|
| 1 |
|
| تڏهن بلدد سوخيءَ ورندي ڏيئي ايوب کي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”ڪيستائين تون اهي ڳالهيون پيو ڪندين؟ ڪيستائين تنهنجيون ڳالهيون آنڌي طوفان جيان هونديون؟ |
|
| 3 |
|
| ڇا خدا عدل کي ڦيرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا قادرِمطلق انصاف جو خون ٿو ڪري؟ |
|
| 4 |
|
| جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي. |
|
| 5 |
|
| پوءِ بہ جيڪڏهن تون خدا جي مدد جو طالبو ٿيندين، ۽ قادرِمطلق کي ٻاڏائيندين، |
|
| 6 |
|
| تڏهن جي تون پاڪ ۽ سچو هوندين، تہ پوءِ يقيناً هو تنهنجي مدد لاءِ اٿندو. هو تنهنجي سچائيءَ جي انعام طور تنهنجي گھراڻي کي وري بحال ڪندو. |
|
| 7 |
|
| ايتري قدر جو جيتوڻيڪ شروعات ۾ تو وٽ ٿورو ڪجھہ هو، تہ بہ پڇاڙيءَ ۾ تو وٽ تمام گھڻو هوندو. |
|
| 8 |
|
| گھڙي پلڪ لاءِ اڳين زمانن جي ڏاهپ بابت غور ويچار ڪري ڏس، ۽ ڄاڻي وٺ تہ اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙيون حقيقتون سکيون. |
|
| 9 |
|
| جڏهن تہ اسين ڪالهوڪا ٻار آهيون ۽ ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻون، ڌرتيءَ تي اسان جا ڏينهن هڪ پاڇي وانگر گذريو وڃن. |
|
| 10 |
|
| ابن ڏاڏن جون اهي حقيقتون تو کي هي سيکارينديون، هائو، سندن دانائي تو کي هيءَ ڄاڻ ڏيندي تہ |
|
| 11 |
|
| ڪانو ڀلا سڪل زمين ۾ ڦٽي سگھي ٿو ڇا؟ يا ٻُوڙو پاڻيءَ کان سواءِ اڀري سگھي ٿو ڇا؟ |
|
| 12 |
|
| جڏهن تہ اهو اڃا وڌندو ئي ويندو آهي، ۽ وڍيو بہ ڪين ويندو آهي، تہ پاڻي نہ ملڻ تي اهو ٻين ٻوٽن کان اڳي سڪي ويندو آهي. |
|
| 13 |
|
| خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن جا رستا اهڙن ئي ٻُوڙن وانگر آهن، هائو، اهڙن بيدينن جي هر اميد نابود ڪئي ويندي. |
|
| 14 |
|
| انهن جو آسرو ٽوڙيو ويندو، ڇو تہ سندن ڀروسو ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي. |
|
| 15 |
|
| جيڪڏهن هو ڄاري کي ٽيڪ ڏيندا تہ ڇا اهو کين ڪِرڻ کان بچائيندو؟ جيڪڏهن هو ڄاري کي چنبڙندا تہ ڇا اهو کين جھلي بيهندو؟ |
|
| 16 |
|
| بدڪار ماڻهو انهن ٻوٽن وانگر اڀرن ٿا، جيڪي سٺي موسم ۾ وڌن ٿا. انهن ٻوٽن جيان جيڪي سڄي باغ ۾ پکڙجي ٿا وڃن. |
|
| 17 |
|
| انهن جون پاڙون توڙي جو پٿرن جي ڍڳ کي چوڌاري ويڙهجي وڃن ٿيون، يا وري پٿريلي جاءِ ۾ داخل ٿين ٿيون، |
|
| 18 |
|
| پر جڏهن انهن کي پٽڻ وارو پٽي ڪڍي ٿو، تڏهن ڪنهن کي معلوم ئي نہ ٿو ٿئي تہ اتي انهن جي ڪا جاءِ بہ هئي. |
|
| 19 |
|
| هائو، بدڪار ماڻهوءَ جو اهو ئي انجام آهي، ائين سندس جاءِ تي وري ٻيو ڦٽي نڪري ٿو. |
|
| 20 |
|
| پر ياد رک، خدا بيقصور ماڻهوءَ کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ٿو ڏئي، نڪي بدڪار ماڻهوءَ جا هٿ مضبوط ٿو ڪري. |
|
| 21 |
|
| سو اي ايوب! هو هاڻي بہ تنهنجو وات کِلَ سان، ۽ تنهنجا چپ ٽهڪن سان ڀري سگھي ٿو. |
|
| 22 |
|
| هائو، جيڪي تو کي ڌڪارين ٿا، سي بيحد شرمسار ٿيندا. خدا بدڪارن جي گھرن کي برباد ڪري ڇڏيندو.“ |
|
|
|
|