|
| 1 |
|
| اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ؛ ۽ جيڪي منهنجي اندر آهي سو سڀ هن جي پاڪ نالي کي مبارڪ چوي. |
|
| 2 |
|
| اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار. |
|
| 3 |
|
| هو تنهنجا سڀيئي گناهہ بخشي ٿو؛ ۽ تنهنجا مڙيئي مرض مٽائي ٿو؛ |
|
| 4 |
|
| هو تنهنجيءَ حياتيءَ کي برباديءَ کان ٿو ڇڏائي؛ هو توکي ٻاجهہ ۽ رحم جو ڇٽ ٿو ڍڪائي. |
|
| 5 |
|
| هو توکي ساري عمر چڱين شين سان ڍءُ ٿو ڪرائي؛ ۽ تون عقاب وانگر نئين سر جوان ٿو ٿين. |
|
| 6 |
|
| خداوند سڀني ستايلن لاءِ راستي ۽ انصاف عمل ۾ ٿو آڻي. |
|
| 7 |
|
| هن پنهنجون واٽون موسيٰ کي ڏيکاريون، ۽ پنهنجا ڪم بني اسرائيل تي پڌرا ڪيا. |
|
| 8 |
|
| خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، غصي ڪرڻ ۾ ڍرو، ۽ رحم سان ڀرپور آهي. |
|
| 9 |
|
| هو سدائين ڪين پيو ڇينڀيندو؛ نيڪي پنهنجو غصو هميشہ جي لاءِ رکندو. |
|
| 10 |
|
| هن اسان جي گناهن موافق اسان سان هلت ڪين ڪئي آهي، نڪي اسان جين خطائن موجب اسان کي بدلو ڏنو اٿس. |
|
| 11 |
|
| ڇو تہ جيئن آسمان زمين کان گهڻو مٿي آهي، تيئن هن جو رحم انهن تي ججهو ئي آهي جي کانئس ڊڄن ٿا. |
|
| 12 |
|
| جيترو اُڀرندو الهندي کان پري آهي، اوترو ئي هن اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪيا آهن. |
|
| 13 |
|
| جيئن پيءُ پنهنجي ٻارن تي ڪهل ٿو ڪري، تيئن خداوند انهن تي ڪهل ٿو ڪري جي کانئس ڊڄن ٿا. |
|
| 14 |
|
| ڇو جو هن کي اسان جي طبيعت جي خبر آهي؛ ۽ ياد اٿس تہ اسين خاڪ آهين. |
|
| 15 |
|
| انسان جي حياتي گاهہ جي مثل آهي؛ هو جهنگلي گل وانگي وڌي ٿو. |
|
| 16 |
|
| پر جڏهن مٿس واءُ ٿو لڳي تڏهن هو گم ٿيو وڃي؛ ۽ وري انهي جي جاءِ جي بہ خبر نٿي پوي. |
|
| 17 |
|
| پر جن کي خداوند جو ڊپ آهي، تن تي سندس رحم ازل کان ابد تائين آهي، ۽ سندس راستبازي انهن جي اولاد جي اولاد تي هلندي اچي. |
|
| 18 |
|
| يعني انهن تي جيڪي هن جي عهد کي مڃين ٿا، ۽ سندس حڪمن کي ياد رکي انهن تي عمل ٿا ڪن. |
|
| 19 |
|
| خداوند پنهنجو تخت آسمان ۾ قائم ڪيو آهي؛ ۽ سندس حڪومت سڀني تي ٿي هلي. |
|
| 20 |
|
| اي خداوند جا فرشتا، اوهين جي طاقتوارا آهيو، ۽ هن جي ڪلام جو آواز ٻڌي مٿس عمل ٿا ڪريو، سي کيس مبارڪ چئو. |
|
| 21 |
|
| اي خداوند جا لشڪر، اوهين جي سندس خدمت ڪرڻ وارا آهيو ۽ هن جي مرضيءَ تي ٿا هلو، سي خداوند کي مبارڪ چئو. |
|
| 22 |
|
| اي خداوند جي ساري خلقت، هن جي بادشاهت ۾ سڀ ڪنهن هنڌ کيس مبارڪ چئُہ: اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. |
|
|
|
|