|
| 1 |
|
| تڏهن ايوب بلدد کي ورندي ڏيئي چيو تہ |
|
| 2 |
|
| ”ٺيڪ آهي، تو جيڪي چيو سو آءٌ ڄاڻان ٿو، پر هڪ انسان ڪهڙيءَ طرح خدا جي آڏو سچو ثابت ٿي ٿو سگھي؟ |
|
| 3 |
|
| جيڪڏهن انسان ساڻس بحث ڪرڻ بہ چاهي، تہ سندس هڪ هزار ڳالهين مان هڪڙيءَ جو بہ جواب ڏيئي ڪين سگھندو. |
|
| 4 |
|
| خدا بيحد ڏاهو ۽ نهايت قدرت وارو آهي. ڪير آهي جيڪو سندس مقابلي ۾ اچي سلامت رهيو هجي؟ |
|
| 5 |
|
| خدا اوچتو ئي اوچتو جبلن کي هٽائي ٿو ڇڏي، بلڪ هو ڪاوڙ ۾ انهن کي اونڌو ڪري ٿو ڇڏي. |
|
| 6 |
|
| هو ڌرتيءَ کي سندس بنياد کان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀا بہ ڏڪڻ ٿا لڳن. |
|
| 7 |
|
| هو سج کي حڪم ڏيئي اڀرڻ کان روڪي ٿو سگھي. هو تارن کي پڻ چمڪڻ کان روڪي ٿو سگھي. |
|
| 8 |
|
| اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو. |
|
| 9 |
|
| هو ئي کٽ، ٽيڙو، ڪتيءَ ۽ ڏکڻ وارن برجن جو خالق آهي. |
|
| 10 |
|
| هو اهڙا تہ وڏا وڏا ۽ بيشمار عجيب ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن. |
|
| 11 |
|
| ڏس، جيڪڏهن هو منهنجي اڳيان گذري وڃي، تہ بہ آءٌ کيس ڏسي نہ ٿو سگھان. هو جيڪڏهن اڳتي لنگھي ٿو وڃي تہ بہ مون کي خبر نہ ٿي پوي. |
|
| 12 |
|
| جيڪڏهن هو ڪجھہ کسي وٺي تہ ڪير آهي جيڪو کيس روڪي سگھي؟ يا ڪنهن ۾ ايتري جرئت آهي جو کيس چوي تہ ’تون هي ڇا ٿو ڪرين؟‘ |
|
| 13 |
|
| جڏهن خدا پنهنجي ڪاوڙ ڏيکاري، تڏهن سامونڊي بلا رهب جا ساٿي بہ ڊپ وچان سندس پيرن ۾ اچي جھڪيا. |
|
| 14 |
|
| پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو آءٌ ساڻس تڪرار ڪريان، ساڻس بحث ڪرڻ لاءِ لفظ ڪٿان آڻيان؟ |
|
| 15 |
|
| جيتوڻيڪ آءٌ بيقصور بہ آهيان، تہ بہ آءٌ کيس جواب ڏيئي نہ ٿو سگھان، آءٌ پنهنجي ان ڏوهاري قرار ڏيندڙ کي رحم لاءِ رڳو منٿ زاري ئي ڪري سگھان ٿو. |
|
| 16 |
|
| جي کڻي خدا منهنجي معاملي کي پنهنجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ راضي بہ ٿئي، تہ بہ جيڪر آءٌ ويساهہ نہ ڪريان تہ هو ڪو منهنجي ٻڌندو. |
|
| 17 |
|
| انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي. |
|
| 18 |
|
| هو مون کي ساهہ پٽڻ نہ ٿو ڏئي، بلڪ مون کي سخت بيحاليءَ سان ڀري ٿو ڇڏي. |
|
| 19 |
|
| جيڪڏهن طاقت جي ڳالهہ آهي تہ بيشڪ هو ئي طاقتور آهي. جيڪڏهن انصاف جي ڳالهہ آهي تہ ڪير مون کي انهيءَ کان انصاف وٺي ڏيندو؟ |
|
| 20 |
|
| جيتوڻيڪ آءٌ بيقصور آهيان، تہ بہ منهنجي زبان ئي مون کي قصوروار قرار ڏيندي. جيتوڻيڪ آءٌ بيگناهہ آهيان، تہ بہ اها مون کي گنهگار ثابت ڪندي.“ |
|
| 21 |
|
| ”آءٌ بيگناهہ تہ آهيان، پر هاڻي مون کي زندگيءَ جي ڪا پرواهہ ڪانهي. آءٌ پنهنجي حياتيءَ کي حقير ٿو ڄاڻان. |
|
| 22 |
|
| بيشڪ انهيءَ سان ڪو فرق نہ ٿو پوي، ڇو تہ خدا بيگناهہ ۽ بدڪار کي هڪجهڙو ئي ناس ٿو ڪري. |
|
| 23 |
|
| جيڪڏهن وبا اوچتو اچي مارو ٿي وجھي، تہ هو بيگناهہ جي مصيبت تي ويهي کلي ٿو. |
|
| 24 |
|
| خدا دنيا کي بدڪارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ جي ججن جون اکيون ٻڌي ڇڏيون اٿائين. ڀلا جي خدا ائين نہ ڪيو آهي تہ ٻيو ڪير آهي؟ |
|
| 25 |
|
| منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن بنا ڪنهن خوشي ڏسڻ جي نهايت تيزيءَ سان گذرندا ٿا وڃن. هائو، اهي بلڪل اڏامندا ٿا وڃن. |
|
| 26 |
|
| اهي ڪانن جي ٻيڙيءَ وانگر تيزيءَ سان لنگھي ويا آهن، هائو، انهيءَ باز وانگر، جيڪو تيزيءَ سان پنهنجي شڪار تي لامارو ڏئي ٿو. |
|
| 27 |
|
| جيڪڏهن آءٌ چوان تہ ’آءٌ پنهنجا ڏک وساري ڇڏيندس ۽ پنهنجي اداسي ڇڏي خوش گذاريندس،‘ |
|
| 28 |
|
| تڏهن مون کي اڃا وڌيڪ ڏکن ملڻ جو ڊپ وٺيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خدا مون کي بيقصور قرار نہ ڏيندو. |
|
| 29 |
|
| جڏهن تہ مون کي اڳ ۾ ئي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تہ پوءِ آءٌ ڇا جي لاءِ اجائي جاکوڙ ڪريان؟ |
|
| 30 |
|
| آءٌ پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترو بہ کڻي ڪنهن صابڻ توڙي کار سان پاڻ کي ڌوئان، |
|
| 31 |
|
| تڏهن بہ هو مون کي بدبودار گپ واري ان کڏ ۾ غوطو ڏياريندو، ايتري قدر جو منهنجا ڪپڙا بہ مون کان نفرت ڪندا. |
|
| 32 |
|
| خدا مون وانگر انسان نہ آهي، جو آءٌ ساڻس تڪرار ڪريان، يا وري اسين ٻيئي گڏجي ڪنهن عدالت ۾ حاضر ٿيون. |
|
| 33 |
|
| ڪاش! اسان ٻنهي جي فيصلي لاءِ ڪو امين هجي، جيڪو اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪري. |
|
| 34 |
|
| پوءِ هو خدا جي لٺ مون تان پري ڪري، تہ جيئن سندس خوف مون کي وڌيڪ نہ ڊيڄاري. |
|
| 35 |
|
| تہ پوءِ آءٌ بيخوف ٿي ڳالهايان ۽ کانئس نہ ڊڄان. پر هاڻوڪي حالت ۾ تہ آءٌ ڳالهائي بہ ڪين ٿو سگھان.“ |
|
|
|
|