Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| آءٌ رحم ۽ انصاف جو گيت ڳائيندس: اي خداوند آءٌ تنهنجي تعريف ڳائيندس. |
| 2 |
| آءٌ دانائيءَ سان سنئين واٽ وٺندس: تون مون وٽ ڪڏهن ايندين؟ آءٌ پنهنجي گهر ۾ ڪامل دل سان هلندس. |
| 3 |
| آءٌ ڪنهن خراب ڳالهہ کي پنهنجي سامهون ڪين رکندس: جيڪي خراب رستي تي ٿا هلن تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي؛ انهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي. |
| 4 |
| ڏنگي دل مون کان پري رهندي، آءٌ ڪنهن بڇڙائيءَ سان واقفيت نہ رکندس. |
| 5 |
| جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي پرپٺ گلا ٿو ڪري تنهن کي آءٌ برباد ڪندس: آءٌ بلند نظر ۽ مغرور دل جي برداشت ڪين ڪندس. |
| 6 |
| ملڪ جي ايماندارن تي منهنجي نگاهہ رهندي، تہ اهي مون سان گڏ رهن: جيڪو سنئين واٽ تي ٿو هلي سو ئي منهنجي خدمت ڪندو. |
| 7 |
| جيڪو ٺڳي ٿو ڪري سو منهنجي گهر ۾ ڪين رهندو: ۽ جيڪو ڪوڙ ٿو ڳالهائي سو منهنجي سامهون جٽاءُ ڪين ڪندو. |
| 8 |
| آءٌ هر روز صبح جو ملڪ جي سڀني بڇڙن کي برباد ڪندس؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي شهر مان سڀني خطاڪارن کي تباهہ ڪري ڇڏيان. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/101.mp3
150
101