|
| 1 |
|
| اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجون دانهون تنهنجي حضور ۾ پهچن. |
|
| 2 |
|
| منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي. |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجا ڏينهن دونهين وانگي اُڏاميو وڃن، ۽ منهنجون هڏيون اُماڙيءَ وانگيان سڙي ٿيون وڃن. |
|
| 4 |
|
| منهنجي دل گاهہ وانگي ڪومائجي ۽ سڪي ويئي آهي؛ ۽ آءٌ پنهنجي ماني کائڻ بہ ڀلجيو وڃان. |
|
| 5 |
|
| ڪنجهندي ڪنجهندي منهنجون هڏيون ماس سان وڃي لڳيون آهن. |
|
| 6 |
|
| آءٌ جهنگ جي پيڻ وانگي، ۽ ويران هنڌ تي جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان. |
|
| 7 |
|
| آءٌ اوجاڳا پيو ڪڍان، آءٌ انهيءَ جهرڪيءَ وانگي آهيان جا کڏ تي اڪيلي ويٺي هجي. |
|
| 8 |
|
| منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون کي طعنا پيا هڻن، ۽ جيڪي مون تي ڇتا ٿي پيا آهن سي مون تي لعنت پيا ڪن. |
|
| 9 |
|
| ڇو جو آءٌ خاڪ مانيءَ وانگر ٿو کاوان، ۽ لڙڪ گڏيل پاڻي ٿو پيئان. |
|
| 10 |
|
| اهو تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي: ڇو جو تو مون کي مٿي چاڙهيو ۽ ڪيرائي ڦٽو ڪيو آهي: |
|
| 11 |
|
| منهنجي ڄمار پاڇي وانگي گذرندي وڃي؛ آءٌ گاهہ وانگيان ڪومائجي ويو آهيان. |
|
| 12 |
|
| پر اي خداوند تون سدائين جٽاءُ ڪندين. ۽ تنهنجي يادگيري پيڙهيءَ بہ پيڙهيءَ رهندي. |
|
| 13 |
|
| تون اُٿي صيون تي رحم ڪندين: ڇو تہ انهيءَ تي قياس ڪرڻ جو وقت آيو آهي، هائو مقرر وقت اچي پهتو آهي. |
|
| 14 |
|
| ڇو جو تنهنجا بندا انهيءَ جا پٿر بہ پسند ٿا ڪن، ۽ سندس مٽيءَ تي بہ ڪهل ٿي اچين. |
|
| 15 |
|
| تنهن ڪري قومون خداوند جي نالي کان ڊڄنديون، ۽ زمين جا سڀ بادشاهہ تنهنجي جلال کان ڊڄندا رهندا: |
|
| 16 |
|
| ڇو جو خداوند صيون کي اڏايو آهي، ۽ هو پنهنجي جلال ۾ ظاهر ٿيو آهي. |
|
| 17 |
|
| هن بيوسن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏنو آهي، ۽ انهن جي دعا کي حقير نہ سمجهيو اٿس. |
|
| 18 |
|
| هيءَ ڳالهہ ايندڙ پيڙهيءَ جي لاءِ لکبي: ۽ جيڪا اُمت پيدا ٿيندي سا خداوند جي تعريف ڪندي. |
|
| 19 |
|
| ڇو جو هن پنهنجي پاڪ مڪان تان هيٺ نهاريو آهي؛ خداوند آسمان تان زمين تي نظر ڪئي آهي. |
|
| 20 |
|
| تہ قيدين جون آهون ٻڌي؛ ۽ جيڪي موت جي منهن ۾ آهن تن کي ڇڏائي. |
|
| 21 |
|
| انهي لاءِ تہ ماڻهو صيون ۾ خداوند جو نالو پڌرو ڪن، ۽ يروشلم ۾ سندس تعريف ڪن. |
|
| 22 |
|
| يعني جڏهن قومون، ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿين. |
|
| 23 |
|
| هن واٽ تي ئي منهنجي زور کي گهٽائي ڇڏيو، هن منهنجي عمر گهٽائي ڇڏي. |
|
| 24 |
|
| مون چيو تہ اي خدا منهنجي اڌ عمر ۾ مون کي کڻي نہ وٺ: تنهنجا ورهيہ تہ سڀني پيڙهين تائين پيا هلن. |
|
| 25 |
|
| تو قديم زماني ۾ زمين جو بنياد وڌو ۽ آسمان تنهنجي هٿ جي ڪاريگري آهن. |
|
| 26 |
|
| اهي نابود ٿي ويندا پر تون قائم رهندين: اهي سڀيئي پوشاڪ وانگي پراڻا ٿي ويندا؛ تون انهن کي ڪپڙن وانگي مٽائيندين ۽ اهي بدلجي ويندا: |
|
| 27 |
|
| پر تون بدلجڻ جو نہ آهين، ۽ تنهنجن ڏينهن جي پڄاڻي ڪانہ ٿيندي. |
|
| 28 |
|
| تنهنجن بندن جا ٻار هليا هلندا، ۽ سندن نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو. |
|
|
|
|