|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب ورندي ڏيئي چيو تہ: |
|
| 2 |
|
| آءٌ سچ پچ ڄاڻان ٿو تہ ائين آهي: پر ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا اڳيان سچو ٿي سگهندو؟ |
|
| 3 |
|
| جيڪڏهن هن جي مرضي ساڻس وڙهڻ جي هوندي تہ هزار مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو بہ هن کي جواب ڏيئي نہ سگهندو. |
|
| 4 |
|
| هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي. |
|
| 5 |
|
| جو جبلن کي هٽائي ڇڏي ٿو ۽ انجي هنن کي خبر ئي نٿي پوي، ۽ انهيءَ مهل هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪيو رکي. |
|
| 6 |
|
| جو زمين کي پنهنجي جاءِ تان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀ ڏڪن ٿا. |
|
| 7 |
|
| جو سج کي حڪم ڏئي ٿو تہ اُهو اُڀري ئي نٿو؛ ۽ جو تارن کي مُهر ڪيو ڇڏي. |
|
| 8 |
|
| جو اڪيلو ئي اڪيلو آسمان کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي لهرن تي سير ڪري ٿو. |
|
| 9 |
|
| جو کٽ، ۽ جبار، ۽ ڪتيون، ۽ ڏکڻ وارا برج جوڙي ٿو. |
|
| 10 |
|
| جو اهڙا وڏا ڪم ڪري ٿو جي سمجهہ کان ٻاهر آهي، هائو، بيشمار عجيب ڪم. |
|
| 11 |
|
| ڏس، هو منهنجي پاسي کان هلي ٿو تہ بہ آءٌ ان کي نٿو ڏسان: هو اڳتي لنگهي ويو پر هن جي مون کي خبر نٿي پوي. |
|
| 12 |
|
| ڏس، هو شڪار پڪڙي ٿو، ڪير هن کي روڪيندو؟ ڪير هن کي چوندو تہ تون ڇا ٿو ڪرين؟ |
|
| 13 |
|
| خدا پنهنجي ڪاوڙ کي نہ موٽائيندو؛ رهب جا مددگار هن هيٺ جهڪن ٿا. |
|
| 14 |
|
| پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ هن کي جواب ڏيئي سگهان، ۽ هن سان حجت دليل ڪرڻ لاءِ پنهنجا لفظ چونڊي سگهان؟ |
|
| 15 |
|
| جي کڻي آءٌ سچو بہ هجان تہ بہ جيڪر جواب ڏيڻ نہ گهران؛ آءٌ جيڪر پنهنجي دشمن کي بہ منٿ زاري ڪريان. |
|
| 16 |
|
| جي آءٌ کڻي سڏ ڪريان ها ۽ هو ورندي ڏئي ها؛ تہ بہ آءٌ جيڪر ويساهہ نہ ڪريان تہ ڪو هن منهنجو آواز ٻڌو آهي. |
|
| 17 |
|
| هو مون کي طوفان سان ڀڃي ٿو، ۽ سبب کان سواءِ زخم وڌائي ٿو. |
|
| 18 |
|
| هو مون کي ساهہ کڻڻ نہ ڏيندو، پر مون کي ڪَڙاڻ سان ڀري ڇڏي ٿو. |
|
| 19 |
|
| جيڪڏهن اسين طاقت وارن جي زور جو ذڪر ڪنداسين تہ ڏسو، هو اتي موجود آهي! ۽ جي عدالت جو، تہ ڪير مون کي وقت مقرر ڪري ڏيندو؟ |
|
| 20 |
|
| جيتوڻيڪ آءٌ سچو ئي هجان، تہ بہ منهنجو وات مون کي قصور وار ٺهرائيندو: ۽ جي آءٌ ڪامل هجان، تہ بہ اهو مون کي ڏنگو ثابت ڪندو. |
|
| 21 |
|
| آءٌ ڪامل آهيان: تہ بہ آءٌ پاڻ کي ڪي ڪين ٿو سمجهان؛ آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي ڌڪاريان ٿو. |
|
| 22 |
|
| اها سڀ هڪڙي ڳالهہ آهي؛ تنهن ڪري آءٌ چوان ٿو تہ هو ڪامل توڙي شريرن کي ناس ٿو ڪري. |
|
| 23 |
|
| جيڪڏهن وبا اوچتو ماري وجهندي تہ بہ هو بيگناهن جي آزمائش تي کلندو. |
|
| 24 |
|
| زمين شريرن جي هٿ ۾ ڏني ويئي آهي: هو انهنجي منصفن جا منهن ڍڪي ڇڏي ٿو. جي اُهو ناهي تہ تڏهن ٻيو ڪير آهي؟ |
|
| 25 |
|
| هاڻي منهنجا ڏينهن ٽپالي قاصد کان بہ تکا آهن: اُهي ڀڄندا وڃن ۽ اُهي ڪابہ چڱائي نٿا ڏسن. |
|
| 26 |
|
| هو تکن جهازن وانگر لنگهي ويا آهن: انهيءَ باز وانگر جو شڪار تي لامارو ڏئي ٿو. |
|
| 27 |
|
| جيڪڏهن آءٌ چوندس تہ آءٌ پنهنجي غمگين شڪل ڦيري ڇڏيندس ۽ خوش گذاريندس: |
|
| 28 |
|
| تہ آءٌ پنهنجن سڀني ڏکن کان ڊڄان ٿو مون کي خبر آهي تہ تون مون کي بيگناهہ نہ ڄاڻندين. |
|
| 29 |
|
| مون تي ڏوهہ ثابت ٿيندو؛ تڏهن ڇالاءِ آءٌ اجائي محنت ڪريان؟ |
|
| 30 |
|
| جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي برف جي پاڻيءَ سان ئي کڻي ڌوئان ۽ پنهنجا هٿ تمام صاف ڪريان؛ |
|
| 31 |
|
| تہ بہ تون مون کي کڏ ۾ اُڇلائي وجهندين، ۽ خود منهنجا ڪپڙا مون کان بيزار ٿيندا. |
|
| 32 |
|
| ڇالاءِ جو هو مون جهڙو ماڻهو ناهي جو هن کي ورندي ڏيان، ۽ عدالت جي لاءِ هن سان گڏ حاضر ٿيان. |
|
| 33 |
|
| اسان جي وچ ۾ ڪو امين ڪونهي جو اسان ٻنهي تي پنهنجو هٿ رکي. |
|
| 34 |
|
| ڀلي تہ هو پنهنجي لٺ مون تان پري ڪري، ۽ هنجو خوف مونکي نہ ڊڄاري: |
|
| 35 |
|
| تہ پوءِ آءٌ ڳالهايان ۽ هن کان نہ ڊيڄاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي لاءِ پاڻ اهڙو نہ آهيان. |
|
|
|
|