مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس. |
| 2 |
| آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي سنئين راهہ تي هلندس. تون ڪڏهن اچي منهنجي مدد ڪندين؟ آءٌ پنهنجي بادشاهت ۾ بلڪل سچيءَ دل سان هلندس. |
| 3 |
| آءٌ ڪنهن بہ بڇڙائيءَ کي برداشت نہ ڪندس. بلڪ جيڪي ڏنگيءَ راهہ تي هلن ٿا، تن جي ڪمن کان مون کي نفرت آهي. انهن ماڻهن سان منهنجو ڪوبہ لاڳاپو ڪونهي. |
| 4 |
| آءٌ ڪنهن سان ٺڳي نہ ڪندس، نڪي برائيءَ جي ڪنهن بہ ڪم کي ويجھو ويندس. |
| 5 |
| جيڪو پٺيءَ پويان ڪنهن ٻئي جون گلائون ٿو ڪري، تنهن کي آءٌ ماٺ ڪرائي ڇڏيندس. آءٌ مغرور ماڻهوءَ جي برداشت نہ ڪندس. |
| 6 |
| منهنجيون اکيون ملڪ جي ايماندار ماڻهن تي کتل آهن، تانتہ اهي محل جي اندر مون سان گڏجي رهن. جيڪي سنئين راهہ تي ٿا هلن سي ئي منهنجي خدمت ڪندا. |
| 7 |
| جيڪي ٺڳي ڪن ٿا سي منهنجي گھر ۾ نہ رهندا. جيڪي ڪوڙ ڳالهائين ٿا سي منهنجي سامهون بيهي نہ سگھندا. |
| 8 |
| آءٌ روزانو ملڪ جي هر بڇڙي کي ناس پيو ڪندس. خداوند جي شهر مان آءٌ هر بدڪار کي برباد ڪري ڇڏيندس. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/psalms/101.mp3
150
101