مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| اي ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪؤ! خوشيءَ مان خداوند جا نعرا هڻو. |
| 2 |
| اوهين گيت ڳائيندي خداوند جي حضور ۾ حاضر ٿيو، ۽ خوشيءَ سان سندس عبادت ڪريو. |
| 3 |
| اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون. |
| 4 |
| شڪرگذاري ڪندي سندس هيڪل ۾ داخل ٿيو، ۽ هن جي بارگاهہ ۾ اچي سندس واکاڻ ڪريو. اوهين سندس شڪرانو ادا ڪريو، ۽ سندس نالي کي سڳورو چئو. |
| 5 |
| بيشڪ خداوند مهربان آهي، سندس شفقت ابدي شفقت آهي، ۽ سندس وفا پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/100.mp3
150
100