|
| 1 |
|
| اي منهنجي جان تون خداوند کي مبارڪ چئو. اي خداوند منهنجا خدا تون تمام عظيم آهين؛ تون شان ۽ شوڪت سان ڍڪيل آهين. |
|
| 2 |
|
| تون نور کي پوشاڪ وانگر ٿو پهرين: ۽ آسمان کي پردي وانگي ٿو پکيڙين: |
|
| 3 |
|
| تون پنهنجي بالاخاني جا شهتير پاڻيءَ تي ٿو رکين؛ ۽ ڪڪرن کي پنهنجو رٿ ٿو ڪرين؛ ۽ واءُ جي پرن تي ٿو رهين. |
|
| 4 |
|
| تون پنهنجن فرشتن کي هوا وانگر ٿو بنائين؛ ۽ پنهنجن خادمن کي باهہ جا شعلا: |
|
| 5 |
|
| تو زمين کي انهي جي بنياد تي قائم ڪيو، تہ هو ڪڏهن بہ مٽجي نہ وڃي. |
|
| 6 |
|
| تو انهيءَ کي اونهي سمنڊ سان لباس وانگر ڍڪي ڇڏيو؛ ۽ پاڻي جبلن کان بہ مٿي هئا. |
|
| 7 |
|
| تنهنجيءَ ڇينڀ تي اهي ڀڄي ويا؛ ۽ تنهنجيءَ گجگوڙ جي آواز تي اهي جلدي ويا هليا؛ |
|
| 8 |
|
| اُهي انهيءَ جاءِ تي پهچي ويا جا تو انهن لاءِ تيار ڪئي هئي؛ ۽ جبل وري مٿي آيا، ۽ واديون ويهي ويون. |
|
| 9 |
|
| تو انهن جي لاءِ هڪڙي حد ٺهرائي آهي تہ انهيءَ کان ٻاهر نہ نڪرن؛ ۽ وري زمين کي ڍڪي نہ ڇڏين. |
|
| 10 |
|
| هو وادين ۾ چشما جاري ٿو ڪري؛ جي جبلن مان ٿا نڪرن: |
|
| 11 |
|
| انهن مان جهنگ جا سڀ جانور پاڻي ٿا پيئن، ۽ جهنگ جا گڏهہ بہ اچيو اُڃ لاهين. |
|
| 12 |
|
| انهن ڪنڌين تي آسمان جا پکي آکيرا ڪري ٿا ويهن، ۽ ٽارين ۾ لاتيون پيا ڳائين. |
|
| 13 |
|
| هو پنهنجي بالاخانن مان جبلن تي مينهن ٿو وسائي: تنهنجيءَ ڪاريگريءَ جي ڦل سان زمين ڍءُ ٿي ڪري. |
|
| 14 |
|
| هو ڍورن لاءِ گاهہ، ۽ انسانن جي ڪم لاءِ ڀاڄي ٿو اُڀرائي؛ تہ زمين مان خوراڪ پيدا ڪري. |
|
| 15 |
|
| ۽ شراب جو ماڻهن جي دل کي خوش ٿو ڪري، ۽ تيل جو سندن چهري کي چمڪائي ٿو ۽ ماني جا ماڻهوءَ کي طاقت ٿي ڏئي. |
|
| 16 |
|
| خداوند جي وڻن کي پورو پاڻي ٿو ملي؛ يعني لبنان جا ديودار جي هن پوکيا آهن؛ |
|
| 17 |
|
| جن ۾ پکي پنهنجا آکيرا ٿا جوڙين: ۽ صنوبر جي وڻن ۾ لقلق پنهنجو گهر جوڙيو آهي. |
|
| 18 |
|
| وڏا جبل جهنگلي ٻڪرن جي لاءِ آهن؛ ۽ ٽڪريون سهن جي پناهہ آهن. |
|
| 19 |
|
| هن چنڊ کي مندن جي لاءِ مقرر ڪيو: ۽ سج کي پنهنجي لهڻ جي مهل معلوم آهي. |
|
| 20 |
|
| تون اونداهي ٿو ڪرين تہ رات ٿي ٿئي؛ جنهن ۾ جهنگ جا سڀيئي جانور ٻاهر نڪري ٿا اچن. |
|
| 21 |
|
| جوان شينهن شڪار جي پٺيان گجگار ٿا ڪن، ۽ خدا کان پنهنجو کاڌو ٿا گهرن. |
|
| 22 |
|
| سج نڪرڻ مهل اهي هليا ٿا وڃن، ۽ پنهنجين غارن ۾ وڃي سمهي ٿا پون. |
|
| 23 |
|
| انسان پنهنجي ڪم تي ٿو نڪري ۽ سانجهيءَ تائين پورهئي ۾ لڳو ٿو رهي. |
|
| 24 |
|
| اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ بيحد آهن! تو انهن سڀني کي دانائيءَ سان جوڙيو آهي: زمين تنهنجي خزانن سان ڀرپور آهي. |
|
| 25 |
|
| ڏسو هو وڏو ۽ ويڪرو سمنڊ، جنهن ۾ سرندڙ شيون ۽ ننڍا توڙي وڏا بيشمار جانور آهن. |
|
| 26 |
|
| انهي تي جهاز ٿا هلن؛ ۽ منجهس مانگر مڇ بہ آهن، جن کي تو انهيءَ ۾ راند ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي. |
|
| 27 |
|
| انهن سڀني کي تنهنجو آسرو آهي، تہ تون کين وقت تي کاڌو ڏين. |
|
| 28 |
|
| جيڪي تون انهن کي ڏين ٿو سو اهي وٺن ٿا؛ تون پنهنجي مٺ ٿو کولين تہ اهي چڱين شين سان ڍءُ ٿا ڪن. |
|
| 29 |
|
| تون پنهنجو منهن لڪائين ٿو، تہ اهي پريشان ٿا ٿين؛ تون انهن جو ساهہ ٿو ڪڍين تہ اهي مريو وڃن، ۽ وري مٽيءَ ۾ وڃيو ملن. |
|
| 30 |
|
| تون پنهنجو روح ٿو موڪلين تہ اهي پيدا ٿا ٿين؛ ۽ تون زمين جي سطح کي نئين سر آباد ٿو ڪرين. |
|
| 31 |
|
| شل خداوند جو جلال هميشہ تائين رهي؛ شل خداوند پنهنجي ڪمن کان خوش ٿئي: |
|
| 32 |
|
| هو زمين ڏانهن نهاري ٿو تہ اُها ڏڪيو وڃي، هو جبلن کي ڇهي ٿو تہ انهن مان دونهون ٿو نڪري. |
|
| 33 |
|
| جيسين آءٌ جيئرو رهندس تيسين خداوند جي حضور ۾ گيت ڳائيندس: جيسين آءٌ حيات آهيان تيسين خدا جي تعريف ڳائيندو رهندس. |
|
| 34 |
|
| شل منهنجا خيال کيس پسند اچن: آءٌ خداوند ۾ خوش رهندس. |
|
| 35 |
|
| شل گنهگار زمين تان فنا ٿي وڃن، ۽ بدڪار باقي نہ رهن. اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ. خداوند جي تعريف ڪريو. |
|
|
: |
| ١ | | ٢ | | ٣ | | ٤ | | ٥ | | ٦ | | ٧ | | ٨ | | ٩ | | ١٠ | | ١١ | | ١٢ | | ١٣ | | ١٤ | | ١٥ | | ١٦ | | ١٧ | | ١٨ | | ١٩ | | ٢٠ | | ٢١ | | ٢٢ | | ٢٣ | | ٢٤ | | ٢٥ | | ٢٦ | | ٢٧ | | ٢٨ | | ٢٩ | | ٣٠ | | ٣١ | | ٣٢ | | ٣٣ | | ٣٤ | | ٣٥ | 1
1
1 |
|
|---|
|
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/psalms/104.mp3
150
104