|
| 1 |
|
| اي خداوند! منهنجي دعا ٻڌ، منهنجي دانهن شل تو تائين پهچي! |
|
| 2 |
|
| منهنجي مصيبت جي ڏينهن تي تون مون کان منهن نہ موڙ، بلڪ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي. آءٌ جڏهن تو کي پڪاريان تڏهن مون کي جلدي وراڻي ڏج. |
|
| 3 |
|
| انهيءَ سبب جو منهنجي حياتي دونهين وانگر گم ٿيندي وڃي ٿي. منهنجي هڏين ۾ ڄڻڪ باهہ پيئي ٻري. |
|
| 4 |
|
| گاهہ وانگر منهنجي اميد بہ ڪومائجي سُڪي ويئي آهي، ايتري قدر جو ماني کائڻ تي بہ دل نہ ٿي ڪري. |
|
| 5 |
|
| ڪنجھندي ڪنجھندي، منهنجيون هڏيون بہ وڃي منهنجي کل سان لڳيون آهن. |
|
| 6 |
|
| آءٌ بيابان جي ڳجھہ وانگر بڻجي ويو آهيان. آءٌ ويران هنڌن جي چٻري جهڙو ٿي پيو آهيان. |
|
| 7 |
|
| مون کي اوجاڳن اچي وڪوڙيو آهي ۽ ننڊ اچي ئي ڪين ٿي. آءٌ انهيءَ پکيءَ جيان ٿي پيو آهيان، جيڪو اڪيلو ڪنهن ڇت تي ويٺو هجي. |
|
| 8 |
|
| منهنجا دشمن سڄو ڏينهن مون تي طعنا ٿا هڻن. ٽوڪ ڪندڙ ٻين تي لعنت ڪرڻ ۾ منهنجي نالي جو مثال ڏين ٿا. |
|
| 9 |
|
| تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي. |
|
| 10 |
|
|
|
| 11 |
|
| منهنجي حياتي شام جي وهامندڙ پاڇي وانگر گذرندي ٿي وڃي، ۽ آءٌ گاهہ وانگر ڪومائبو ٿو وڃان. |
|
| 12 |
|
| پر اي خداوند! تون تخت تي سدائين قائم رهندين، پيڙهي بہ پيڙهي تنهنجي نالي جي يادگيري رهندي. |
|
| 13 |
|
| تون اُٿ ۽ صيئون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر، ڇاڪاڻ تہ هي ئي وقت آهي جو تون انهيءَ تي ترس کائين. هائو، انهيءَ جي مدد ڪرڻ جو وقت اچي پهتو آهي. |
|
| 14 |
|
| اسان تنهنجي ٻانهن کي تنهنجي شهر جي پٿرن سان بہ ايترو تہ پيار آهي، جو انهن کي کنڊر واري مٽيءَ ۾ پيل ڏسي اسين ڏک سان ڀرجي ٿا وڃون. |
|
| 15 |
|
| پوءِ جڏهن خداوند پنهنجي بچائڻ واري قدرت ڏيکاريندو، تڏهن دنيا جون سڀ قومون ڏسي ڊڄي وينديون، هائو، دنيا جا سمورا بادشاهہ سندس جلال کان ڊڄندا. |
|
| 16 |
|
| ان وقت خداوند صيئون کي وري تعمير ڪندو، ۽ ائين هو پنهنجي عظمت ظاهر ڪندو. |
|
| 17 |
|
| هو قوم جي مسڪين جلاوطنن جي دعا ڏانهن ڌيان ڏيندو، ۽ سندن دعا کي حقير نہ ڄاڻيندو. |
|
| 18 |
|
| سو ايندڙ پيڙهيءَ لاءِ خداوند جا اهي ڪم لکيا وڃن، تانتہ جيڪا پيڙهي پيدا ٿيندي سا خداوند جي واکاڻ ڪري تہ |
|
| 19 |
|
| ” خداوند عرش عظيم تان هيٺ ڌرتيءَ تي نظر ڪئي آهي. هائو، هن پنهنجي پاڪ جاءِ تان هيٺ نهاريو آهي. |
|
| 20 |
|
| هن جلاوطنن جون آهون ٻڌي نگاهہ ڪئي آهي، تانتہ هو انهن کي ڇڏائي جيڪي موت جي منهن ۾ آهن.“ |
|
| 21 |
|
| جڏهن خداوند صيئون کي وري اڏيندو، تڏهن ماڻهو اتي يروشلم ۾ سندس نالي جي واکاڻ پيا ڪندا. |
|
| 22 |
|
| انهيءَ وقت سڀيئي قومون ۽ بادشاهتون، خداوند جي عبادت ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون. |
|
| 23 |
|
| اي خدا! تو ڦوهہ جوانيءَ ۾ ئي منهنجو زور ٽوڙي ڇڏيو آهي. تو منهنجي حياتيءَ کي بلڪل گھٽائي ڇڏيو آهي. |
|
| 24 |
|
| اي منهنجا خدا! منهنجي التجا آهي تہ اڌ عمر ۾ ئي منهنجي حياتيءَ جي ڏور نہ ڪٽ. تون ازل کان ابد تائين پيڙهي بہ پيڙهي قائم آهين. |
|
| 25 |
|
| تو ئي قديم زماني کان زمين جو بنياد وڌو هو، ۽ آسمان پڻ تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن. |
|
| 26 |
|
| اهي سڀ نابود ٿي ويندا، رڳو تون ئي باقي رهندين. سڀيئي شيون پوشاڪ وانگر پراڻيون ٿي وينديون، انهن کي تون ڪپڙن جيان هٽائيندين ۽ اهي نابود ٿي وينديون. |
|
| 27 |
|
| پر تون جيئن آهين تيئن ئي رهندين ۽ ڪين بدلبين، نڪي ڪڏهن تنهنجي ڏينهنِ جي پڄاڻي ٿيندي. |
|
| 28 |
|
| تنهنجي هنن ٻانهن جا ٻار سلامتيءَ سان پيا گذاريندا، هائو، تنهنجي قوم جو نسل تنهنجي حضور ۾ قائم رهندو. |
|
|
|
|