|
| 1 |
|
| آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، هائو، پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس پاڪ نالي جي واکاڻ ڪريان ٿو. |
|
| 2 |
|
| آءٌ پنهنجي دل سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو، آءٌ هن جي ڪنهن بہ احسان کي نہ ٿو وساريان. |
|
| 3 |
|
| هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي. |
|
| 4 |
|
| هو ئي مون کي پاتال ۾ ڪرڻ کان بچائي ٿو. هو ئي مون کي دائمي شفقت ۽ رحمت جو تاج پارائي ٿو. |
|
| 5 |
|
| هو ئي مون کي سڄي عمر دنيا جون سڀ چڱيون شيون عطا ڪري ٿو، تانتہ آءٌ نئين سر جوان ٿي طاقتور عقاب وانگر گذاريان. |
|
| 6 |
|
| خداوند سچائيءَ سان ڪم ڪندي سڀني مظلومن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. |
|
| 7 |
|
| هن پنهنجين راهن کي موسيٰ آڏو ظاهر ڪيو، ۽ پنهنجي عجيب ڪمن کي بني اسرائيل آڏو پڌرو ڪيائين. |
|
| 8 |
|
| خداوند رحيم ۽ ڪريم آهي، هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ ٻاجھہ سان ڀرپور آهي. |
|
| 9 |
|
| هو قوم کي سدائين ڇينڀيندو ڪين رهندو، نڪي وري هو پنهنجي غصي کي هميشہ لاءِ جاري رکندو. |
|
| 10 |
|
| هو اسان جي ڪيل گناهن موجب اسان سان هلت نہ ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو. |
|
| 11 |
|
| جيترو آسمان زمين کان مٿي آهي، اوتري ئي انهن تي خداوند جي رحمت جھجھي آهي، جيڪي سندس خوف رکن ٿا. |
|
| 12 |
|
| جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو. |
|
| 13 |
|
| جيئن ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن جي مٿان ڪهل ڪري ٿو، تيئن ئي خداوند انهن تي ڪهل ڪري ٿو، جيڪي سندس خوف رکن ٿا. |
|
| 14 |
|
| هو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا مان ٺهيل آهيون. هائو، کيس اهو ياد رهي ٿو تہ اسين رڳو خاڪ آهيون. |
|
| 15 |
|
| فاني انسان جي حياتي رڳو گاهہ مثل آهي، هائو، اها جھنگلي گل جيان ٿوري وقت لاءِ ٽِڙي ٿي. |
|
| 16 |
|
| جيئن ئي انهيءَ تي واءُ لڳي ٿو تہ اهو گم ٿيو وڃي، پوءِ وري انهيءَ جي پنهنجي جاءِ کي بہ انهيءَ جو پتو نہ ٿو پوي. |
|
| 17 |
|
| پر جيڪي خداوند جو خوف رکن ٿا، تن تي ازل کان وٺي ابد تائين سندس رحمت وسي ٿي. هن جي ڀلائي سندن اولادن جي اولادن تي پڻ هلندي اچي ٿي، |
|
| 18 |
|
| يعني انهن سڀني تي جيڪي سندس عهد تي قائم رهن ٿا، جيڪي هن جي حڪمن تي دل وَ جان سان عمل ڪن ٿا. |
|
| 19 |
|
| خداوند پنهنجو تخت عرش عظيم تي قائم ڪيو آهي، هر شيءِ تي سندس ئي حڪومت هلي ٿي. |
|
| 20 |
|
| اي خداوند جا سگھارا فرشتؤ! خداوند جي واکاڻ ڪريو. هائو، اوهين جيڪي سندس هر حڪم جي بجاآوريءَ لاءِ هميشہ تيار رهو ٿا. |
|
| 21 |
|
| اي خداوند جي سموري آسماني مخلوق! هائو، اوهين سڀ جيڪي سندس خدمتگار آهيو، ۽ سندس مرضيءَ تي هلو ٿا، سي سڀيئي سندس واکاڻ ڪريو. |
|
| 22 |
|
| اي خداوند جي سڄي خلقت! انهيءَ جي واکاڻ ڪر، انهيءَ جي پوري بادشاهت ۾، هائو، هر هنڌ کيس سڳورو چئُہ. آءٌ بہ دل وَ جان سان خداوند جي واکاڻ ڪريان ٿو. |
|
|
|
|