي چيو آهي تہ مون کي ڪا سوکڙي ڏيو؟ يا هي تہ پنهنجي مال ملڪيت مان ڪنهن کي منهنجي طرفان ڪا رشوت ڏيو؟ |
|
| 23 |
|
| يا مون کي دشمنن جي هٿان ڇڏايو؟ يا ظالمن جي هٿان منهنجي جند آزاد ڪرايو؟“ |
|
| 24 |
|
| ”اوهين مون کي ٻڌايو تہ مون ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟ جيڪڏهن اوهين مون کي هن مصيبت جو حقدار ثابت ڪندا، تہ پوءِ آءٌ ماٺ ڪري ويهندس. |
|
| 25 |
|
| سچيون ڳالهيون ڪيتريون نہ اثرائتيون ٿينديون آهن! پر اوهان جا دليل تہ بلڪل بياثر ۽ بيڪار آهن. |
|
| 26 |
|
| اوهين سمجھو ٿا تہ منهنجيون ڳالهيون هوائي آهن، تہ پوءِ نااميديءَ ۾ چيل منهنجي انهن ڳالهين تي ڇو بيرحميءَ سان ڇينڀيو ٿا؟ |
|
| 27 |
|
| ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟ |
|
| 28 |
|
| هاڻي مهرباني ڪري مون ڏانهن ڌيان ڏيو، آءٌ اوهان جي آڏو هرگز ڪوڙ نہ ڳالهائيندس. |
|
| 29 |
|
| آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ بيانصافيءَ کان باز اچو، هائو، باز اچو، ڇو تہ آءٌ حق تي آهيان. |
|
| 30 |
|
| ڇا منهنجي زبان تي ڪا بيانصافيءَ جي ڳالهہ آهي؟ ڇا فتني فساد وارين ڳالهين کي سڃاڻڻ جو مون ۾ ڪو شعور ڪونهي؟“ |
|
|
|
|