×

Sindhi Bible 1962

زبور ١٠٠

1
اي زمين جي سڀ رهاڪو، خداوند جي حضور ۾ خوشيءَ جو آواز ڪريو.
2
خوشيءَ سان خداوند جي عبادت ڪريو: ۽ گيت ڳائيندا سندس حضور ۾ اچو.
3
اوهين پڪ ڄاڻو تہ خداوند ئي خدا آهي؛ هن ئي اسان کي پيدا ڪيو، ۽ اسين سندس ئي آهيون: اسين سندس اُمت ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.
4
شڪر گذاري ڪندا هن جي دروازن ۾، ۽ تعريف ڪندا سندس درگاهہ ۾ داخل ٿيو: هن جا ٿورا مڃيو، ۽ سندس نالي کي مبارڪ چئو.
5
ڇو جو خداوند مهربان آهي؛ ۽ هن جو رحم هميشہ تائين آهي؛ ۽ سندس وفاداري سڀني پيڙهين تائين قائم رهندي.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962
:
نوٽس محفوظ ڪريو