|
| 1 |
|
| تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ۽ ڪيستائين تنهنجي وات جا لفظ ڏاڍا واءُ جهڙا هوندا؟ |
|
| 3 |
|
| خدا ڪو عدالت جو خون ڪري ٿو ڇا؟ يا قادر مطلق ڪو انصاف کي ڦيرائي ٿو ڇا؟ |
|
| 4 |
|
| جيڪڏهن تنهنجي اولاد هن جي خلاف گناهہ ڪيو آهي ۽ هن انهن کي، انهن گناهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي: |
|
| 5 |
|
| جيڪڏهن تون ڪوشش ڪري خدا کي ڳولڻ گهرندين ۽ قادر مطلق وٽ منٿ آزي ڪندين؛ |
|
| 6 |
|
| جيڪڏهن تون پاڪ ۽ سچو هوندين؛ تہ پوءِ يقين آهي تہ هو تو لاءِ اُٿندو، ۽ تنهنجي سچائيءَ جي جاءِ کي سڀاڳو ڪندو. |
|
| 7 |
|
| ۽ جيڪڏهن تنهنجي شروعات ننڍي هجي تہ بہ تنهنجي پڇاڙي نيٺ وڌي وڏي ٿيندي. |
|
| 8 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اڳئين زماني کان پڇا ڪر، ۽ جيڪي هن جي ابن ڏاڏن ڳولي لڌو آهي تنهن تي عمل ڪر: |
|
| 9 |
|
| (ڇالاءِ جو اسين رڳو ڪالهوڪا آهيون ۽ ڪجهہ نٿا ڄاڻون؟ هن ڪري جو اسان جا ڏينهن زمين تي هڪڙو پاڇو آهن:) |
|
| 10 |
|
| اهي توکي نہ سيکاريندا ۽ نہ چوندا ڇا، ۽ پنهنجي دل مان لفظ نہ ڪڍندا ڇا؟ |
|
| 11 |
|
| ڪو ڪانو گپ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟ بانس جو ڪانو ڪو پاڻيءَ کانسواءِ اُڀري سگهندو ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| جيسين اهو اڃا سائو آهي ۽ وڍيو نہ ويو آهي، تہ بہ اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي ڪومائجي وڃي ٿو. |
|
| 13 |
|
| جيڪي خدا کي وسارين ٿا تن سڀني جا رستا اهڙا ئي آهن؛ ۽ بي دين ماڻهوءَ جي اُميد نابود ٿي ويندي: |
|
| 14 |
|
| جنهن جو ويساهہ ويندو رهندو ۽ جنهن جو اعتبار ڪوريئڙي جي ڄار آهي. |
|
| 15 |
|
| هو پنهنجي گهر تي ٽيڪ ڏيندو، پر اهو نہ بيهندو: هو انهيءَ کي قابو جهلي بيهندو پر اهو جٽاءُ نہ ڪندو. |
|
| 16 |
|
| هو سج جي اڳيان سائو آهي، ۽ هن جون شاخون هن جي باغ ڏي وڃن ٿيون. |
|
| 17 |
|
| هن جون پاڙون ڍير ۾ ويڙهيل آهن، ۽ هو پٿرن جي جاءِ ڏسي ٿو. |
|
| 18 |
|
| جيڪڏهن هو پنهنجي جاءِ تان ناس ٿي ويندو، تہ اها هنجو انڪار ڪندي ۽ چوندي تہ مون توکي ڪونہ ڏٺو آهي. |
|
| 19 |
|
| ڏس هيءَ هن جي راهہ جي خوشي آهي، ۽ مٽيءَ مان ٻيا ڦٽي نڪرندا. |
|
| 20 |
|
| ڏس، خدا سچي ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندو، نڪي هو شرارت ڪندڙن کي قائم رکندو. |
|
| 21 |
|
| هو اڃا بہ تنهنجو وات کل سان ڀريندو، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان. |
|
| 22 |
|
| جيڪي توکي ڌڪارين ٿا سي شرم سان ڍڪجي ويندا، ۽ شريرن جو تنبو نابود ٿي ويندو. |
|
|
|
|