|
| 1 |
|
| اي خداوند! تون ڇو پري ٿي بيٺو آهين؟ منهنجي مصيبت جي وقت تون مون کان منهن ڇو ٿو موڙين؟ |
|
| 2 |
|
| بڇڙا پنهنجي مغروريءَ ۾ غريبن کي پيا آزارين. شل اُهي پاڻ ئي انهن رٿن ۾ ڦاسي پون جيڪي هو ٻين لاءِ ٿا رٿين. |
|
| 3 |
|
| بڇڙا پنهنجي نفساني خواهشن تي فخر ٿا ڪن. لالچي خداوند کي ڇڏي ٿا ڏين ۽ ان جي توهين ٿا ڪن. |
|
| 4 |
|
| بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“ |
|
| 5 |
|
| پوءِ بہ بڇڙا هر وقت سوڀارا ۽ بامراد ٿا رهن، تنهنجو انصاف هنن کي نظر ئي ڪونہ ٿو اچي. هو پنهنجي سڀني دشمنن کي حقير ٿا ڄاڻن. |
|
| 6 |
|
| هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪو لوڏو ڪين ايندو. سڀني پيڙهين تائين اسان تي ڪڏهن بہ مصيبت ڪانہ ايندي.“ |
|
| 7 |
|
| انهن جو وات دغا، لعنت ۽ ظلم سان ڀريل آهي. هائو، سندن زبان تي هر دم ٺڳي ۽ برائي آهي. |
|
| 8 |
|
| هو ڳوٺن منجھہ ڳجھين جاين تي تاڙ ۾ ويهن ٿا، تانتہ انهن کي قتل ڪن جيڪي بيگناهہ آهن. هنن جون اکيون ڳجھيءَ طرح لاچارن کي پيون تاڙين. |
|
| 9 |
|
| جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا. |
|
| 10 |
|
| اهي ظالم ڏاڍي زور زبردستيءَ سان لاچارن کي چيڀاٽيو ٿا ڇڏين، ۽ کين شڪست ڏيئي ڌرتيءَ تي ڪيرايو ٿا وجھن. |
|
| 11 |
|
| اهي بدڪار دل ۾ هيئن ٿا چون تہ ”خدا کي ڪو فڪر ئي ناهي، هن اکيون بند ڪيون آهن، سو اسان ڏانهن ڪين ٿو ڏسي.“ |
|
| 12 |
|
| اي خداوند خدا! اُٿي کڙو ٿيءُ، ۽ بدڪارن تي پنهنجو هٿ بلند ڪر. جيڪي مسڪين ڏک ۾ آهن تن کي تون نہ وسارج. |
|
| 13 |
|
| اي خدا! ائين ڇو آهي جو بدڪار ماڻهو تنهنجي حقارت ٿا ڪن؟ ائين ڇو آهي جو هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ تون کانئن بدلو ڪين وٺندين؟ |
|
| 14 |
|
| پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين. |
|
| 15 |
|
| تون بڇڙن ۽ بدڪارن جو زور ڀڃي ڇڏ. سندن بڇڙائيءَ کي اهڙو نابود ڪري ڇڏ، جو اها وري ڳولي نہ لڀي. |
|
| 16 |
|
| اي خداوند! تون هميشہ هميشہ تائين بادشاهہ رهندين، مگر بتپرست قومون ڌرتيءَ تان نابود ٿي وينديون. |
|
| 17 |
|
| اي خداوند! تون نماڻن جون التجائون ٻڌين ٿو، ۽ ٻڌندو رهندين. تون ئي انهن جون دليون پختيون ڪندين. |
|
| 18 |
|
| مظلومن ۽ يتيمن جون دانهون ٻڌي، تون سندن اهڙو انصاف ڪندين، جو مٽيءَ مان ٺهيل ڪو انسان وري ڪنهن تي ظلم نہ ڪري. |
|
|
|
|